ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ به ڊاڪٽرياڻي مقرر ٿيل نه آهي

0
865

ڊيرا اسماعيل خان: ڏکڻ وزيرستان جي بزرگ عورت شمع بيبي پنهنجي خاندان توڙي علائقي جي عورتن جي ان وقت پرگهور لهندي رهندي آهي جڏهن هُو اميد سان هونديون آهن.

نيولينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شمع بيبيءَ چيو آهي ته ”منهنجي قابليت ڊاڪٽرن جيتري نه آهي ان ڪري ئي مان اڪثر ڳورهارين عورتن کي اها صلاح ڏيندي آهيان ته اهي ٻين شهرن ڏانهن هليون وڃن“.

پاڪستان جي قبائلي علائقن جا رهواسي مقامي نوعيت جي منفرد مسئلن کي منهن ڏيندا رهن ٿا. قبائلي پرڳڻي جا ماڻهو مستقل طور تي تعليم، بيروزگاري ۽ امن امان جي صورتحال سان جُڙيل مسئلن ۾ جڪڙيل رهن ٿا.

صحت سان لاڳاپيل ٻين مسئلن بابت ته محتاط رهڻو ئي پوندو آهي پر ڳورهارين عورتن کي خاص ڪري ٻار جي پيدائش وقت علاج جون ڪي به سهولتون ميسر ناهن هونديون.

اهو ئي سبب آهي ته قبائلي پرڳڻي جي عورتن کي ٻار جي پيدائش وقت علاج جي بهتر سهولتن جي حاصلات خاطر ڏورانهين سفر تي قائم شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو آهي ۽ ان حوالي کان ماڻهن کي اضافي پيسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن. اهڙي صورتحال دوران اڪثر ماڻهن جون ته زندگيون به داوَ تي لڳل رهنديون آهن.

فاٽا سيڪريٽريٽ پاران 1998 ۾ ڪرايل آدمشماريءَ جي انگن اکرن مان پتو پئجي رهيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي ڪل آبادي 04 لک 29 هزار 841 فردن تي مشتمل هئي، پرڳڻي جي آباديءَ ۾ عورتن جو تعداد هڪ لک 98 هزار 761 هيو ۽ آباديءَ ۾ اضافي جي سالياني شرح 1.95 سيڪڙو هئي. ڏکين پهاڙي رستن ۽ ٽرانسپورٽ جي مناسب انتظامن جي اڻهوند سبب عام ماڻهن کي ئي سفر دوران شديد مشڪلاتون پيش اينديون رهنديون آهن اهڙي صورتحال ۾ ڳورهارين عورتن جون تڪليفون ته هيڪانديون وڌي وينديون آهن.

فاٽا جي صحت واري کاتي سان لاڳاپيل سينئر عملدار سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سردين جي ڏهاڙن ۾ ڏکڻ وزيرستان جو هيڊڪوارٽر رهندڙ شهر وانا جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال سميت علائقي ۾ 08 تعلقي اسپتالون ۽ 06 سول اسپتالون قائم ٿيل آهن، پر ڪنهن هڪ به اسپتال اندر گذريل ڏهاڪي کان عورتن جي مرضن جي هڪ به ماهر ڊاڪٽرياڻي (گائناڪالاجسٽ) مقرر ٿيل نه آهي. انهيءَ عملدار اهو پڻ چيو ته 06 تعلقي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي پوسٽ خالي پيل آهي پر جيئن ئي ڊاڪٽرياڻيءَ جي مقرري انهن اسپتالن ۾ ڪئي وڃي ٿي ته ستت ئي اها ڊاڪٽرياڻي وڌيڪ ماهرانه تعليم وٺڻ جو بهانو ڪري اتان بدلي ڪرائي هلي وڃي ٿي.

سرڪاري عملدار اهو اقرار به ڪيو ته علائقي ۾ رهائش خاطر گھربل بنيادي سهولتن جي اڻاٺ به هڪ وڏو سبب آهي جنهن ڪري ڊاڪٽرياڻين کي هن پرڳڻي ۾ نوڪري ڪرڻ خاطر ڪا ڪشش محسوس نه ٿي ٿئي. انهن سمورين ڳالهين جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هن قبائلي علائقي جي ڳورهارين عورتن کي ٻار جي پيدائش وقت علاج جون مناسب سهولتون حاصل نه ٿيون ٿين ۽ انهن کي مقامي سطح تي ملي سگھندڙ مدد تي ئي ڀاڙڻو پوي ٿو يا ڏورانهن علائقن جي اسپتالن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو.

شمع بيبيءَ مطابق ”ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن انهن خاندانن جون عورتون ئي علاج خاطر وڃن ٿيون جن جو تعلق امير گھراڻن سان هجي ٿو، غريب گھراڻن جون عورتون ته ٽوٽڪن جي مدد سان پنهنجي گھرن اندر ٻار ڄڻڻ تي مجبور آهن“.

