بنون: حڪومت پاران ڪجهه سالن تائين ڦهليل ٻڏتر واري صورتحال بعد جڏهن 15 جون 2014 کان اتر وزيرستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ته هن قبائلي ضلعي جي لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن کي پنهنجا اجها ڇڏي دربدر ٿيڻو پيو ڇو ته طئي ڪيل وقت اندر آپريشن مڪمل ڪرڻ خاطر انهن علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.

بي گھر ٿيل هزارين خاندانن اتر وزيرستان جي ڀر وارن شهرن بنون، لڪي مروت ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پناهه ورتي. جڏهن ته هزارين ٻين خاندانن خيبرپختونخواه صوبي جي پشاور ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي.

دتاخيل تعلقي جي ڳوٺ ماما زيارت جي رهواسيءَ عابد خان جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن وري مٿي ڄاڻايلن جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف رخ ۾ وڃڻ جي چونڊ ڪئي. ڪجهه اهڙن قبيلن جا ماڻهو جيڪي افغانستان سان لڳندڙ پاڪستان جي سرحد جي انتهائي ويجهڙائي وارن علائقن جا رهواسي هئا انهن سرحد ٽپي افغانستان ۾ وڃي پناهه حاصل ڪئي. عابد خان ۽ هن جي قبيلي جي ماڻهن به ايئن ئي ڪيو. اهڙو فيصلو ان ڪري عقلمنديءَ وارو ٿي نظر آيو ڇو ته پاڪستان جي گرم علائقن تائين مشڪلاتن سان ڀريل ۽ ڊگھو سفر ڪري پهچڻ جي ڀيٽ ۾ افغان علائقن تائين پهچڻ آسان هيو.

آپريشن ضرب عضب جي مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ فاٽا ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ايف ڊي ايم اي) پاران اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته، اتر وزيرستان مان لڏي ويل 60 سيڪڙو ماڻهو پنهنجي اباڻن گھرن ڏانهن موٽي آيا آهن، جڏهن ته افغانستان ۾ سخت سردين جي مند شروع ٿيڻ واري آهي. عابد خان جو چوڻ هو ته اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي افغانستان ۾ ترسيل 6 هزار خاندان واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽڻ چاهين ٿا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي عابد خان ٻڌايو ته افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ رهندڙ انهن سمورن خاندانن جو تعلق اتر وزيرستان جي مدا خيل قبيلي سان آهي. ٻنهي ملڪن جي غيرمحفوظ سرحدي علائقن ۾ آباد انهن قبائلي خاندان جا هڪٻئي سان ويجها نسلي ۽ رت جا رشتا آهن. اهي زمينن جا مالڪ آهن ۽ واپار به ڪن ٿا جڏهن ته سرحد جي آر پار رهندڙ ماڻهن ۾ هڪٻئي مان شاديون ڪرڻ جو رواج به عام ڳالهه آهي.

عابد خان ٻڌايو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ڪري سمورو مدا خيل قبيلو لڏي افغانستان هليو ويو. ان قبيلي جا لڳ ڀڳ 4 هزار خاندان هاڻي افغان سرزمين تي لامن (برمال) علائقي ۾ خيما کوڙي زندگي گذاري رهيا آهن.

عابد خان اهو پڻ ٻڌايو ته، 2 هزار ٻيا خاندان افغانستان جي پڪتيڪا صوبي جي ميرثاپر ۽ پٿا ميلا وارن علائقن ۾ موجود آهن. اتر وزيرستان جا داوڙ، طوري خيل ۽ منظر خيل قبيلا افغانستان جي خوست صوبي ڏانهن لڏي ويا. جتي هو افغان حڪومت پاران گڏيل قومن جي پناهه گيرن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري يون اين ايڇ سي آر جي مدد سان لڳائي ڏنل ڪيمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.

عابد خان ٻڌايو ته انهن کي سموريون سهولتون مناسب انداز سان مليل آهن پر افغانستان جي سخت سردين واري موسم جي ڪري کين صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان جي ڪري هو هاڻي واپس پنهنجي گھرن ڏانهن اچڻ چاهن ٿا.

