لاهور (ماريه لاريب وٽان) ڊجيٽل حقن لاءِ سرگرم ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته، مرداڻي بالادستيءَ واري رواج ۽ قانون جي خلاف ورزين وارو سلسلو جاري رهڻ سبب پاڪستان اندر عورتن کي آن لائن انداز سان حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۾ تيزي اچي رهي آهي.

تحقيقاتي ايجنسيءَ (ايف آئي اي) پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي آگسٽ مهيني تائين سائبر ڏوهن متعلق 3 هزار شڪايتون داخل ٿي چڪيون آهن. اين آر ٿري سي (NR3C) جي انگن اکرن موجب، اهڙين شڪايتن جو تعداد وڌي 5 هزار ٿي سگھي ٿو. سال 2015 دوران اهڙين شڪايتن جو ڪل تعداد 15 سو هيو جيڪي هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ هيو.

اين آرٿري سي جي هڪ ٻي رپورٽ جيڪا 2011 ۾ جاري ڪئي وئي، مان هي نتيجا پڌرا ٿي رهيا آهن ته آن لائن ڏوهن ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي، اهڙن ڏوهن بابت سال 2007 ۾ 62، 2008 ۾ 287 ۽ 2010 ۾ 312 شڪايتون درج ڪرايون ويون. رپورٽ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان اندر سائبر ڏوهه جيتري تعداد ۾ ٿي رهيا آهن انهن جي حساب سان شڪايتون صرف 10 سيڪڙو واقعن بابت درج ڪرايون پيون وڃن.

ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن (ڊي آر ايف) جي سربراهه نگهت داد نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته عورتن کي آن لائن حراس ۽ بليڪ ميلنگ واري صورتحال کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهڙن عملن کان تحفظ خاطر عورتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ تمام گھٽ شڪايتون درج ڪرائن ٿيون. نگهت داد جي راءِ مطابق، سائبر ڪرائيم متعلق قانون جي موجوده سرشتي ۾ ڪجهه خاميون موجود آهن، جيڪي رياست جي لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پيدا ڪرايون ويون آهن.

سائبر ڪرائيم يونٽ، NR3C لاهور جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شاهد حسين نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته 2007 ۾ ايف آئي اي پاران سائبر ڏوهن بابت نيشنل ريسپانس سينٽر (NR3C) قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ شڪايت درج ڪرائڻ جو طريقو اهو آهي ته فريادي مرد يا عورت کي پنهنجي ذاتي شناخت ظاهر ڪرائڻي پوندي آهي ان لاءِ هن کي پنهنجو نالو، ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جو نمبر، گھر جي ايڊريس ۽ رابطي جا نمبر ڏيڻا هوندا آهن.

شاهد حسن ٻڌايو ته، پنهنجي شڪايت متعلق وڌيڪ جاچ ڪرائڻ خاطر فرياديءَ کي بعد ۾ (NR3C) جي ويجهي آفيس ۾ روبرو اچڻو پوندو آهي جڏهن ته فرياديءَ جا تفصيل راز ۾ رکيا ويندا آهن.

نگهت داد جي دعويٰ هئي ته NR3C وسيلي ڪيس جي پوئواري ڪرڻ بابت انهيءَ قسم جو طريقه ڪار ئي شڪايتن جي ازالي آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي، ڇو ته هڪ شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ 3 مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شاهد حسن وڌيڪ چيو آهي ته NR3C جو طريقه ڪار اهو آهي ته سڀ کان پهريان شڪايت درج ڪرائي وڃي جنهن ۾ ٻه هفتا لڳي وڃن ٿا، جڏهن ته جاچ ڪرڻ وارو مرحلو ڏيڍ مهيني تائين جاري رهندو آهي جنهن دوران جاچ آفيسر سائبر ڏوهه ڪرڻ واري جوابدار جي نشاندهي ڪندو ۽ ضروري نوعيت جون فارينسڪ شاهديون گڏ ڪري وٺندو آهي ته جيئن انهن آڌار فرياديءَ معرفت جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري سگھي ۽ بعد ۾ اهو ڪيس ٻڌڻي خاطر سيشن ڪورٽ ڏانهن ماڻيو ويندو آهي.

