لاهور (دردانه نجم وٽان) 27.1 ڪلوميٽرن جي ڊگهي اورينج لائين ٽرين منصوبي تي عمارتن جي حُسن ۾ دلچسپي رکندڙ هر ڌر پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي، تنقيد ڪندڙن جي اڪثريت ان ڳالهه سان سهمت آهي ته ميٽرو بس رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فيروزپور روڊ واري علائقي ۾ عمارتن جي حُسن جي اڳ ئي قربانيءَ ڏني وئي آهي.
ان معاملي جا ماهر ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پنجاب حڪومت کي ان ڳالهه تي راضي ڪري سگھن ته اورينج لائين منصوبي کي جنهن نقشي تحت تعمير ڪيو ويندو ان ۾ ڦيرڦار ڪرائي سگھن يا ٻي صروت ۾ منصوبي لاءِ 2006 ۾ ٺهيل ڊزائين کي بحال ڪرائي وٺن ته جيئن لاهور جي ورثي ۽ کليل آسمان کي گھٽ ۾ گھٽ نقصان پهچي، پر پنهنجي ضد تي اڙجي بيٺل پنجاب حڪومت ان مطالبي آڏو جھڪڻ کان واضح انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومتي نظام ۾ موجود هڪ ماڻهوءَ موجب ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ اورينج لائين ميٽرو ٽرين جي آرڪيٽيڪچر جو خيال آهي ته منصوبو هاڻي سندن مرڻ جي صورت ۾ ئي رڪجي سگھجي ٿو.
ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل هفتي هڪ اسٽي آرڊر جاري ڪري پنجاب حڪومت کي 11 تاريخي هنڌن وٽ 200 فوٽن اندر تعميراتي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.
آرٽ جي تاريخدان طور عالمي مڃتا رکندڙ فقير سيد اعجازالدين پاران نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف هن منصوبي کي مڪمل ٿيندي ڏسڻ خاطر مرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو. اعجازالدين جو چوڻ آهي ته شريف ڀائر پاڻ کي هر ڳالهه کان مٿانهون سمجهن ٿا، هو ايئن ورتاءُ ڪن ٿا ڄڻ ته ڪي بادشاهه ۽ هن شهر جا مالڪ آهن ۽ ٻين سمورن ماڻهن جو لاهور جي وجود، شهر جي ورثي ۽ ثقافت سان ڪوئي واسطو ناهي.
پنجاب ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جهڙيءَ ريت لاهور جي ثقافت ۽ تاريخي ورثي کي تباهه ۽ برباد ڪري رهي آهي ايئن ته مسلمانن سان نفرت ڪرڻ لاءِ بدنام سک حڪمرانن به نه ڪيو هيو.
ان معاملي بابت پنهنجي موقف کي وڌيڪ چِٽو ڪندي فقير سيد اعجازالدين چيو ته لاهور ۾ 400 سال پراڻن يادگارن جي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کان علاوه هڙني حڪومتن حفاظت ڪئي، جڏهن ته هن حڪومت اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي خاطر ورثي جي حفاظت متعلق سمورا احتياط ٿُڏي ڄڻ ته دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيا آهن.
هن مطالبو ڪيو ته کيس اها ڄاڻ ڏني وڃي ته ان منصوبي ۾ رٿابندي کاتي کي ڪيترو عمل دخل ڏنو ويو آهي. فقير اعجازالدين سواليه انداز سان پڇا ڪري ٿو ته منصوبي تي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ڇا ٽرانسپورٽ ۽ سياحت وارن کاتن کي اعتماد ۾ ورتو ويو هيو؟ هو منصوبي جي شفافيت بابت وڌيڪ سوال ڪندي ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اهو ڪير آهي جنهن چينين کان پيسا وصول ڪيا آهن؟
هن اندازو لڳائيندي چيو ته اهو شهباز شريف يا پنجاب حڪومت ئي ٿي سگھن ٿا، جيڪي اهڙو ڪم ڪري سگھن. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران ڳالهيون ڳجهه ۾ رکڻ واري رجحان تي ڏک جو اظهار ڪندي فقير سيد اعجازالدين جو چوڻ هيو ته هن منصوبي تي خرچ ٿيندڙ پيسن جي انگن اکرن بابت ڪنهن کي به ڪا درست ڄاڻ حاصل ناهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ چين جي ايگزم بينڪ پاران 162 ارب روپيه فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته منصوبي کي عملي طور تي چالو ڪري ان مان آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي به سبسڊي ڏيڻي پوندي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي اها خاصيت رهي آهي ته اها وڏي نوعيت وارن منصوبن کي متعارف ڪرائي ٿي ان ڳالهه جي پوئواري ڪرڻ بنان ته انهن جا ملڪ جي معيشت، سياست ۽ سماجي منظرنامي تي ڪهڙا اثر پوندا. اهڙن سمورن منصوبن سان ڪهڙي ويڌن ٿي اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي فقير سيد اعجازالدين سواليه انداز ۾ چئي ٿو ته پنجاب ۾ عوام کي سهولتون ڏيڻ جي دعويٰ ڪندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاران جيڪي ٻيون رٿائون عمل هيٺ آنديون ويون انهن جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي، جهڙوڪ پيلي ٽيڪسي اسڪيم، ليپ ٽاپ رٿا، دانش اسڪولن وارو منصوبو، پيلا ٽريڪٽر اسڪيم وغيره.
شريف ڀائر جيئن ته پنجاب صوبي جي ڀلائيءَ وارو تصور ڏئي چاهيندا آهن ته سڀ اکيون ٻوٽي سندن ان تصور جي پوئواري ڪن، ان جو مطلب اهو ناهي هوندو ته ان ۾ سڄي صوبي جي واقعي به ڪا ڀلائي ٿيندي، ته پوءِ سوال اٿارڻ جو ذمو ڪير کڻندو؟ باوجود ان جي ته مختلف شراڪت دارن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ کان ڪم روڪڻ بابت اسٽي آرڊر ورتو ويو آهي ان باوجود حڪومت تعميراتي ڪم جاري رکيو پئي اچي.
اورينج لائين ميٽرو ٽرين جون پٽڙيون علي ٽائون کان وڇائجڻ شروع ٿينديون جيڪي ٺوڪر نياز بيگ، بند روڊ، چوبُرجي، انارڪلي، لڪشمي چوڪ، ريلوي اسٽيشن، انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي، شاليمار باغ، اسلام پارڪ کان ٿينديون اچي ڊيرا گُجران وٽ دنگ ڪنديون. ان رستي ۾ لڳ ڀڳ 25 اهڙا ماڳ ايندا جيڪي محفوظ قرار ڏنل هنڌن واري لسٽ ۾ شامل آهن، انهن ۾ شاليمار باغ، اسلام پارڪ، چوبُرجي، لڪشمي بلڊنگ، موج دريا وارو مقبرو متاثر ٿيندا. جