بنون (رپورٽ: احسان داوڙ) اها ڪا ايڏي پراڻي ڳالهه به نه آهي، جو ڪير اهو تصور ڪري سگھي ته هڪٻئي جا دشمن اذيتن جو سبب بڻجندڙ پراڻيون ۽ تشدد سان ڀريل دشمنيون نبيرڻ کان اڳ ڪنهن ”حُجري“ اندر هڪ ٻئي سان گڏجي ويهن ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته، انهن وٽ حفاظت لاءِ هٿيار به موجود نه هجن. ايتري حد تائين جو اتر وزيرستان ۾ هاڻي ڪير به رستي تي نڪري هٿيارن جو نِماءُ نه ٿو ڪري نه ئي هوائي فائرنگ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، نه ته اهو عام معمول هيو ته ماڻهو پوءِ چاهي رتوڇاڻ واري دشمنيءَ سبب يا دشمنيءَ کانسواءِ ئي گھٽين ۾ بيهي فائرنگ ڪندا هئا.

جون 2014 ۾ فوج پاران آپريشن شروع ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ، تازو ئي جڏهن اتر وزيرستان ۾ واقع پنهنجي ڳوٺ واپس ويس ته مونکي اهي منظر ڏسڻ ۽ پسڻ لاءِ مليا. انهيءَ آپريشن سبب پرڳڻي جا لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهو بي گھر ٿيا.

هٿيارن سان پيار ڪرڻ وارو رجحان قبائلي ماڻهن جي رت ۾ شامل آهي، جنهن کي مقامي سطح تي مذهبي اثر واري اصول ”اک جي بدلي اک“ تحت رائج آزاداڻي انصاف واري نظام وڌيڪ هٿي وٺرائي. حڪومتن ۽ عدالتن جي عملداريءَ جي اڻهوند سبب ان قسم جو رجحان ڏوهن ۽ بدامنيءَ کان بچائڻ جي سلسلي ۾ گھڻو مددگار ثابت ٿئي ٿو. قبائلي علائقن جي انتظاميا جيتوڻيڪ هميشه پرڳڻي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي رهندي هئي پر جيڪو حدف اهي ماڻي نه سگھيا اهو سيڪيورٽي فورسز حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اڻ لکيل قانون تحت قبائلي ماڻهن جا هٿيار کانئن پري ڪيا ويا آهن، پر ڪنهن جيڪڏهن اڳرائي ڪئي ته قبائلي ان کي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿيار استعمال ڪرڻ جا مجاز به هوندا.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ واقع هڪ ڳوٺ ”کدئي“ جي رهواسي شوڪت عليءَ جو چوڻ هو ته هو پاڻ کي هٿيارن کان آجي ماحول ۾ پرسڪون محسوس ڪري ٿو ڇو ته فورسز جي آپريشن کان اڳ هن علائقي ۾ سندن زندگيءَ جي ڪا اهميت نه هئي. هو مستقل طور تي هڪ خوف جي پاڇي ۾ زندگي گذاريندا هئا ۽ سندن زنده هجڻ جو دارومدار دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو هيو. هن خطي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ واري مهم جيڪڏهن مستقل طور تي جاري رهي ته ان جي ڪري پرڳڻي ۾ امن جي زور وٺي وڃڻ جا امڪان روشن ٿي پوندا.

پاڪ فوج پاران دهشتگردن خلاف ”ضرب عضب“ جي نالي سان آپريشن ڪرڻ کانپوءِ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن اتر وزيرستان جي گھرن ۽ هٿيارن جي مارڪيٽن مان اوزار ضبط ڪيا. آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فوج هن علائقي کي جڏهن ”محفوظ“ قرار ڏنو ۽ هتان بي گھر ٿي ويل ماڻهن جي پنهنجي گھرن ڏانهن واپسي شروع ٿي ته هٿيارن متعلق هڪ سخت پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.