ايف ڊي ايم اي مطابق، 2014 ۾ جڏهن آپريشن ضرب عضب جي شروعات ٿي ته لڳ ڀڳ 30 هزار خاندان پاڪستاني سرحد ڀرسان واقع افغانستان جي خوست ۽ پڪتيڪا صوبن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا. ساڳي سال دوران لڏي ويل ڪيترن ئي خاندانن کي افغانستان ۾ سردين جي سخت موسم وارين مشڪلاتن سبب واپس پاڪستان اچڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

عابد خان جو چوڻ هو ته، اتر وزيرستان جي ميداني علائقن ۾ رهڻ تي هري ويل ماڻهن لاءِ افغانستان جي سخت سردين واري موسم ۾ رهڻ انتهائي مشڪل ٿي پوي ٿو.

افغانستان جي خوست صوبي ۾ دربدريءَ واري زندگي گذاريندڙ ڪيترن ئي قبلين کي هاڻي پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچڻ متعلق حڪومت جي اجازت ۽ واپسيءَ جي سفر لاءِ گھربل مالي مدد جي ضرورت آهي.

ميران شاهه ضلعي جي پوليٽيڪل انتطاميا جي هڪ عملدار، ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار نه هجڻ سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته خوست ۾ اتر وزيرستان جا 10 هزار کان وڌيڪ خاندان اڃان به موجود آهن. ان کان علاوه، پاڪ افغان سرحد جي ويجهو آباد قبائلي ماڻهن جو چوڻ هو ته 10 هزار خاندان افغانستان جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ آباد آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته افعانستان ڏانهن ويلن خاندانن جو تعداد 10 هزارن کان وڌيڪ آهي پر پاڪستان حڪومت ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيهي رهي آهي ته افغانستان ۾ باقي رهجي ويل قبائلي خاندانن جو تعداد 10 هزار آهي جڏهن ته 20 هزار خاندان مختلف وقتن تي پاڪستان واپس اچي چڪا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تحت فاٽا ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ سان لاڳاپيل هڪ عملدار ٻڌايو ته، واپس آيل خاندانن مان گھڻا ڪُرم ايجنسيءَ کان ٿيندا اتر وزيرستان پهتا آهن جڏهن ته ٻيا خيبر پاس لنگهي هتي پهتا ڇو ته کين اها ڄاڻ ملي ته آپريشن ضرب عضب سبب بي گھر ٿيلن کي معاوضو پڻ ڏنو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ اتر وزيرستان لاءِ واضح ڪيو ويو آهي ته ان کي دهشتگردن کان خالي ڪرايو ويو آهي ان هوندي به هتان افغانستان ڏانهن لڏي ويل واپس پنهنجي ديس اچڻ لاءِ حڪومت وٽان اشاري ملڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.

افغانستان جي خوست صوبي مان ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندڙ قبائلي چڱي مڙس ملڪ عمر الدين وزير چيو ته هنن اهو ٻڌو آهي ته حڪومت سندن واپسيءَ متعلق رٿابندي ڪري رهي آهي پر هن مهل تائين ساڻن ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو.

هو جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچڻ چاهين ٿا ڇو ته جن علائقن سان سندن تعلق آهي اتان جا ٻيا ماڻهو پنهنجي گھرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن ته پوءِ هو ڇو واپس نه ٿا ٿي سگھن. ملڪ عمر دين وزير ۽ ٻيا پناهه گير افغانستان جي خوست صوبي ۾ گڏيل قومن جي پناهه گيرن متعلق اداري يو اين ايڇ سي آر پاران قائم ڪيل خيما ڪيمپ ۾ ترسيل آهن.

عابد خان وزير ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو افغانستان جي حدن ۾ سرحد ڀرسان رهن پيا انهن کي ڪي به بنيادي سهولتون مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن. لامن ۽ ميرثاپر وارن علائقن ۾ رهندڙ مداخيل قبيلي جا ماڻهو خالي جبلن جي وچ ۾ ويٺل آهن کين صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان علاوه ٻيون ضروري سهولتون ميسر نه آهن. هو جهڙين خراب حالتن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هو انهن کي بيان نه ٿو ڪري سگھي.

