پشاور: ايڇ آءِ وي/ايڊز جي علاج خاطر پشاور جي فيملي هيلٿ ڪيئر سينٽر تائين پهچڻ لاءِ ڪلثوم بيبيءَ کي ڪُرم ايجنسيءَ کان 250 ڪلوميٽرن جو سفر ڪرڻو پيو.

قبائلي علائقن (فاٽا) جا جيڪي 07 ضلعا وفاقي انتظاما هيٺ ڏنل آهن، ڪلثوم بيبيءَ جو تعلق انهن مان هڪ ضلعي ڪُرم ايجنسيءَ جي شهر پارا چنار سان آهي. ڪلثوم بيبيءَ ٻڌايو آهي ته ”بيماريءَ واري حالت ۾ پارا چنار کان پشاور تائين جو ڊگھو ۽ ٿڪائي وجهندڙ سفر عام مسافر بس وسيلي ڪرڻ هن لاءِ الاهي ڏکيو ٿي پيو.

خيبرپختونخواه جي ايڇ آءِ وي/ايڊز ڪنٽرول پروگرام مطابق، فاٽا جي ستن ئي قبائلي ضلعن ۾ انهن مريضن لاءِ علاج جي ڪا به سهولت موجود نه آهي جيڪي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماريءَ جو شڪار ٿي پون ٿا. ڪلثوم بيبي پنهنجي پنجن ٻارن سميت اڄڪلهه ڪرائي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ آهي. ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماريءَ جي ڪري هن جو مڙس ٻه سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي.

قبائلي پرڳڻي جي اهڙن سمورن مريضن کي علاج لاءِ پشاور ۽ ڪوهاٽ جا پنڌ ڪرڻا پون ٿا ڇو ته ايڇ آءِ وي/ايڊز جي علاج جون سهولتون حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوهاٽ ۾ ئي موجود آهن.

خيبرپختونخواه ايڇ آءِ وي/ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران مهيا ڪيل انگن اکرن مطابق، نومبر 2016 تائين فاٽا ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا 485 ڪيس سامهون آيا. جن مان 33 ڪيس باجوڙ ايجنسي، 87 خيبرايجنسي، 98 ڪُرم ايجنسي، 218 بنون، 34 مهمند ايجنسي، 28 اورڪزئي ايجنسي، 72 ڏکڻ وزيرستان ۽ 133 اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.

خيبرپختونخواه صوبي ۽ فاٽا جي قبائلي علائقن ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم ”خواندو ڪور“ پاران ڄاڻ ڏني وئي آهي ته ”فاٽا سان تعلق رکندڙ 55 پورهيتن کي نار جي عرب ملڪن پاران ايڇ آءِ وي/ايڊز جو مرض تشخيص ٿيڻ بعد بيدخل ڪيو ويو“.

”پاڪستان اندر ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري“ جي عنوان سان ڪيل تحقيق مطابق، روزگار خاطر لڏپلاڻ ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت ٻهراڙيءَ جي گھٽ هنرمند ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي انهيءَ مقصد خاطر ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ سبب ڪيترن ئي مهينن تائين پنهنجي خاندانن کان پري رهڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.

تحقيق مان پتو پيو آهي ته، وڏن شهري مرڪزن اندر ڪم ڪرڻ وارن اهڙن ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي اها خبر به ناهي هوندي ته ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري ڪهڙي طرح لڳندي آهي.

انهيءَ تحقيق ۾ چيل آهي ته ”پاڪستان جي علاج وارن مرڪزن ۾ رجسٽر ٿيل ايڇ آءِ وي/ايڊز جا لڳ ڀڳ سمورا مريض اهي پورهيت ئي آهن جيڪي روزگار سانگي نار وارن ملڪن ڏانهن ويا هئا ۽ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري ٿي پوڻ کانپوءِ کين اتان بيدخل ڪيو ويو. نار وارن ملڪن ۾ روزگار ڏيڻ کان اڳ طبي چڪاس ڪرائڻ لازم آهي جڏهن ته پورهيو ڪرڻ جي اجازت واري پرمٽ به ڪيترائي ڀيرا وٺڻي پوندي آهي. ان ڪري جن پورهيتن کي ايڊز جي بيماري وچڙي چڪي هوندي آهي انهن جي نشاندهي ترت ٿي پوندي آهي جنهن کان ستت پوءِ کين بيدخل ڪيو ويندو آهي.

