اتر وزيرستان: پنهنجن توڙي سوٽ جي ٻارن سان گڏ مرتضيٰ داوڙ سِرن ۽ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويل گھر ٻاهران ويٺل آهي. هن جي پسمنظر ۾ لهندڙ سج ڄڻ ته آسمان ۾ باهه جو گولو بڻجي هن کي ۽ سندس گھر ڀاتين کي اوندهه کان بچائي رهيو هيو، شام جي پهر ۾ گھر جي ڍير مٿان پيل شيشي جي ٽٽل ٽڪرن مٿان پيل سج جا ڪرڻا تِرورا پيدا ڪري رهيا هئا.

اتر وزيرستان جي مير عليءَ واري علائقي ۾  پنهنجي گھر واپس اچڻ 48 سالن جي مرتضيٰ داوڙ لاءِ تڪليف ڀريل خوشيءَ جو سبب بڻجي پيو آهي. خوشيءَ جو سبب ان ڪري جو هو ۽ سندس گھرڀاتي ٻن سالن جي دربدريءَ کانپوءِ موٽي پنهنجي ماڳ آيا آهن. تڪليف جو سبب ان ڪري ڇاڪاڻ ته واپس اچڻ بعد کين پنهنجو گھر ڍير ۾ تبديل ٿيل مليو آهي.

گھرڀاتين جي پناهه لاءِ خيمو لڳائڻ واري ڪم دوران وِٿي ملڻ وقت ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ داوڙ ٻڌايو ته سندن ويڙهه ۽ طالبانائيزيشن سان ڪجهه نه وڃي پر پوءِ به هن جو گھر برباد ڪيو ويو آهي. گھر جو هڪڙو به ڪمرو صحيح سلامت بچيل نه آهي. کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تمام سخت سرديءَ کان بچائڻ لاءِ گھر ڀاتين کي ڪيڏانهن وٺي وڃي.

اتر وزيرستان کي ويڙهاڪن کان خالي ڪرائڻ لاءِ جون 2014 ۾ شروع ڪيل فوجي ڪارروائي ”آپريشن ضرب عضب“ جو آغاز ٿيڻ کانپوءِ مرتضيٰ داوڙ ئي اهڙو اڪيلو ماڻهو نه آهي جنهن جو گھر ڊاٿو ويو آهي. فوجي آپريشن جي ڪري لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن پاران لڏپلاڻ ڪئي وئي، انهن مان ڪيترا ماڻهو تڙتڪڙ ۾ گھرن اندر قيمتي شيون ۽ ٻيو سامان ڇڏي نڪتا جن جي گھرن مان اهو سامان ته غائب آهي ئي پر گھڻن ماڻهن جا گھر به بنان سبب جي ڊاٿا ويا آهن.

اتر وزيرستان ۾ ڪيترا گھر ڊاٿا ويا انهن جي تعداد متعلق حڪومت پاران ڪي به حتمي انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا. مئي 2016 ۾ فاٽا ڊزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽيءَ (ايف ڊي ايم اي) پاران گھرن کي پهتل نقصان بابت سروي ڪرايو ويو، ان سروي جي نتيجن مان پتو پيو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن دوران اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ خيبر ايجنسيءَ ۾ 11 هزار 663 گھرن کي مڪمل يا جزوي نقصان پهتو آهي.

اتر وزيرستان جي پوليٽيڪل انتظاميا لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي قبائليءَ، معلومات جي نوعيت حساس هجڻ سبب نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”صرف ميرعلي سب ڊويزن ۾ 15 سو کان وڌيڪ گھر تباهه ٿيا آهن. اتر وزيرستان ٽن سب ڊويزنن ميرعلي، رزمڪ ۽ ميران شاهه تي مشتمل آهي. پوليٽيڪل انتظاميا سان لاڳاپيل مقامي قبائليءَ جو چوڻ هو ته انهن کان علاوه ساڳي علائقي ۾ 5 هزار ٻين گھرن کي جزوي نقصان به پهتو آهي.

اتر وزيرستان مان ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويل ماڻهن جي پنهنجي گھرن ڏانهن واپسيءَ واري عمل کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو هيو ۽ هن وقت ٽيون مرحلو هلندڙ آهي. پوليٽيڪل انتظاميا جي اختيارين موجب اتر وزيرستان جي لڏپلاڻ ڪندڙ 82 هزار خاندانن مان هن وقت تائين 51 هزار خاندان پنهنجي اباڻن گھرن ۾ ٻيهر آباد ٿي چڪا آهن. لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٻيهر آبادڪاريءَ واري ٽئين مرحلي ۾ تيزي آندي وئي آهي ۽ 400 خاندان روزانو پنهنجي اباڻي قبائلي علائقي ڏانهن واپس اچي رهيا آهن. هڪ مهينو اڳ واپس ورندڙ خاندانن جو تعداد هاڻي جي ڀيٽ ۾ اڌ جيترو هيو.