عابد خان وزير جو چوڻ هو ته بي گھر ٿيل ماڻهن جي قبائلي اڳواڻن جي هڪ جرڳي پاران پاڪستان جي حڪومت کان ڪيترا ئي ڀيرا اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته افعانستان لڏي ويلن کي واپس ملڪ آڻڻ لا ڪوششون ڪيون وڃن، پر لڳي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن وچ ۾ بي گھر ٿيلن کي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن اماڻڻ جي سلسلي ۾ اڃان به ڪي اهڙا مسئلا موجود آهن جيڪي حل طلب آهن.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪامران خان آفريديءَ جي دعويٰ هئي ته، مقامي انتظاميا طرفان افغانستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويلن کي غلام خان پاس وسيلي واپس سندن گھرن ڏانهن آڻڻ متعلق سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان هوندي به هن افغان اختيارين کي قصوروار ظاهر ڪندي چيو ته، پاڙيسري ملڪ جا عملدار هتان جي پناهه گيرن جي واپسيءَ واري عمل کي نظر انداز ڪري رهيا آهن.

ڪامران خان آفريديءَ جو چوڻ هو ته هنن افغان حڪومت ۽ اتحادي فوجن جي عملدارن سان قبائلين کي واپس سندن ڏيهه اماڻڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي رابطا ڪيا آهن پر انهن رابطن جو نتيجو ٻڙي نڪتو آهي.

ڪامران خان آفريديءَ ٻڌايو ته، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ جائزه ميٽنگ 7 هيڊڪوارٽر ميران شاهه ۾ ٻه مهينا اڳ ٿي گذري جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر پاران قبائلين کي واپس سندن گھرن ڏانهن آڻڻ واري سلسلي ۾ عملي ڪم شروع ڪري ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. افعانستان ڏانهن لڏي ويل قبائلين کي واپس ڏيهه آڻڻ جي پهرين مرحلي بابت جيڪي انگ اکر تيار ڪيا ويا آهن انهن مطابق روزانو ٻه سو خاندانن کي اتر وزيرستان آندو ويندو ۽ کين اهي هڙئي سهولتون مهيا ڪيون وينديون جهڙيون ملڪ اندر لڏپلاڻ ڪري ويلن کي واپسيءَ وقت فراهم ڪيون ويون.

ڪامران خان آفريديءَ افغان فوج جي عملدارن مٿان اهو الزام به هنيو ته، اهي اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ پناهه گيرن جي قبائلي چڱن مڙسن کي پاڪستان حڪومت جي عملدارن سان ملاقات ڪرڻ جي به اجازت نه پيا ڏين، اهڙي ملاقات سندن واپسيءَ جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٿيڻ گھرجي. افغان فورسز پاران قبائلي چڱن مڙسن کي ٻه ڀيرا ڌِڪا ڏئي سرحد وٽان واپس ڪيو ويو ۽ هو پاڻ سان گڏ پناهه گيرن متعلق انگن اکرن وارا جيڪي دستاويز آڻي رهيا هئا، اهي پڻ ڦاڙي ڇڏيا ويا.

افعان علائقي خوست ۾ موجود هڪ پاڪستاني پناهه گير مختار خان ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، گذريل ٽن سالن دوران هنن ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي ۽ هاڻي هو بي صبريءَ سان واپس پنهنجي گھرن ڏانهن وڃڻ واري وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته، هو واپس وڃڻ خاطر سموريون تياريون مڪمل ڪري ويٺل آهن حڪومت پاران جيئن اشارو ملندو ته هو واپسيءَ جو سفر شروع ڪري ڏيندا.

پناهه گيرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت قائم ڪاميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري ملڪ غلام خان جو چوڻ هو ته پاڪستان مان لڏي افغانستان جي سرحدن اندر وڃي پناهه وٺندڙن جو معاملو به لڳي ٿو ٻن ملڪن جي عالمي سياست جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ويجهن وقتن دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ آيل ڇڪتاڻ سبب اهو پيچيدگي اختيار ڪري ويو آهي.

هن جو چوڻ هو ته، جن وقتن ۾ اتر وزيرستان اندر فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي وئي، تڏهن پناهه وٺڻ لاءِ افغانستان جي علائقن جي چونڊ ڪري هنن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو. افعانستان جا اهي علائقا کين ويجها لڳا جڏهن ته مختصر وقت دوران بنون يا ٻين ڏورانهن علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ جي مشڪل هيو، ان جي ڪري پنهنجي ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ بجاءِ هو افغانستان ڏانهن پنڌ پيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here