اتر وزيرستان ۾ آپريشن بعد سوئر اچي ويا، رهواسي سخت پريشان

0
1218

اتر وزيرستان ايجنسي: اتر وزيرستان ايجنسي جي سب ڊويزن مير عالي جي هڪ ڳوٺ جا رهواسي ٻه ڀائر تواب خان وزير ۽ ايوب خان وزير سنجها مهل هڪ هٿ ۾ ڪهاڙي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽارچ کڻي پنهنجي ٻنيءَ تي وڃي رهيا هئا. انهن کي سڄي رات پنهنجي فصل جي جنگلي سوئرن کان حفاظت ڪرڻي آهي.

وزير ڀائر ئي رڳو اهڙي تيارين سان نٿا وڃن، پر اتر وزيرستان جا اڪثر ماڻهو پنهنجن فصلن کي جانورن کان بچائڻ لاءِ ساڳيا جتن ڪن ٿا. هارپو ڪندڙ خاندان واري وٽي تي پهرو ڏين ٿا ته جيئن فصلن کي بچائي سگهن.

تواب خان وزير جو چوڻ هو ته ضرب عضب آپريشن کانپوءِ وٽن هٿيار ناهن جنهن سان هو انهن جانورن کي ماري سگهن پر اهو ڪم ڪهاڙين سان ڪن ٿا. علائقي واسي حيران ۽ پريشان آهن ته آپريشن بعد واپسي تي کين اهي جانور نظر اچن ٿا جيڪي اڳ نه هيا.
فاٽا ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ موجب جون 2014 ۾ شروع ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهو بي گهر ٿيا.

واضح رهي ته هتان جا ماڻهو سوئرن کي ناپاڪ ۽ خراب جانور تصور ڪندا آهن، ان لاءِ انهنن جانورن جي فصل تي حملن سبب هو سخت پريشان آهن. زراڪي ڳوٺ جي رهواسي مجيب خان ٻڌايو ته هو سوئر کي ڏسي پنڊپاهڻ ٿي ويو هو، جڏهن آپريشن کان واپسيءَ بعد پهريون ڀيرو هن ان جانور کي ڏٺو. ان بعد هن ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن لٺين سان ان کي گهٽين مان ڀڄائي ڪڍيو.

الامير خان جو چوڻ هو ته ماڻهو انهن جانورن آڏو بيوس آهن ڇو ته هو گروه جي شڪل ۾ اچن ٿا ۽ فصل تباه ڪري ڇڏين ٿا. عبدل اڪبر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وٽس سندس ڪلاشنڪوف هجي ها ته هو ان سان انهن جانورن کي ماري ڇڏي ها، ڇو ته جانورن سندس فصل تباه ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ڳوٺاڻن جانورن جي کاڌي وارين شين ۽ ٻوٽن مٿان زهريلو ڦوهارو ڪري ٻنيءَ ۾ اڇلايو ته جيئن ان کي کائي سوئر مري وڃن پر اهي سياڻا آهن ۽ اهڙي ڪا به شيء نٿا کائين. هاڻي سوئر نه رڳو فصلن پر انسانن لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿي رهيا آهن.

ڊاڪٽر امين احمد، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ڪيترائي اهڙا ڪيس آيا آهن جنهن ۾ ماڻهن کي سوئرن ڏاڙهيو آهي ۽ ڪجهه جون ته هڏيون به ڏريل هجن ٿيون. ميرعالي ٽائون جي ڳوٺ هرمز جي رهواسي خوش دل خان ٻڌايو ته هن سوئرن جو حملو فون جي کنڀي تي چڙهي ناڪام بنايو. هن چيو ته اهي جانور ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل چند گهڙين ۾ تباه ڪري ٿا ڇڏين.

علائقي ۾ اهي افواه گردش ڪن ٿا ته سوئر سرڪار پاران جانورن جي کاڌي طور آندا ويا آهن، هڪ ڳوٺاڻي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪوئا سرڪاري گاڏين ۾ هتي آندا وڃن ٿا.

هڪ سرڪاري عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي، ڇو ته ميڊيا سان ڳالهائڻ جو کيس اختيار ناهي، چيو ته حڪومت جانور ڇو آڻيندي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته سرڪار چوپايو مال آڻي ها.

شريف اللله خان داوڙ، جيڪو سرڪاري ملازم آهي چيو ته اڳ ۾ علائقو ماڻهن سان ڀريل هيو ۽ هٿيار به هئا، پر هاڻي آپريشن سبب علائقو ويران رهيو ان ڪري اهي جانور اتي اچي آباد ٿيا آهن. هن جو خيال هو ته سوئرن کي مارڻ ٺيڪ ناهي پر انهن جي پرورش ڪجي ته جيئن جتي اهو کاڌو وڃي ٿو اوڏانهن ان کي موڪلي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

ملا اختر، جيڪو ميران شاه مسجد ۾ پيش امام آهي، جو خيال هو ته سوئر کي وڪڻڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ان کان بهتر آهي ته هو ان کي ماري ۽ ثواب ڪمائي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here