لاهور: انساني حقن جي پرچارڪن، سياسي ڪارڪنن ۽ سماج سڌارڪ تنظيمن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته سياسي پارٽين ۾ قائم ڪيل اقليتي ونگون ختم ڪيون وڃن. اهڙن جاکوڙي فردن جي راءِ مطابق اقليتي شاخن هجڻ سبب اقليتين سان لاڳاپيل ماڻهن کي سياسي پارٽين جي مُک ڌارا ۾ رهندي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا نه ٿا ملن.

پاڪستان مسلم اڪثريت وارو ملڪ آهي. هڪ اندازي موجب ملڪ جي ڪل آباديءَ ۾ اقليتن جي شرح 04 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ملڪ جي اڪثريتي آبادي سُني مسلڪ جي پوئلڳ آهي ۽ ملڪ اندر موجود اقليتن ۾ عيسائي، هندو، سک، قادياني ۽ اقليتن جا ٻيا ننڍا گروهه به شامل آهن.

ملڪ جا اڪثريتي مذهبي گروهه اقليتن کي عام طور نظرانداز ڪندا رهن ٿا ۽ ان تصور جا قائل آهن ته انهن جا لاڳاپا غيرملڪي عنصرن سان جڙيل آهن. ”آل ڪرسچن سينٽس“ نالي پشاور ۾ واقع چرچ مٿان حملو ڪرڻ کانپوءِ دهشتگرد گروهه ”جِندُالله“ پاران ذميواري قبول ڪندي چيو ويو هو ته ”اهي اسلام جا دشمن آهن، جنهن ڪري ئي اسان کين نشانو بڻايو آهي. پاڪستان جي سرزمين تي موجود غيرمسلمن خلاف اسان پنهنجا حملا جاري رکنداسين“.

رياست جي موقف جي حمايت ڪندڙ سياسي پارٽين پاران اقليتن جي سرگرمين کي هڪ خاص دائري اندر محدود رکڻ خاطر ئي اقليتي ونگز قائم ڪيون ويون آهن. چند پارٽين کان علاوه پاڪستان جي باقي سمورين سياسي پارٽين اندر اقليتي ونگون قائم ٿيل آهن. اقليتن سان لاڳاپيل ماڻهو اڪثر ڪري اها شڪايت ڪندا رهندا آهن ته پارٽين اندر اقليتن جي ڌار تنظيم سازي ڪرڻ سبب هو مک سياسي ڌارا جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا ڇو ته اقليتن جو سياسي ڪردار بنهه محدود ڪيل هوندو آهي.

اقليتن جي ڌار ونگ هجڻ جي هڪ ٻي خرابي اها به آهي ته جڏهن ڪو غيرمسلم سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪندو آهي ته هن جي ڪارڪردگيءَ کي سندس قابليت، مهارت ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتن جي معيار مطابق ناهي پرکيو ويندو پر هن جو ڪردار صرف اقليتن جي شعبي لاءِ ئي محدود رهندو ايندو آهي.

1947 ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي 1984 تائين پاڪستان جا شهري بنان فرق جي ووٽ ڏيندا هئا.

1985 ۾ فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق قاديانين سميت سمورين مذهبي اقليتن لاءِ ڌار اليڪشن وارو قانون متعارف ڪرايو. اقليتن لاءِ لازم ٿي پيو ته اهي پاڻ کي غيرمسلم ظاهر ڪن جنهن بعد ئي اهي قومي اسيمبليءَ جي اقليتن لاءِ مخصوص 05 سيڪڙو سيٽن لاءِ ووٽ ڏئي سگھڻ جا اهل ٿي پئي سگھيا.

”يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪميشن آن انٽرنيشنل رليجس فريڊم (يوايس سي آءِ آر) مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن سان متڀيد ختم ڪيو وڃي. عالمي دٻاءُ جيئن ته وقت سان گڏ وڌندو رهيو ان جي ڪري جنرل پرويز مشرف پاران جنوري 2002 ۾ گڏيل چونڊن وارو نظام بحال ڪيو ويو، جنهن تحت قاديانين کي به برابريءَ آڌار ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿيو، پر صدرمملڪت مٿان سخت گير مذهبي ڌرين جو دٻاءُ وڌڻ لڳو ۽ هن نيٺ سندن مطالبو تسليم ڪندي عيسائين، هندن ۽ ٻين اقليتن کي گڏيل نظام تحت ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو پر قاديانين جون الڳ ووٽر لسٽون تيار ڪرڻ جي حڪمت عملي لاڳو ڪئي.

آئين جي شق 51 (4) قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتن کي 10 ۽ آئين جي شق 106 چئني صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن کي مخصوص سيٽون والارڻ جو حق ڏئي ٿي. چونڊن جي نتيجي ۾ سياسي پارٽين کي جيتريون سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي آهي انهن جي تناسب آڌار سياسي پارٽين جي اڳواٽ جمع ڪرايل فهرست موجب اقليتن جي نامزد اميدوارن کي اسيمبلين جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويندو آهي. 4
ماهرن جي راءِ آهي ته عوامي نمائندگيءَ جي 1976 واري قانون ۽ ضابطن مطابق اليڪشن ڪميشن مذهبي اقليتن کي ملڪ جي مک سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قانونن ۾ ترميمون ڪري سگھي ٿي.

پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر خليل طاهر سنڌو موجوده وقتن ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت ۾ انساني حقن جي وزير طور شامل آهي. نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هو ذاتي طور تي اقليتي ونگن جي خلاف آهي ۽ مطالبو ڪري ٿو ته اقليتن کي برابريءَ جي بنياد تي چونڊ وڙهڻ جو اهڙو ئي حق ڏنو وڃي جيڪو ٻين پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي حاصل آهي.

خليل طاهر سنڌوءَ چيو ته ”هتي اسان ٻن ترميمن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون هڪ پاڪستان جي آئين ۾ ڪرڻي پوندي جنهن آڌار اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن واري حڪمت عملي ختم ڪرڻي پوندي. ٻي ترميم پارٽيز ايڪٽ آف پاڪستان ۾ ڪرڻي پوندي جنهن آڌار اقليتن کي پارٽي ٽڪيٽن آڌار عام سيٽن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل ٿيندو“.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اقليتي ونگ جي صدر شنيلا رُٿ جو هن معاملي بابت موقف مختلف آهي. کيس يقين آهي ته سياسي پارٽين اندر اقليتي ونگ پاڪستان جي صورتحال مطابق ضروري آهي ڇاڪاڻ ته حقيقت اها آهي ته اقليتون اڃان به مسئلن ۾ جڪڙيل گروهه آهن ۽ وٽن موثر نمائندگيءَ جي کوٽ آهي.

شنيلا رُٿ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن اقليتن کي مکيه پارٽيءَ ۾ ضم ڪيو ويندو ته پوءِ اقليتي فرد پنهنجي سڃاڻپ ئي وڃائي ويهندا. اهڙي پريشانيءَ سبب اقليتون سياسي پارٽين اندر ڌار تنظيم سازيءَ کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪنديون رهن ٿيون. سواءِ ان صورت ۾ ته جڏهن اقليتون سياسي ۽ سماجي سطح تي گھڻيون منظم ٿي وڃن ته ان بعد مک ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي ڳالهه ڪري سگھجي ٿي پر ان هوندي به اقليتي ونگ ختم ڪرڻ ڪنهن ريت مناسب نه هوندو“.

متحده قومي مومينٽ (پاڪستان) جي سربراهه فاروق ستار ٻڌايو ته اسانجي پارٽي ”ڪرسچن پيپلز الائنس“ سان ايم ڪيو ايم اندر قائم اقليتن جي ونگ ختم ڪرڻ واري واعدي تي ڪاربند آهي. تنهن هوندي به سندس راءِ هئي ته متبادل راهه طئي ڪرڻ کانسواءِ اقليتي ونگ ختم ڪرڻ سان اقليتن جي شناخت وارو نئون بحران پيدا ٿي پوندو.

هن اهو پڻ چيو ته ”اقليتن جي تشخص جي مڪمل بحاليءَ خاطر سياسي پارٽين کي گھرجي ته اقليتن سان لاڳاپو رکندڙ پنهنجي ڪارڪنن کي ڪوآرڊينيشن وارين مرڪزي ڪاميٽين ۾ نمائندگي ڏين ۽ کين اها به اجازت ڏين ته اهي جنرل سيٽن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ خاطر پارٽي ٽڪيٽون حاصل ڪري سگھن ٿا“.

ڊاڪٽر فاروق ستار جي راءِ هئي ته ”اقليتن“ واري اصطلاح کي به آئين مان ختم ڪري ڇڏڻ گھرجي.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻ ايم پي اي شرميلا فاروقيءَ جو چوڻ هو ته ”اقليتن جي آواز کي سگھ ڏيڻ جي حوالي سان اقليتي ونگز سهڪاري ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. مان سمجهان ٿي ته اقليتي ونگ ڪنهن به ريت ختم نه ٿيڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته اهي اقليتن کي انهيءَ طرح سان منظم شڪل ۾ سياست ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿيون جو اهي انهن ونگن ذريعي پنهنجي خدشن جو خاتمي لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ واري سرگرمي ڪندا رهن ٿا“.

لاهور مان شايع ٿيندڙ انگريزي اخبار ”دي نيشن“ ۾ ڪالم لکندڙ سياسي تجزئي نگار سيمسن سائمن شرف سياسي پارٽين ۾ اقليتي ونگ واري معاملي بابت راءِ ڏيندي چيو ته ”مان سياسي پارٽين ۾ اقليتي ونگ هجڻ جو حامي نه آهيان، پاڪستان جي مسلمان برادريءَ سان اقليتن جي هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهي اقليتي ونگون ڪنهن هڪ فرد لاءِ به مددگار ثابت ناهن ٿي رهيون، پر اهي ته کين قومي هم آهنگيءَ کان ڌار ڪري رهيون آهن.

جڏهن ته اهي ڌار تنظيمون پاڪستان ۾ لاڳو گڏيل چونڊ نظام سان تضاد پيدا ڪندڙ آهن. ان ڪري جيڪڏهن اسان کي گڏيل چونڊ نظام وارو حق حاصل آهي ته پوءِ اسان کي اقليتن جي ووٽن جي اهميت کي سمجهڻ بابت به جدوجهد ڪرڻ گھرجي. پاڪستان جي غيرمسلم ووٽرن جي ووٽ جي گھڻي اهميت آهي. اقليتن وٽ پاڪستان جي 78 تڪن ۾ نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ واري اهميت جيترا ووٽ آهن.

ان جو سڀ کان تازو مثال سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 114 ڪراچيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ کي حاصل ٿيل ڪاميابيءَ وارو نتيجو آهي ان تڪ ۾ عيسائين جا 35 هزار ووٽ آهن ۽ جيئن ته پاڪستان پيپلزپارٽي سيڪيولر موقف رکندڙ پارٽي آهي ۽ بلاول ڀٽو عيسائي برادريءَ سان تعلق رکندڙن ووٽرن سان به ڳالهايو ان ڪري ئي پيپلزپارٽي عيسائين جا ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي جيڪي 2013 واري اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي حاصل ٿيا هئا.
اهو ئي پاڪستان جي اقليتن جي طاقت جو هڪ رخ آهي، پر سياسي پارٽين مان اقليتي ونگن جي خاتمي واري مطالبي خاطر اقليتي برادرين کي پنهنجي آواز کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻو پوندو ۽ ذاتي مفادن کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻ وارو عهد ڪرڻو پوندو“.

Leave a Reply