لاهور ۾ ترڪيءَ جي طرز تي موٽر سائيڪل ايمبولينس جي سهولت شروع

0
1194

لاهور: ترڪيءَ جي نقش قدم تي هلندي پنجاب حڪومت ڏکڻ ايشيا جي پهرين ”موٽر سائيڪل ايمبولينس“ سروس شروع ڪري ورتي آهي، انهيءَ سروس جو باضابطه اعلان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف لاهور ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران ڪيو هو.

ابتدائي طور تي انهيءَ رٿا کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“ طور صوبائي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ زندگي بچائڻ واري سامان سان سميت 4 سو تربيت ورتل ريسڪيو اهلڪارن جي مدد سان شروع ڪيو ويندو، جن کي 2 سو موٽر سائيڪلون مهيا ڪيون وينديون. حڪمت عمليءَ موجب انهيءَ رٿا کي بعد ۾ صوبي جي 9 ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ملتان، ڊيراغازي خان، فيصل آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال، گجرانوالا ۽ بهاولپور وغيرهه تائين ڦهلايو ويندو.

The founder Director General of Rescue 1122, Dr Rizwan: Photo by News Lens Pakistan

”پنجاب ايمرجنسي سروسز ريسڪيو 1122“ جو بنياد وجهندڙ ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رضوان هن نئين رٿا کي 07 مهينن جي رڪارڊ مختصر وقت ۾ مڪمل ڪيو آهي.

نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت ڊاڪٽر رضوان دعويٰ ڪئي ته هڪ ڏهاڪو اڳ باضابطه ايمبولينس سروس شروع ٿيڻ کان اڳ 90 سيڪڙو ماڻهو ايمبولينس جي اڻهوند ۾ اسپتال نه پهچي سگھڻ جي ڪري زندگيءَ جي بازي هاري ويهندا هئا، ”پر هاڻي اها سروس موجود هجڻ تي کين فخر ٿيندو آهي. ريسڪيو ڪرڻ وارن هن وقت تائين 50 لک ماڻهن جون حياتيون بچائي ورتيون آهن ۽ پنجاب جي 35 ضلعن اندر ايمبولينس 07 منٽن جي وٿيءَ اندر ضرورتمند تائين پهچي وڃي ٿي“.

لاهور ملڪ جو ٻيو نمبر وڏي آباديءَ وارو شهر آهي جتي اڪثر موقعن تي مختلف سببن جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ ۽ سوڙهن رستن جي ڪري عام طور تي ريسڪيو ڪارڪنن ۽ ايمبولينس لاءِ بروقت ضرورت واري جڳهه تي پهچي ابتدائي طبي امداد مهيا ڪرڻ گھڻو مشڪل پڻ هوندو آهي. اهڙين مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ترڪيءَ ۾ آزمايل طريقي جو ڳوڙهو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ پنجاب حڪومت انهيءَ طريقي واري ايمرجنسي سروس کي هتي به شروع ڪرڻ جو فيصو ڪيو.

انهيءَ حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير ترڪيءَ جا جيڪي دورا ڪيا انهن جي ڪافي اهميت آهي. لڳ ڀڳ 07 مهينا اڳ هن حڪم جاري ڪيو ته ترڪيءَ جيان ئي پنجاب ۾ به ايمرجنسي سهولتن جي اها رٿا شروع ڪئي وڃي.

ڊاڪٽر رضوان ٻڌايو ته هن رٿا لاءِ ابتدائي طور تي 150 ملين روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ 56 ملين روپيا موٽرسائيڪلن جي خريداريءَ ۽ 12 ملين روپيا ڪنٽرول روم کي اپ گريڊ ڪرڻ جڏهن ته 70 ملين روپيا زندگي بچائڻ وارين ”ڪِٽن“ جي خريداريءَ لاءِ رکيا ويا آهن. موٽر سائيڪل ايمبولينس رٿا جي عملي ڪم بابت ڳالهائيندي هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”اسان شهر اندر 50 جڳهن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي جتي موٽرسائيڪل تي پهچڻ وارا ريسڪيو ڪارڪن صبح جي 07 وڳي کان رات جي 11 وڳي تائين ٻن شفٽن ۾ موجود رهندا، ڇو ته هي اهو ئي وقت آهي جيڪو هنگامي امداد جي حوالي سان گھڻو نازڪ هوندو آهي“.