جيڪي ماڻهو پنهنجي اصل ماڳن ڏانهن موٽي آيا آهن، انهن ۾ حاجي طُور خان ۽ هن جي خاندان جا ٻيا ڀاتي به شامل آهن جن جي ملڪ سليمان خان ۽ سندن مائٽن سان 30 سال پراڻي ۽ موتمار دشمني هلندڙ آهي. ٻنهي ڌرين جي قبائلي جهيڙي ۾ سندن 12 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. زمين جي مالڪيءَ تان شروع ٿيل ان جهيڙي سبب ملڪ سليمان خان جي ڌر پاران حاجي طُور خان جي خاندان جي جن 2 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هيو، مقامي سطح جي قبائلي رواج موجب ان جو ”پلاند“ اڃان رهيل آهي. هاڻي انهن جهيڙيندڙ قبيلن جا اهي ٻئي سربراهه روزانو هڪٻئي جي آمهون سامهون به ٿين ٿا، ايتري حدتائين جو بغير طيش ۾ اچڻ، هڪٻئي لاءِ ڪاوڙ ۽ دشمنيءَ تحت بدلي وٺڻ واري علامت ظاهر ڪرڻ کانسواءِ هڪ ئي جاءِ تي گڏجي به ويهن ٿا.

پراڻين دشمنن کي دفنائي امن ۽ آشتيءَ سان رهڻ جي سلسلي ۾ هي انهن ٻن قبائلي اڳواڻن جو ڪو اڪيلو قصو نه آهي. اتر وزيرستان جي هر ڳوٺ ۾ وسندڙ خاندانن جا معمولي سببن جي ڪري هڪ ٻئي سان خوني تڪرار ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر هاڻي فوج جي ڪڙيءَ نگرانيءَ هيٺ کين ڪيئن به ڪري پنهنجي ڪٽر مخالفن سان به ميٺ محبت ۾ رهڻو پوي ٿو.

جڏهن ته قبائلي رسمن ۽ رواجن، جنهن جي پوئواري سڀني تي ڄڻ ته لازم هئي، ”غيرت“ ۽ ”بدلي“ وارن اصولن جي پوئواريءَ سبب امن امان کان عاري هن قبائلي خطي اندر حڪومتي عملداري نه هجڻ جي ڪري پنهنجي تحفظ خاطر هٿيار رکڻ واري رواج کي گھڻي هٿي ملندي رهي آهي. اهو 1979 وارو زمانو هيو، جڏهن هن پرڳڻي کي ته ڇڏيو پر پوري ملڪ اندر هٿيارن جي انگ ۾ اضافو ٿيو. ان بعد افغانستان ۾ سويت يونين جي مداخلت خلاف پاڪستان، آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان افغان مجاهدن پاران مهاڏو اٽڪائڻ واري عمل جي شروعات سبب پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر عروج حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هنن سرحدي علائقن ۾ اهو هٿيار تمام گھڻي تيزيءَ سان ڦهلجي ويو ڇاڪاڻ ته روس جي سرخ فوج سان وڙهڻ لاءِ افغان مجاهدن ۾ هٿيار ورهائڻ ۽ کين تربيت ڏيڻ وارو عمل انهن ئي علائقن ۾ منعقد ڪيو ويو.

آمريڪا جي شهر ۾ واشنگٽن ۾ واقع تحقيق جي هڪ اداري ”سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز“ لاءِ ”فاٽا- انتهائي خطرناڪ علائقو“ جي عنوان سان شجاع نواز پاران لکيل تحقيقي مقالي ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان پاران جيڪي قدم کنيا ويا انهن خاطر سعودي عرب ۽ آمريڪا پاران جهجهو ناڻو مهيا ڪيو ويو ۽ جهاد واري ويڙهه وڙهندڙ مجاهدن ۾ 6 کان 8 ارب ڊالرن جي رقم ورهائي وئي، جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر، مختصر مدي وارن سياسي مقصدن خاطر ٻاهران ايندڙ مالي مدد جي ڪري اهڙن ڊگھي وقت تائين برقرار رهندڙ ۽ اڻ گھربل نتيجن کي جنم وٺڻ جو موقعو مليو جيڪي مالي مدد مهيا ڪرڻ وارين حقيقي ڌرين جي ارادن سان مطابقت رکندڙ نه هيا“.