اتر وزيرستان واپس آيلن ۾ هڪ خاندان انجنيئر اِڪرام داوڙ جو به آهي. هن ڄاڻ ڏني آهي ته ”واپسيءَ وقت هن پنهنجي ۽ مائٽن جي گھرن کي برباد حالت ۾ ڏٺو. سندس گھر ڀاتي عورتون ۽ ٻار گھر جي تباهيءَ سبب اوڇنگارون ڏئي روئي پيا. اها رات جيڪا هنن سڀني اتي گڏجي گذاري ڪڏهن به وساري نه سگھندا، کين سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته اهڙي صورتحال سبب ٻيو ڪيڏانهن وڃن. پنهنجي تباهه ٿيل گھر تائين پهچڻ به تمام گھڻو مشڪل هيو ڇو ته ٻين ڊٿل گھرن جي ملبي سبب گھٽين مان گذرڻ به ڏکيو هيو.

اِڪرام داوڙ جو چوڻ هو ته، جهڙي ريت سندس گھر تباهه ٿيل حالت ۾ هيو ساڳي حالت پاڙي جي ٻين سمورن گھرن سان به ٿيل هئي پر هو سڀ صرف ان ڳالهه تي ئي خوش هئا ته موٽي پنهنجي اباڻن گھرن ڏانهن آيا آهن.

پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن جيڪي ماڻهو ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ واپس وريا آهن انهن جو تعلق اتر وزيرستان جي همراز، اِسوري، حسوخيل، ميرعلي ۽ پتاسي اڏا وارن علائقن سان آهي. اباڻن ماڳن ڏانهن سندن واپسيءَ ۾ گھڻي دير ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته آپريشن ضرب عضب دوران توپن جي گولن لڳڻ سبب سندن گھر مڪمل طور تي يا جزوي طور تي تباهه ٿيل آهن.

مير علي ۽ ميران شاهه روڊ کان ڏکڻ پاسي ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اِسوري ڳوٺ واقع آهي. ان ڳوٺ جي رهواسين مان هڪ ناصر داوڙ به آهي، جنهن جو گھر مک روڊ جي ويجهو ئي اڏيل هيو. ناصر داوڙ ٻڌايو ته ڳوٺ جا رهواسي جيئن ئي گھرن ڏانهن واپس وريا ته کين بري قسم جو هڪ ڌچڪو ته اهو به لڳو جو پتاسي ميرعلي اڏا واري علائقي ۾ روڊ سان لڳو لڳ جيڪا مارڪيٽ هوندي هئي اهو هاڻي ميدان بڻجي چڪي آهي ۽ هڪ به دڪان سالم ناهي.

ناصر داوڙ جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي اکين تي اعتبار نه ٿي آيو. کين ٻڌايو ويو هيو ته واپسيءَ تي پيئڻ جو پاڻي ۽ بجلي ملندي پر واپس اچڻ کانپوءِ پتو پيو ته علائقي ۾ پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو نالو نشان ئي نه آهي. کيس پنهنجي گھرڀاتين لاءِ پيئڻ جو پاڻي ٻئي ڳوٺ مان آڻڻو ٿي پيو ڇو ته تباهه ٿي ويل مارڪيٽ ۾ پاڻيءَ جو ڪو به دڪان موجود نه هيو.

فاٽا ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل خالد خان ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ايف ڊي ايم اي پاران ملڪ اندر لڏي ويل انهن خاندانن جيڪي ٻيهر پنهنجي گھرن ۾ آباد ٿيڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ سندن گھر تباهه ٿي چڪا آهن انهن کي خيما ۽ نقد رقم ڏني پئي وڃي.

خالد خان جو چوڻ هو ته سندن اداري پاران ڏکڻ وزيرستان ۾ اهڙن 2 هزار 575 خاندانن، ساڳي حالت سان منهن ڏيندڙ ڪُرم ۽ اورڪزئي ايجنسيءَ جي 11 سو ۽ اتر وزيرستان جي 15 سو خاندانن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن کي هنگامي بنيادن تي خيما ۽ عارضي پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ امداد مهيا ڪئي پئي وڃي. هن اهو پڻ چيو ته پنهنجي گھرن ۾ ٻيهر آباد ٿيڻ لاءِ ايندڙن جي خواهش تي ايف ڊي ايم اي خيمن ڏيڻ بجاءِ هاڻي هر هڪ خاندان کي 30 هزار روپيا نقد به ادا ڪري رهي آهي.

ميرعليءَ جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ عرفان الدين ٻڌايو ته هو ٻيهر آباد ٿيڻ لاءِ ايندڙن ۾ خيما به ورهائي رهيا آهن پر جيئن ته خيمن جي موجود تعداد جي ڀيٽ ۾ واپس ايندڙ خاندانن جو انگ وڌيڪ آهي ان ڪري خيمن جي کوٽ کي به منهن ڏيڻو ٿي پيو. سخت سرديءَ سبب گھرن کان محروم ٿي ويل خاندانن کي پناهه جي سخت ضرورت هئي ان ڪري کين نقد رقم ادا ڪرڻ لڳاسين. وٽن جيڪي وسيلا موجود آهن اهي سڀ سندن سهولت خاطر استعمال ۾ آڻي رهيا آهن پر وٽن ايتريون سهولتون نه آهن جو هر هڪ جي ضرورتن کي فوري طور پورو ڪري سگھن.

تباهه ٿيل گھرن جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سروي ڪرائڻ بعد حڪومت پاران انهن خاندانن کي جن جا گھر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، کي 4 لک روپيا معاوضو ادا ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جن جي گھرن کي جزوي نقصان پهتو آهي انهن کي هڪ لک 60 هزار روپيا ادا ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته تباهه ٿيل گھرن جي سروي متعلق قبائلين پاران حڪومتي اختيارين مٿان پنهنجن کي نوازڻ جو الزام به لڳايو پيو وڃي.

ناصر داوڙ جو چوڻ هو ته سروي واري عمل دوران پنهنجا نوازي ڪرڻ واري ڳالهه مشاهدي ۾ اچڻ سبب هو حڪومتي اختيارين پاران ڪرايل سروي مان مطمئن نه آهي. هن دعويٰ ڪندي چيو ته جيڪي مقامي ماڻهو سروي واري ڪم ۾ پوليٽيڪل ۽ فوجي انتظاميا جي مدد ڪن پيا اهي کين گمراهه ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته ڪجهه مقامي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي گھر مڪمل طور تي ڊٿل هجڻ جي نقصان جي ڀيٽ ۾ معاوضو گھٽ ڏيڻ جي شڪايت پڻ ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر امان الله پاران فوجي آپريشن کان اڳ، ميرعلي ميران شاهه مين روڊ تي ڳري خرچ سان نجي اسپتال تعمير ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ مريضن جي علاج لاءِ ضروري سامان به لڳرايو ويو هيو. ڊاڪٽر امان الله ٻڌايو ته هن اسپتال جي تعمير ۽ ضروري سامان لڳرائڻ  تي 30 لک روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا پر اسپتال تباهه ٿيڻ جي معاوضي طور کيس حڪومت پاران 4 لک روپيا وٺڻ جي پيشڪش ڪئي پئي وڃي جيڪا سندس نقصان جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته، ايتري ٿوري رقم مان پنهنجي تباهه ۽ برباد ٿي ويل استعمال کي ٻيهر تعمير نه ٿو ڪرائي سگھي، هن ته پنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڪمائي ان اسپتال تي خرچ ڪري ڇڏي هئي.

مقامي قبائلين کي اهو احساس به ٿي رهيو آهي ته حڪومت، پوليٽيڪل انتظاميا ۽ ايف ڊي ايم اي ساڻن ٻيهر پنهنجي علائقن ۾ هلي آباد ٿيڻ کانپوءِ سموريون ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ متعلق جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا نه پيا ڪيا وڃن.

اِڪرام داوڙ جو چوڻ هو ته ميڊيا وسيلي کين ٻڌايو پئي ويو ته ملڪ اندر لڏپلاڻ ڪري ويلن کي واپس پنهنجي گھرن ڏانهن وڃڻ وقت سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وينديون پر هتي عملي طور ڪي به سهولتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن. سندن ٻارڙن ۽ پوڙهن والدين کي سخت سرديءَ جي موسم ۾ به کليل آسمان هيٺ رهڻو ٿو پوي جنهن جي ڪري سندن صحت تي خراب اثر ٿا پون.

اها ڳالهه به ڄاڻ ۾ آئي آهي ته لڏپلاڻ جو شڪار ٿيل اهڙا خاندان جن کي وطن ڪارڊ ڏنا ويا آهن اهي ٻيهر بنون ۽ پشاور ڏانهن هليا ويا آهن. وطن ڪارڊ اهو خصوصي شناختي ڪارڊ آهي جيڪو فوجي اختيارين پاران اتر وزيرستان جي مقامي قبائلين کي ڏنو ويو آهي ۽ اهو ڪارڊ فوجي چيڪ پوائنٽس وٽان آسانيءَ سان اچ وڃ ڪرڻ خاطر جاري ڪيو ويو آهي.

بنونءَ ۾ ٻيهر اچي آباد ٿيندڙ مير اڪبر وزير چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ڇا ڪري ها ڇو ته اتي سندس ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو ڪو بندوبست ٿيل نه آهي، آزاديءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي به اجازت به نه آهي، پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ۽ بجلي غائب آهي. مير اڪبر وزير ۽ هن جي گھرڀاتين آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ لڏپلاڻ ڪندي بنونءَ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ اڍائي سال انهيءَ شهر ۾ گذاريا ۽ ڳوٺ کان مايوس ٿي اچي هنن ٻيهر بنونءَ جا وڻ وسايا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here