ڊيرا اسماعيل خان شهر جي ناليواري گائناڪالاجسٽ نسيم صبا نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته وٽس ايندڙ اڪثر عورتن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان سان هوندو آهي. هن چيو آهي ته ”اڪثر ڪري ايئن ٿيندو آهي ته علاج لاءِ ايندڙ عورتن کي تڏهن ئي اسان وٽ پهچايو ويندو آهي جڏهن معاملو ڳنڀير ٿي چڪو هوندو آهي. ڳورهارين عورتن جي کاڌ خوراڪ جو مناسب خيال نه رکڻ سبب جنم وٺندڙ ٻارڙا ڪمزور ۽ لاغر هوندا آهن نتيجي ۾ ٻار ۽ ماءُ جي حياتي گھڻو ڪري داوَ تي لڳل هوندي آهي“.

ڏکڻ وزيرستان جي ”ميڪِن“ واري علائقي جي رهواسي عالمگير محسود نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ٽئين ٻار کي جنم ڏيڻ وقت سندن گھرواريءَ جي حالت گھڻي خراب ٿي وئي. اسان کيس ٽانڪ ضلعي جي اسپتال ڏانهن کنيو پئي وياسين ته هن رستي ۾ ئي مئل ٻار کي جنم ڏنو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس گھرواريءَ جي حياتي به گھڻي علاج کانپوءِ بچي آهي.

ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر مولانا صالح محمد شاهه نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”توهان عورت مريضن جي ڳالهه ٿا ڪيو اسانجي علائقي ۾ ته مرد مريضن کي به علاج جي سهولت ميسر نه آهي“. هن اهو پڻ چيو ته هن خيبرپختونخواه جي گورنر ۽ سينيئر فوجي عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته نيون اسپتالون ۽ انهن لاءِ آندل اوزار تيستائين پرڳڻي لاءِ رتيءَ برابر به لاڀائتا نه ٿا ٿي سگھن جيستائين مريضن جي علاج لاءِ ڊاڪثر مقرر نه ڪيا ويندا.

2015 کان 2017 تائين پرڳڻي ۾ پائيدار ترقيءَ بابت فاٽا سيڪريٽريٽ جي رپورٽ مطابق ڏکڻ وزيرستان جي هڪ لک عورتن مان 6 سو عورتون ٻار جي پيدائش واري عمل دوران فوت ٿي وينديون آهن. جڏهن ته هڪ هزار مان 87 تازو چاول ٻارڙا به علاج جي اڻپورين سهولتن سبب فوت ٿي ويندا آهن. فاٽا ۾ سرڪاري ته ڇڏيو سٺي معيار ۽ سهولتن واريون نجي اسپتالون به موجود نه آهن.

سول اسپتال ٽانڪ جي هڪ ملازم ٻڌايو ته ”ڏکڻ وزيرستان جون 30 کان 40 عورتون هر هفتي علاج خاطر هتي اينديون آهن. جڏهن ته سرڪاري اسپتال ڏانهن ايندڙ عورتن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻيون عورتون ٽانڪ جي نجي اسپتالن ۾ علاج لاءِ داخل ٿينديون آهن“.

فاٽا جي صحت واري کاتي سان لاڳاپيل سينئر عملدار جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر به نه آهن انهن جي نه هجڻ سبب اڪثر موقعن تي گھرن جون بزرگ عورتون ئي ويم ڪرائين ٿيون. هن وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هن علائقي جو ثقافتي پسمنظر ۽ رواج منفرد هجڻ جي ڪري عورتن پاران ليڊي هيلٿ ورڪر ٿي نوڪري ڪرڻ واري ڳالهه کي پسند ناهي ڪيو ويندو. حد ته اها آهي جو کين پنهنجي مقامي علائقي ۾ به اهڙو ڪم ڪرڻ ناهي ڏنو ويندو.

سينيٽر صالح شاهه صلاح ڏني ته ”ڏکڻ وزيرستان ۾ پريشانيءَ جو سبب بڻجندڙ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل مسئلن کي ممڪنه طور تي انهيءَ ريت حل ڪري سگھجي ٿو ته ڊاڪٽرياڻين کي هتي اچي نوڪري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پرڪشش آڇون ڏنيون وڃن ته جيئن اهي هتي رهي ڪم ڪرڻ تي راضي ٿين“.

ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي ”سرويڪئي“ ۾ تازو تعمير ٿيل اسپتال بابت اعتراضن جو اظهار ڪندي سينيٽر سيد صالح شاهه چيو ته اسپتال ۾ انتهائي جديد اوزار ۽ ٻيو سامان ته آندو ويو پر اهو سامان اڃان تائين بيڪار ئي پيو آهي ڇو ته اسپتال ۾ سرڪار پاران ڊاڪٽرن جي مقرر ناهي ڪئي وئي بس هڪ اين جي اي او پاران ئي ڪجهه ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي عام بيمارين جو ئي علاج ڪري رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here