انهيءَ تحقيقي مقالي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ”ويجهڙائيءَ وارن سالن دوران، انهن مولوين ”ڪلاشنڪوف ڪلچر“ کي اختيار ڪندي پنهنجون مليشائون (ويڙهاڪ جٿا) ٺاهي ورتيون جن وسيلي هنن قدامت پسنديءَ تي ٻڌل شرعي قانون فاٽا جي قبائلي علائقن اندر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن عام علائقن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به لاڳو ڪري ڇڏيا. ٻن سالن جي وقت دوران هنن 6 سو کان وڌيڪ قبائلي ملڪن (سردارن) کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هو مستقل طور تي فوج ۽ پوليس کي جاني نقصان پهچائڻ لاءِ قاتلاڻا حملا ڪندا رهيا“.

روس پاران افغانستان مٿان ڪاهه ڪرڻ کانپوءِ، قبائلي علائقا عام طور تي ۽ اتر وزيرستان خاص ڪري هٿيار ۽ گولا بارود جا عالمي مرڪز بڻجي پيا، جتي افغان مجاهدن ۽ مقامي ماڻهن کي افغانستان ۾ مقرر سرخ فوج سان ويڙهه لاءِ هٿيار ۽ بارود مهيا ڪيو ويندو هيو. اهڙي روش جي ڪري اتر وزيرستان جا ٻه مک علائقا مير علي ۽ ميرانشاهه هٿيارن جو ڳڙهه بڻجي پيا. مقامي سطح تي ذريعه معاش لاءِ گھربل وسيلا، صنعتون ۽ روزگار جا موقعا ميسر نه هجڻ ڪري هٿيارن جي واپار ۽ صنعت کي هٿي وٺڻ جا ڪيترائي موقعا ملي ويا جنهن جي ڪري هٿيارن جو ڪاروبار جهجهو ناڻوڪمائڻ جو وسيلو بڻجي پيو.

جهوني قبائلي اڳواڻ ملڪ پذير گل نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”موتمار هٿيار ڪلاشنڪوف (اي ڪي 47)، هيوي مشين گن، ميزائل، ويجهي توڙي ڏور مار ڪرڻ وارا راڪيٽ ۽ انهن جا لانچر هتان جي مقامي مارڪيٽن ۾ سستن اگھن تي آسانيءَ سان ملي ويندا هئا ۽ وڏي انگ ۾ وڪرو ٿيندا هئا. اهڙن آتشي ۽ موتمار اوزارن جا ڍير مارڪيٽن اندر توڙي دڪاندارن جي گھرن اندر آسانيءَ سان نظر ايندا هئا“.

”سائوٿ ايشيا ڊفينس اينڊ اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز“ لاءِ ليک لکندڙ ”ديبالينا چٽرجيءَ“ پاران پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي هن انداز سان سمجهايو ويو آهي ته ”جنگ دوران، پاڪستان جي هٿيارن واري مارڪيٽن ۾ هڪ ڪلاشنڪوف جي قيمت 15 سو ڊالرز کان وٺي 3 هزار ڊالرن تائين هوندي هئي. ڪلاشنڪوف جي اها قيمت ان سطح تي تڏهن وڃي پهچندي هئي جڏهن ان جي طلب ۾ گھڻو اضافو ٿي ويندو هيو. ان بعد، 1980 جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ جڏهن روسي فوجون افغانستان ڇڏي واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن وَريون ته ڪلاشنڪوف جي قيمت پهريان 7 سو ڊالر هئي ۽ سال 2000 وارن وقتن ۾ ته هڪ ڪلاشنڪوف 3 سو ڊالرن ۾ به آرام سان ملي ويندي هئي. اطلاع اهي به آهن ته بلوچستان صوبي ۾ هڪ خاندان وٽ هڪ ڪلاشنڪوف موجود هئي ۽ ڪراچي ان هٿيار جو ڳڙهه بڻجي پيو ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ننڍا هٿيار گڏ ٿي چڪا هئا“.

قبائلي علائقن ۾ ڪلاشنڪوف جي متعارف ٿيڻ کان پهريان، قبائلي مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ بندوقون ۽ رائفلون استعمال ڪرڻ تي هِريل هئا، جن کي ”دري وال بندوقون“ سڏبو هيو، جيڪي ڪوهاٽ ۽ پشاور جي وچ ۾ واقع نِيم قبائلي علائقي دره آدم خيل ۾ تيار ٿينديون هيون.

پذير گل وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن ڪلاشنڪوف کي قبائلي ماڻهن جي زيور جو درجو ڏنو ويو ۽ هر هڪ گھر ۾ ڳرا ۽ موتمار هٿيار ذخيرو ٿي ويا ته ان بعد قبائلي جهيڙن جا نتيجا خطرناڪ حد تائين تبديل ٿي ويا. پهريان جهيڙي ٿيڻ جي صورت ۾ جتي هلڪا ڦلڪا هٿيار استعمال ٿيندا هئا، اتي هٿيارن جا انبار گڏ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو هڪٻئي خلاف ڳري کان ڳرا هٿيار استعمال ڪرڻ لڳا، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي قبيلن جا ماڻهو جهيڙي وارن علائقن مان لڏي وڃڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا ۽ پوءِ بدلو وٺڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان ٽارگيٽيڊ حملا ڪندا هئا.

15 جون 2014 تي جڏهن فوج اڳرائيءَ وارو رويو اختيار ڪندي هنن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي شروعات ڪئي ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ گھر خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ هو گھرن مان هٿيارن سميت ڪيتريون شيون پاڻ سان گڏ کڻي نه سگھيا. فوج جي ذريعن پاران ٻڌايل ڳالهه مطابق، ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا هٿيار گھرن اندر اونهيون کڏون کوٽي زمين اندر دفن ڪري ڇڏي هئا، پر فوج ڌاتوءَ وارين شين جي نشاندهي ڪرڻ وارا اوزار استعمال ڪندي اهڙن هٿيارن جي موجودگيءَ جو به پتو لڳائي ورتو ۽ اهڙي قسم جو لڪايل هٿيار ۽ گولا بارود به ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي وئي.

سرڪاري سطح تي ڪي به انگ اکر دستياب نه هجڻ جي ڪري اهو نه ٿو ٻڌائي سگھجي ته ڪيترا هٿيار ضبط ڪيا ويا، پر مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته، جيڏي وڏي انگ ۾ هٿيارن جو ڦهلاءُ ٿيل هيو ان حساب سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته لکن جي انگ ۾ هٿيار ضبط ڪيا ويا هوندا.

هلندڙ سال دوران جڏهن لڏپلاڻ ڪري ويلن جي پنهنجي گھرن ڏانهن واپسي شروع ٿي آهي ته ماڻهو ڄڻ ته انتهائي تبديل ٿيل ماحول سان آشنا ٿيڻ لڳا آهن، جنهن مطابق سڄي اتر وزيرستان قبائلي علائقي ۾ هڪ به ماڻهو هٿيار سان گھمندي نظر نه ٿو اچي ۽ ڪو به ماڻهو گھر ٻاهران توڙي گھر اندر هٿيار کڻي ويٺل نظر نه ٿو اچي.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي هڪ مقامي رهاڪوءَ حميد خان جو چوڻ هو ته هٿيارن جي رواج جي ڪري هو ڄڻ ته هڪ وڏو وقت جهنم ۾ زندگي گذاريندا رهيا آهن. سندن علائقي ۾ اهڙن يتيمن ۽ بيواهه عورتن جو وڏو تعداد موجود آهي جيڪي قبائلي جهيڙن ۽ هٿيارن واري تشدد سبب متاثر ٿيا. هي زمانو هٿيارن جو زمانو نه آهي. اسانکي هاڻي پنهنجي نئين نسل کي تعليم ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

فوجي آپريشن کان اڳ ماڻهو شادين مرادين، طهرن جي ڪاڄن ۽ عيد جي ڏهاڙن کان علاوه ڪنهن به خوشيءَ جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ واري رجحان جي پوئواري ڪندا هئا، جنهن ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ان مقامي رواج جي ڪري ضايع ٿينديون هيون، جڏهن ته اهڙن موقعن تي مارجي ويندڙن جا قاتل گمنام ئي هوندا هئا ۽ کين ڪا به سزا نه ملندي هئي ڇو ته هوائي فائرنگ کانپوءِ گوليون اوچتو آسمان مان ڪرڻ لڳنديون هيون ۽ خبر ئي نه پوندي هئي ته قتل ڪنهن جي گوليءَ سان ٿيو.
فاٽا ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڊائريڪٽر آڊٽ طور ڪم ڪندڙ اتر وزيرستان جي مقامي رهائشي شريف الله داوڙ جو

چوڻ هو ته جيڪڏهن هوائي فائرنگ ڪرڻ واري لعنت مان سندن جند آجي ٿي ويندي ته سندس خيال ۾ اها هنن لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي هوندي.

ٻئي پاسي ڪيترائي مقامي قبيلا ان حوالي سان پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار هن ريت به ڪري رهيا آهن ته، اهي امڪان موجود آهن ته ڪن ٻين قبيلن وٽ اڃان به هٿيار موجود ٿي سگھن ٿا، جنهن ڪري پرڳڻي جي قبائلي رهڻيءَ ڪهڻيءَ واري صورتحال جو توزان بگڙي ويندو ۽ هٿيارن بنان زندگي گذاريندڙن کي خطرا لاحق ٿي پوندا.

هڪ شهري عبدالقيوم خان جو چوڻ هو ته کيس خوف آهي ته علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ واري جزوي قسم جي صورتحال سبب علائقي جي قبيلن وچ ۾ طاقت جو توازن شديد انداز سان بگڙي پوندو، قبائلي علائقن اندر موزون قانونن ۽ قانون لاڳو ڪرائڻ وارن ادارن جي غيرموجودگيءَ سبب ڪير به امن جي ضمانت نه ٿو ڏئي سگھي.

ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان عرفان برڪيءَ فاٽا جي قبائلي علائقن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي حمايت ته ڪئي آهي پر هن ان نقطي تي زور ڀريو ته اهڙو ورتاءُ سڀني سان برابريءَ جي بنياد تي بغير ڪنهن فرق جي ٿيڻ گھرجي.

هن صلاح ڏني ته ضرورت ان جي ڳالهه آهي ته يا سڀني کان هٿيار کسيا وڃن يا وري هر هڪ کي هٿيار ڏنا وڃن ته جيئن قبائلي علائقن ۾ طاقت جو اهو ساڳيو توازن برقرار ٿي پوي جيڪو فوجي آپريشن کان اڳ موجود هيو. قبائلي علائقن جي هن پرڳڻي اندر ڪجهه علائقن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ سان هتان جي رهاڪن جي زندگين لاءِ ڪيترائي منفي اثر پيدا ٿي پوندا.

هن وڌيڪ چيو ته اهو بلڪل مناسب طريقو نه آهي ته مَلڪن (سردارن) ۽ بااثر ماڻهن کي هٿيار مهيا ڪيا وڃن باقي عام ماڻهن کي بغير ڪنهن تحفظ مهيا ڪرڻ جي ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو وڃي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.