صحت جي صوبائي وزير خواجه عمران نذير جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل ايمبولينس جي رضاڪارن کي تربيت ڏيڻ وارن ”ماسٽر ٽرينرز“ کي ترڪيءَ مان ٽريننگ ڏياري وئي. هاڻي اها ماضيءَ جي ڳالهه ٿي چڪي آهي ته سوڙهين گھٽين خاص ڪري لاهور جي ڀتين اندر قائم شهري آباديءَ کي ٽريفڪ جام دوران هنگامي امداد نه ٿي پهچائي سگھجي. هنگامي طبي امداد پهچائڻ واري جديد ترين ڪِٽن سان ليس موٽر سائيڪل ايمبولينس سروس جا رضاڪار ان لائق هوندا ته ضرورت وارين گھڙين ۾ جتي به ضرورت پوندي اتي بنان دير جي پهچي ويندا ۽ ماڻهن جي زندگين کي هر ممڪن حد تائين بچائڻ جي ڪوشش ڪندا.

هِن کان اڳ ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ”ترت پهچي وڃڻ واري موٽرسائيڪل ايمبولينس سروس“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي دعويٰ ڪئي ته ٻن مهينن جي وقت اندر هيءَ سهولت صوبي جي ٻين 36 ضلعن ۾ به شروع ڪئي ويندي ڇو ته اسان ”صحت جي سهولت گھر جي دروازي تائين“ واري نعري کي عملي ساڀيان ڏيڻ چاهيون ٿا.

موٽرسائيڪل ايمبولينس سروس لاءِ ڀرتي ٿيل رضاڪار محمد مدثر رٿا شروع ٿيڻ سبب ڪافي پرجوش آهي. هن جي راءِ هئي ته ”ٽريفڪ جام سبب اڪثر موقعن تي ايمبولينس بروقت پهچي ناهي سگھندي اهڙي صورتحال ۾ اسان ماڻهن جي مدد لاءِ موجود رهنداسين ۽ ترت هنگامي طبي امداد ڏينداسين ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪئي ويندي ته ايمبولينس کي طلب ڪيو ويندو ته جيئن مريض کي وڌيڪ علاج لاءِ اسپتال ڏانهن منتقل ڪري سگھجي.

موٽرسائيڪل ريسڪيو سروس جي هڪ ٻئي ڪارڪن شاهد جو چوڻ هو ته هو پهريان به تربيت يافته آهي پر هاڻي هن ڇهن مهينن تائين خصوصي تربيت ورتي آهي جنهن ۾ کيس سيکاريو ويو آهي ته حادثي کانپوءِ روڊن تي ٽريفڪ ڦاٿل هجڻ ۽ طبي امداد جي هنگامي ضرورت هجڻ واري موقعي تي کيس ڪيئن ضرورت واري هنڌ تي پهچڻو آهي. ”اسانکي زندگي بچائڻ واري ڪِٽ، آڪسيجن جو سيلنڊر، گلوڪو ميٽرز ۽ ٻيون اهم شيون ڏنيون وينديون جيڪي اسان ابتدائي طبي امداد خاطر استعمال ڪري سگھنداسين “.

لاهور جا شهري هن سروس شروع ٿيڻ سبب ڪافي خوش آهن. نيوزلينز شهر جي ڪجهه ماڻهن کان سندن راءِ معلوم ڪئي. هڪ شهري نبيل جو چوڻ هو ته ريسڪيو 1122 وسيلي اڳ ۾ ئي شهرين کي هنگامي حالتن خاطر ايمبولينس جي سهولت مفت ۾ ملي رهي آهي ۽ هيءَ نئين موٽر سائيڪل ايمبولينس سروس به ماڻهن کي هنگامي طبي امداد جون بهتر سهولتون مهيا ڪندي.

هڪ ٻئي شهريءَ عاصم جو چوڻ هو ته ”مان لاهوري گيٽ واري شهر جي قلعي نما حصي ۾ رهندو آهيان اسانجي علائقي ۾ اڪثر گھٽيون سوڙهيون آهن ۽ هن نئين سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسانجي علائقي جا ماڻهو به حادثن ۽ هنگامي حالتن وقت پاڻ کي محفوظ سمجهڻ شروع ڪندا“.

ريسڪيو 1122 جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رضوان شهرين کي اها اپيل پڻ ڪئي ته ”ايمبولينس سروس لاءِ صرف حقيقي ضرورت واري صورت ۾ ئي ڪال ڪئي وڃي، ريسڪيو 1122 کي مذاق ۽ وقت گذاري لاءِ ڪال نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته ٿي سگھي ٿو ته غيرضروري ڪال سبب حقيقي ضرورت واري شخص جي ڪال ۾ دير ٿئي ۽ ڪنهن جي جان بچائڻ لاءِ ايمبولينس جي روانگي بروقت نه ٿي سگھي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here