لاهور: محمد شريف، آمريڪا ۾ رهي ٿو، کيس آمريڪي شهريت پڻ مليل آهي. پاڪستان جي حڪومت پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ قومي شناختي ڪارڊ (اين آءِ سي او پي) جاري ڪيا ويا ته جيئن ملڪ اندر کين سهولتون ميسر ٿي سگھن. گذريل سال تائين پرڏيهه ۾ آباد پاڪستانين لاءِ مخصوص شناختي ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه پئي آيو.

محمد شريف انهيءَ ڪارڊ کي استعمال ڪندي هڪ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرايو، موبائل فون ڪنيڪشن حاصل ڪيو ۽ ڏيتي ليتيءَ جا ٻيا ڪم ڪندو رهيو، پر هِن سال دوران بائيو ميٽرڪ مشينن محمد شريف ۽ هن جي پٽ حمزه جي اين آءِ سي او پي ڪارڊن جا تفصيل پڙهڻ کان نابري وارڻ شروع ڪري ڏني.

هڪ بئنڪ جي عملي کين آگاهي ڏني ته، هر ان شخص کي ساڳئي مسئلي سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن وٽ اين آءِ سي او پي ڪارڊ آهي.

لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ واقع نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي آفيس ۾ محمد شريف کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت اين آءِ سي او پي ڪارڊن ۾ ڏنل معلومات پڙهڻ لاءِ نئون سافٽ ويئر ڪرائي رهي آهي ۽ موجوده سافٽ ويئر جي ڪارآمد هجڻ کي معطل ڪيو ويو آهي.

محمد شريف ڏکاري انداز سان ٻڌايو ته هاڻي هو نه ڪو ئي بئنڪ اڪائونٽ کولي ٿو سگھي ۽ نه ئي ڪنهن کي پيسا اماڻي يا وصول ڪري سگھي ٿو. هو پنهنجي پٽ جو اڪائونٽ به کولرائڻ چاهي ٿو پر هاڻي ته اهو به ممڪن ناهي رهيو. کيس هتان واپس وڃڻو پئجي رهيو آهي ۽ ڪيترا ئي ڪم اڪلائڻا هئا پر سندس ڪو به ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو.

ميڊيا ۾ آيل خبرن مطابق نادرا پاران جعلي ڪارڊ جاري ڪرڻ سبب انهن کي ڪتب آڻڻ وقت مشڪل پيش اچي ٿي ۽ هاڻي ته اين آءِ سي او پي ڪارڊ رکڻ وارن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مالي مشڪلاتن کي منهن پڻ ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

نيوز لينز پاڪستان پاران نئين سافٽ ويئر متعلق وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ قائم نادرا جي مرڪزي آفيس سان رابطو ڪيو ويو ته نادرا جي ترجمان محمد فائق ٻڌايو ته نئين سافٽ ويئر جي تياريءَ جو ڪم جاري آهي ۽ اهڙيون خبرون بي بنياد آهن. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته اين آءِ سي او پي ڪارڊ رکندڙ پاڪستاني جنهن مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن ان کي ڪهڙي ريت حل ڪيو ويندو؟ ان جي جواب ۾ محمد فائق چيو ته انهن کي نئون اين آءِ سي او پي ڪارڊ حاصل ڪرڻ گھرجي.

لاهور جي ايبٽ روڊ واري علائقي ۾ قائم نادرا برانچ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد رزاقيءَ نيوز لينز پاڪستان کي وري ٻي منفرد ڪهاڻي ٻڌائي ته، اين آءِ سي او پي جاري ڪرڻ وقت پهريان آڱوٺي جا جيڪي نشان ورتا ويا اهي ڊيٽابيس ۾ شامل نه ڪيا ويا. ان جي ڪري ئي اهي سمورا ڪارڊ هاڻي مدي خارج تصور ڪيا ويندا. محمد فائق جي موقف جي ابتڙ محمد رزاقي جو چوڻ هو ته نئين سافٽ ويئر ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اين آءِ سي او پي رکندڙن کي هاڻي نئون ڪارڊ حاصل ڪرڻ گھرجي. محمد رزاقيءَ ٻڌايو ته نئين ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي في 10 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

نيوز لينز پاڪستان پاران نادرا جي ٻن آفيسرن جي موقف ۾ اهڙو تضاد هجڻ بابت جڏهن محمد فائق سان ٻيهر رابطو ڪيو ويو ته هن ان معاملي تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪو به جواب نه ڏنو.