شاهد حسن ٻڌايو ته، کين آن لائن درخواستون، اي ميلون ۽ هٿو هٿ جمع ڪرايون ويندڙ شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن. شڪايت درج ڪرڻ خاطر انهن ٽنهي طريقن مان ٻين جي ڀيٽ ۾ آخري هٿو هٿ جمع ڪرائي ويندڙ شڪايت وارو طريقو سندن لاءِ آساني پيدا ڪري وٺندو آهي ۽ اهڙين شڪايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ ٻن هفتن جو وقت لڳي ويندو آهي.

هن جو چوڻ هو ته، گذريل ٻن سالن دوران سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ وسيلي جنسي مقصد خاطر حراسان ڪرڻ وارو سائبر ڏوهه ٻين سائبر ڏوهن کان تمام گھڻو وڌي ويو آهي.

شاهد حسن وڌيڪ ٻڌايو ته رڪارڊ مان پتو پئجي رهيو آهي ته NR3C کي قانوني قدم کڻڻ متعلق جيڪي درخواستون وصول ٿيون انهن مان 80 سيڪڙو اهڙي سائبر ڏوهه متعلق هيون، جڏهن ته اهڙو ڪو به وسيلو موجود نه آهي جنهن جي مدد سان سائبر ڏوهن جي ان تعداد جو پتو لڳائي سگھجي جن متعلق شڪايت درج نه ٿي ڪرائي وڃي.

NR3C هيڊڪوارٽر ۾ فارينسڪ ليبارٽريءَ جي سربراهه محمود حسن ٻڌايو ته سائبر ڏوهن بابت جيڪي به شڪايتون داخل ٿي رهيون آهن انهن مان 65 سيڪڙو جو تعلق پنجاب سان آهي. شاهد حسن جو چوڻ آهي ته، ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان تعلق رکندڙ عورتن جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن جون عورتون جرئتمنديءَ جو مظاهرو ڪندي حراسان ڪرڻ وارن واقعن بابت وڌيڪ آگاهي ڏين ٿيون.

شڪايتن جا تفصيل راز ۾ رکڻ ۽ سي سي يو جي ڪم ڪرڻ واري طريقي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد حسن ٻڌايو ته، پاڪستان ۾ سماجي انصاف جو نظام فرياديءَ جي شڪايت تي انحصار ڪندو آهي. پاڪستان جي عدالتي نظام مطابق فرياديءَ جي موجود هجڻ کانسواءِ سندن ڪيسن متعلق سڌيءَ ريت قانوني ڪارروائي ڪري سگھڻ ناممڪن آهي.

نگهت داد جو چوڻ هو ته ڊي آر ايف سان رابطو ڪندڙ 95 سيڪڙو عورتن جي حقيقي زندگيءَ مٿان ڊجيٽل حراسمينٽ جا منفي اثر پوندا رهيا آهن.

هوڏانهن احمد عليءَ جي ڀيڻ پنهنجي اڳوڻي مڱيندي پاران ويجهڙائيءَ ۾ سائبر انداز سان ڪيل حراسمينٽ جو شڪار ٿي آهي. انهيءَ ڇوڪريءَ جو مڱيندو ان وقت آپي کان ٻاهر نڪري ويو جڏهن ڇوڪريءَ مڱڻو ٽوڙيندي کيس مڱڻي واري منڊي واپس ڏني.

احمد عليءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته مڱڻيءَ وقت مارڪيٽ ۾ انهيءَ منڊيءَ جي قيمت وڌيڪ هجڻ جي دعويٰ ڪندي ڇوڪرو انهيءَ ضد تي اچي بيٺو ته ڇوڪري کيس 50 هزار روپيا به ادا ڪري. سندس خاندان جيئن ته غريب آهي ان ڪري ايتري رقم هو کين نه پئي ڏئي سگھيا. ان جو بدلو وٺڻ لاءِ سندس ڀيڻ جي اڳوڻي مڱيندي ڇوڪريءَ جون ڪمپيوٽر اينيميشن وسيلي ڦير گھير سان ٺاهيل تصويرون ۽ ٻي ذاتي معلومات جنهن ۾ سندس موبائل نمبر به شامل هيو، اهي انٽرنيٽ وسيلي عام ڪري سندس خاڪو جسم فروش عورت طور ڦهلائي ڇڏيو.