انهيءَ صورتحال ۾ اڪثر پورهيتن کي ته سبب ٻڌائڻ کانسواءِ به بيدخل ڪيو ويندو آهي. بار بار ۽ ترت طبي چڪاس ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته ايڊز جو شڪار ٿي ويل گھڻي کان گھڻن بيمارن جي نشاندهي ٿي سگھي ۽ ان بنياد تي کين ملڪ بدر ڪيو وڃي، پر اڪثر اڻ ڄاڻ مريض جيڪي اڃان تندرستي محسوس ڪندا آهن اهي بيماري پنهنجي گھر واريءَ يا جنسي ساٿيءَ کي منتقل ڪرڻ جو سبب بڻجي پوندا آهن.

تحقيقي رپورٽ مان پتو پيو آهي ته، واپس گھر اچڻ بعد اهڙا پورهيت شادي ڪن ٿا يا ٻين لاءِ خطري جو سبب بڻجي پوندڙ جنسي رويي سان زندگي گهاريندا رهن ٿا ۽ پنهنجي گھرواريءَ يا جنسي ساٿيءَ ۾ ايڊز جي بيماري منتقل ڪن ٿا.

رپورٽ ۾ (پاڪستان بيورو آف اميگريشن جي حوالي سان) ٻڌايو ويو آهي ته نار جي عرب ملڪن ۾ هاڻي به لڳ ڀڳ 20 لک پاڪستاني محنت مزدوري ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي ايڊز جي بيماري لڳڻ جا شديد امڪان موجود آهن. ان کان علاوه، ملڪي سطح تي پرڏيهه مان روزگار ڪمائي موٽندڙ ايڊز جي مريضن جو پتو لڳائڻ بابت به ڪو طريقه ڪار موجود نه آهي.

رپورٽ ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته ”پرڏيهه ويندڙ انهن ماڻهن کانسواءِ جن جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي، باقي سمورن جو تعلق خيبرپختونخواه، فاٽا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان آهي. ايڊز جي بيماريءَ سميت پرڏيهه مان ايندڙ اها بيماري پنهنجي ساٿين ۾ منتقل ڪن ٿا جنهن ڪري بيماريءَ جو شڪار ٿيندڙن جو تعداد ٻيڻو ٿيندو رهي ٿو (هڪ اهڙي بيماري جيڪا ممڪنه طور تي ان صورت ۾ وڌيڪ ڦهلجڻ کان رڪجي سگھي ٿي جڏهن ان جو شڪار ٿيل فرد سان تعلق ۾ اچڻ وارن فردن جو تعداد محدود هجي يا گھڻا تعلق رکڻ وارا نه هجن) اهو ئي سبب آهي ته ايڊز جا بيمار پنهنجي جيون ساٿين ۽ شاديءَ کان علاوه تعلق ۾ ايندڙ ساٿين ۾ بيماري منتقل ڪندا رهن ٿا.

ايڇ آءِ وي/ايڊز جي فاٽا سان تعلق رکندڙ مريضن جيان صوبائي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن (پاٽا) جي مريضن کي به ڄاڻايل بيماريءَ جي علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.

پاٽا جي قبائلي پرڳڻي ۾ ايڊز مريضن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري ”ايسوسيئيشن آف ڪميونٽي ڊويلپمينٽ“ (اي سي ڊي) ۾ مئنيجر طور ذميواريون ادا ڪندڙ آصف عليءَ چيو ته ”2016 ۾ نار جي عرب ملڪن مان بيدخل ڪيل پورهيتن جا انگ اکر ڪٺا ڪيا ويا هئا انهن انگن اکرن جي مدد سان ئي اهو پتو پئجي سگھيو هيو ته سوات سان تعلق رکندڙ 34، باجوڙ ايجنسيءَ جي 25، بونير جي 18، مالاڪنڊ ايجنسيءَ جي 17، لوئر دير جي 54، اپر دير جي 21، شانگلا جي 6 ۽ چترال جي 01 رهواسيءَ کي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري لڳي چڪي آهي“.