نادرا کي عالمي سطح تي بهتر ڊيٽابيس واري اداري طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، ان هوندي به ملڪ اندر موجود ڪرپشن هن اداري جي ساک کي به خراب ڪري ڇڏيو آهي. انتطامي معاملن کان علاوه، پهريان ئي مسئلن جي وَرِ چڙهيل شهرين کي نادرا آفيسرن جي رويي سان جُڙيل مسئلن جي ڪري وڌيڪ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

عائشه خواجه نالي هڪ گھريلو عورت جنهن کي پنهنجي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ موجود غلطين کي درست ڪرائڻو پيو، ان جو چوڻ هو ته هن جو اهو تجربو انتهائي تڪيلف ڏيندڙ رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪارڊ درست ڪرائڻ خاطر سندس واسطو نادرا جي جنهن آفيسر سان پيو اها خاتون جهڙيءَ ريت لاپراوهيءَ ۽ لاتعلقيءَ واري رويي سان پيش اچي رهي هئي ڄڻ هو مٿس ڪوئي ذاتي احسان ڪندي هجي.

نيوز لينز پاڪستان پاران جنرل اسپتال لاهور جي نفسياتي مسئلن واري شعبي جي سربراهه الطاف بشير سان رابطو ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ سرڪاري ڪارندا بي رخيءَ واري انداز سان ڇو پيش ايندا آهن.

الطاف بشير ٻڌايو ته ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، پر چار سبب انتهائي واضح آهن. هڪ ته، اسان سرڪاري عملدارن کي ڊيوٽي ڪرڻ وقت مناسب رويي سان پيش اچڻ بابت ڪا به تربيت نه ٿا ڏيون، اسان جو سمورو ڌيان فني نوعيت واري تربيت تي رهندو آهي ۽ اهڙي تربيت به اڪثر ڪري پيشوراڻي انداز سان ناهي ڪرائي ويندي.

الطاف بشير پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته ٻيو سبب هي آهي ته، هڪ عملدار جي پيشوراڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ واري ڪارڪردگي سزا ۽ جزا واري ڪنهن طريقه ڪار سان جڙيل ناهي هوندي. ٽيون ته، اسان آفيسرن ۽ صارفين جي وچ ۾ اهڙي تعلق جو ڪو سلسلو پيدا ناهي ڪيو جيڪو بعد واري تبصري ۽ صلاحن واري نظام تي ٻڌل هجي. چوٿون سبب هي آهي ته اسان سرڪاري عملي کي ڪم ڪار اڪلائڻ لاءِ اڻپوريون سهولتون مهيا ڪيون ٿا.

هوڏانهن عائشا خواجه ٻڌايو ته لاهور جي ايبٽ روڊ واري علائقي ۾ واقع نادرا جي آفيس ۾ ٻه واضح مسئلا سندس مشاهدي ۾ آيا جنهن ڪري عملي جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ۽ سست رفتاري پيدا پئي ٿئي. انٽرنيٽ جي اسپيڊ گھڻي ڪمزور هئي، جنهن ڪري انٽرنيٽ هر هر بند پئي ٿي وئي ان جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر هلائيندڙ کي بار بار پاس ورڊ ڏيڻو پئي پيو اها ڳالهه به نادرا جي آفيسر کي پريشان ڪري رهي هئي.

ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊن سان لاڳاپيل عوامي مسئلن جي حل خاطر هڪ پارليامينٽري ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سمورين پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. گھرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان پاران انهيءَ ڪاميٽيءَ قائم ڪرڻ جو اعلان 15 آگسٽ واري ڏهاڙي ڪيو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته مسئلن جا بنيادي سبب جيستائين ختم نه ڪيا ويندا تيستائين اها ڪاميٽي به مسئلن جي خاتمي لاءِ واضح ڪم نه ڪري سگھندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here