هن اهڙي وارتا بابت پوليس وٽ فرياد داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس اهڙو ارادو پورو ٿي نه سگھيو. احمد عليءَ ٻڌايو ته هو جڏهن حد جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ويو ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بجاءِ پوليس انسپيڪٽر سرٻاٽن واري انداز سان کيس سندس ڀيڻ جون تصويرون ۽ موبائل فون نمبر گھريو. حد ته اها به آهي جو هن ايف آءِ آر داخل ڪرڻ عيوض 25 هزار روپيا رشوت پڻ طلب ڪئي.

احمد عليءَ جي گھرڀاتين ٻي ڪا واهه نه ڏسي ڇوڪريءَ کي گھر ۾ ويهاري ڇڏيو. ان ڇوڪريءَ کي هاڻي موبائل فون به ان خدشي جي ڪري استعمال ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي ته جيئن جنسي تهمتن واري آن لائن بدناميءَ کان بچي سگھجي.

وار اگينسٽ ريپ نالي لاهور مان ڪم ڪندڙ هڪ سماجي اداري سان تعلق رکندڙ عورتن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن سدرا همايون پاران ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته هر ڏهن مان 9 عورتن کي انهن جي اڳوڻي يا موجوده ساٿيءَ پاران سائبر انداز سان حراسان ڪيو ويندو آهي.

گذريل ڇهن مهينن دوران ڊي آر ايف کي سائبر غنده گرديءَ جون 250 کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون آهن جن مان 95 سيڪڙو کان وڌيڪ شڪايتون عورتن پاران داخل ڪرايون ويون آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ شڪايتون خيبرپختونخواه جي عورتن پاران داخل ڪرايون ويون آهن.

ڊي آر ايف صغريٰ (هي نالو اصلي نه آهي) جي ڪيس جي به پوئواري ڪري رهي آهي. انهيءَ عورت کي مائٽ سان شاديءَ کان انڪار ڪرڻ سبب تيزاب هاري زخمي ڪيو ويو. انهيءَ ڇوڪريءَ اهڙي ظلم ٿيڻ بعد خاموشي اختيار نه ڪئي ۽ هن تيزاب هاريندڙ خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. باوجود ان جي، سندن جن مائٽن کي انهيءَ ڏوهه جو قرار ڏنو ويو آهي، اهي ڇوڪريءَ جا جعلي ڦوٽو ۽ وڊيوز آن لائن انداز سان ڦهلائي ڇوڪريءَ جي خاندان مٿان اهڙو شديد دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته جيئن هو ڪيس تان هٿ کڻي وڃن.

خيبرپختونخوا ه صوبي جي لوئر دير ضلعي سان تعلق رکندڙ هڪ عورت سيده، جيڪا سائبر انداز واري حراسمينٽ جو نشانو بڻي، ان NR3C ۾ شڪايت داخل ڪرائي. سيده نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن شڪايت داخل ڪرائي ۽ 10 ڏينهن بعد کيس NR3C جي پشاور ۾ واقع آفيس ۾ ٻيهر اچڻ لاءِ چيو ويو پر هو نه وڃي سگهي. سيده کي جهڙيءَ ريت حراسان ڪيو ويو ان جي خبر صرف هن جي وڏي ڀيڻ مِهر کي ئي آهي.

سيده جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي جي سائبر يونٽ ۾ عورتن لاءِ سازگار ماحول جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هو اهڙي ڳالهه ته پنهنجي گھرڀاتين کي به ٻڌائي نه ٿا سگھن ته ڪو کين حراسان ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هو اهڙي جرئت ڪري به وٺن يا پنهنجي حقن خاطر ئي گھر کان ٻاهر قدم ڪڍن ته ان صورت ۾ به سندن وارث مٿن تشدد ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here