خيبرپختونخواه صوبي جي صحت واري وزير شهرام تر ڪئي پاران 2016 ۾ ميڊيا کي ڄاڻ ڏني وئي هئي ته ”هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 97 هزار 400 تي پهچي چڪو آهي. انهن مان 16 هزار مريض نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام وٽ رجسٽر ٿيل آهن جڏهن ته انهن مان 2 هزار 584 مريض حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوهاٽ ۾ رجسٽر ٿيل آهن. وفاق جي انتظام وارن قبائلي علائقن جا 485 مريض به رجسٽر ٿيل آهن. ايڊز جي انهن مريضن ۾ 235 پرڏيهي، افغاني پناهه گير آهن.

”پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز بيماريءَ جي صورتحال بابت جائزو“ جي عنوان سان تيار ٿيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”ٻين ايشيائي ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري ڦهلجي چڪي آهي ۽ ان حوالي کان خطري جون ڪيتريون ئي علامتون به موجود آهن. پهريان پاڪستان کي اهڙو ملڪ سمجهيو پئي ويو جتي هن بيماريءَ جي ڦهلجڻ جا خدشا گھٽ هئا پر هاڻي پاڪستان انهن ملڪن جي گروپ ۾ شامل ٿي چڪو آهي جتي هي بيماري تيزي سان ڦهلجي رهي آهي.

ايڊز ڦهلائڻ وارن متحرڪ گروهن جي موجود هجڻ جي ڪري گذريل پنجن سالن دوران بيماريءَ جي ڦهلاءَ ۾ واڌارو ڏٺو ويو آهي. جيڪڏهن مناسب انداز سان تشخيص ڪئي وڃي ته بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهن جو تعداد لکن ۾ ٿي سگھي ٿو“. انهيءَ رپورٽ ۾ اها نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته، پاڪستان اندر جهڙي نوعيت جو ماحول موجود آهي ان جي مناسبت سان نوجوانن ۾ بيماري وڌيڪ ڦهلجڻ جو خطرو آهي.

ان ماحول جون خاص ڳالهيون هي آهي ته نوجوان جنسي فعل ۽ منشيات واپرائڻ بابت گھڻا پرجوش رهن ٿا ۽ پاڪستان جي خراب معاشي حالتن سبب نوجوانن جي ذهنن تي پوندڙ منفي دٻاءُ، وڏا سبب آهن. رپورٽ ۾ جن ٻين سببن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، انهن ۾ وسيع پيماني تي ڦهليل غربت، مردن ۽ عورتن وچ ۾ اختيارن جي اڻ برابري، روزگار سانگي لڏپلاڻ ڪرڻ، ايڇ آءِ وي/ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن تي نظر رکڻ بابت ڪو انتظامي نظام نه هجڻ، صحتمند هجڻ جي پڪ ڪرڻ کانسواءِ رت جي منتقلي، منشيات واپرائڻ وارن جي انگ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ اضافو، ڪنڊوم جي استعمال جي گھٽ شرح، خطري جي انهن شديد سببن مان آهن جن جي ڪري ملڪ اندر ايڊز جي بيماري تمام گھڻي تيزيءَ سان ڦهلجي سگھي ٿي.

فاٽا جي ڊائيڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر جاويد حبيب پاران ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ويو آهي ته ”فاٽا سان تعلق رکندڙ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن کي علاج جون سهولتون ميسر ڪرڻ لاءِ اسانجي عملدارن گڏيل قومن جي اداري يونيسيف کي علاج وارا مقامي سينٽر قائم ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي“.

ڊاڪٽر جاويد حبيب اها نشاندهي به ڪئي ته، فاٽا ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز مريضن جي علاج وارا سينٽر قائم ڪرڻ ۾ گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هن وقت تائين ته اسان اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا رهيا آهيون. سماجي ۽ ثقافتي اهميت وارين سختين جي ڪري اسان لاءِ سينٽر کولڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ڪجهه موقعن تي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن کي پنهنجي ماڻهن پاران پيدا ڪيل مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته، پارا چنار جي ڪلثوم بيبي ۽ فاٽا سان تعلق رکندڙ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا ٻيا مريض حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور ۽ ڪوهاٽ جي اسپتال مان علاج جي سهولت حاصل ڪري رهيا آهن، ها ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته کين ان مقصد خاطر ڊگھو سفر ڪرڻو پوي ٿو، پر ان سان کين هڪ فائدو اهو به ٿئي ٿو ته سندن بيماري راز ۾ رهي ٿي ۽ سندن اباڻي ڳوٺ جي ماڻهن کي ان بابت پتو نه ٿو پوي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.