ڪراچي (لالا حسن وٽان) سال 2002 کان پاڪستان ۾ ڪيترن ئي صحافين کي قتل ڪيو ويو پر صرف 5 صحافين جي قتل ڪيسن متعلق عدالتي ڪارروائي عمل ۾ اچي سگھي آهي. ميڊيا سان لاڳاپيل سينئر صحافين جو چوڻ آهي ته، خوف ۽ ڏوهه جي سزا کان بچي وڃڻ واري رواج (امپيونٽي) سبب صحافين جا ڪيترائي قاتل قانون جي جڪڙ ۾ اچي نه سگھيا آهن.

سال 2014 ۾ جڏهن 14 صحافي قتل ڪيا ويا ته، انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس پاران پاڪستان کي پيشه ور صحافين لاءِ انتهائي خطرناڪ پرڳڻو قرار ڏنو ويو.

ميڊيا جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ خودمختيار اداري پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف) پاران واضح ڪيو ويو آهي ته 2002 کان موجوده وقت تائين 72 پيشه ور صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي فرضن جي ادائيگيءَ دوران قتل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) مطابق مٿي ڄاڻايل عرصي دوران قتل ٿيل صحافين جو تعداد ٻيڻ تي وڌيڪ آهي، پي ايف يو جي جو اهو يقين آهي ته انهيءَ عرصي دوران 135 صحافي قتل ڪيا ويا آهن.

صحافين جي قتل جا اهي 5 ڪيس جن بابت عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، انهن ۾ جيو نيوز ٽي ويءَ جي رپورٽر ولي خان بابر جو قتل ڪيس به شامل آهي. ولي خان بابر کي سياسي تنظيم متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ڪارڪنن پاران 2011 دوران ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيو ويو.

ولي خان بابر جي وڏي ڀاءُ مرتضيٰ خان بابر حقيقتن تان پردو کڻندي ٻڌايو ته ”اسان اهو پڪو پهه ڪري ورتو هيو ته پنهنجي ڀاءُ جي قاتلن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين“.

جڏهن ولي خان بابر کي قتل ڪيو ويو ته ڪنهن هڪڙي به، ايم ڪيو ايم جي انهن ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي جرئت نه ڪئي، جيڪي ان قتل ۾ ملوث هئا.

مرتضيٰ بابر جو چوڻ هو ته ”ڪراچيءَ جا اڪثر ماڻهو ٻن الفن، هڪ الله ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف کان انتهائي گھڻو ڊنل هئا پر شهر ۾ رينجرز پاران آپريشن شروع ڪرڻ بعد اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي وئي آهي“.

هن ٻڌايو ته ”اهو اسانجو اٽل فيصلو هيو ته، اسانکي پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي پر اسان پنهنجي مقتول ڀاءُ جي ڪيس جي پوئواري ڪندا رهنداسين ڇو ته اسان پختون آهيون جن جو قديمي رواج آهي ته اهي ناموس خاطر ويڙهه وڙهندا آهن ۽ ظلم ڪرڻ وارن سان پنهنجو پلاند پاڙيندا آهن“.

سنڌ جي اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي نگرانيءَ هيٺ سنڌ پوليس پاران ولي خان بابر جا قاتل گرفتار ڪيا ويا. جن کي مارچ 2014 ۾ عدالت پاران سزا ٻڌائي وئي.

ان قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل ٻن جوابدارن کي موت جي سزا جڏهن ته 4 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي. جڏهن ته انهيءَ فيصلي خلاف سندن اپيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

ايم ڪيو ايم جي قيادت پاران ابتدائي طور تي انهيءَ ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايلن سان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ويو پر بعد ۾ ان ڪيس جي پڌرائي ”سياسي انتقام“ طور ڪئي وئي.

حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر ۽ پي ايف يو جي جي اڳواڻ خالد کوکر جو چوڻ هو ته ”مقتول صحافين جي قتل ڪيسن کي قانوني انداز سان انجام تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ پوليس جو رويو همٿائيندڙ نه آهي. مقتولن جي وارثن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ رياست جي مُک ذميواري آهي. پر ڪيترن ئي صحافين جي قتل ڪيسن جي حڪومت پاران مناسب پوئواري به نه ٿي ڪئي وڃي“.

”اهو ئي سبب آهي ته سست رفتاريءَ سان ڪم ڪندڙ پاڪستان جي انصاف واري نظام مان گذري صرف 5 صحافين جا قتل ڪيس ڪاميابيءَ سان انصاف جو پهريون ڏاڪو ٽپي انجام تائين پڄي سگھيا آهن“.

جن ڪيسن متعلق عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿي سگھي آهي انهن ۾ وال اسٽريٽ جرنل جي ڪراچيءَ ۾ مقرر نمائندي ڊينيئل پرل کي 2002 ۾ قتل ڪرڻ وارو ڪيس (جيڪو 14 سالن کان اپيل هيٺ آهي، ولي خان بابر قتل ڪيس، 2007 ۾ قتل ٿيل نثار سولنگيءَ جو ڪيس جنهن بابت عدالت پاران 2012 ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. آڪٽوبر 2013 ۾ قتل ٿيل ايوب خان خٽڪ جو ڪيس جنهن جي قاتلن کي 2016 ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ نومبر 2008 ۾ قتل ٿي ويل عبدالرزاق جوره جو قتل ڪيس شامل آهن.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پاران 2013 ۾ 02 نومبر واري ڏينهن کي ”صحافين خلاف ڏوهن جو مرتڪب ٿيندڙن جي سزا کان بچي وڃڻ واري رجحان جي خاتمي واري عالمي ڏينهن“ طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. گڏيل قومن پاران انهيءَ قرارداد ۾ اهو اصرار پڻ ڪيو ويو ته اهڙا جوڳا قدم کنيا وڃن جن وسيلي صحافين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سزا کان بچي وڃڻ واري رجحان جو خاتمو اچي سگھي.

سينيئر صحافين ۽ ماهرن جي راءِ مطابق، پاڪستان ۾ صحافين جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين جو سزا کان بچي وڃڻ واري رجحان جا جيڪي مکيه سبب آهن، قبائلي اڳواڻن جي سرپرستيءَ هيٺ انصاف مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ غير روايتي انداز سان ڪم ڪندڙ جرڳائي نظام به انهن مان هڪ آهي.

چئن صحافين جي قتل جا ڪيس اهڙن ئي جرڳن وسيلي اڪلايا ويا، انهن ڪيسن ۾ 2002 دوران مارجي ويل صحافي شاهد سومرو، 2003 ۾ قتل ٿيل امير بخش بروهي، 2004 ۾ قتل ٿيل ساجد تنولي ۽ 2010 ۾ قتل مجيب الرحمان جو قتل ڪيس شامل آهن. انهن مقتول صحافين جي وارثن مٿان دٻاءُ وجهي کين اهڙي نوعيت واري غيرشفاف ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.

تعليم، سائنس ۽ ثقافت سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو (UNESCO) پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سڄي دنيا ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي.

اظهار جي آزاديءَ لاءِ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيم آءِ فيڪس (IFEX) پاران ”سزا کان بچي سگھڻ جي ڪا گنجائش ناهي“ واري عنوان تحت هڪ مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي.

معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران 02 نومبر 2014 تي ڪيل خطاب ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته ”ڪنهن خاص خبر سان لاڳاپيل معلومات حاصل ڪرڻ واسطي ڪنهن به صحافيءَ کي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ نه گھرجي. ان سان گڏ ئي اسان سڀني کي صحافين جي حق ۾ ۽ صحافين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ گھرجي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here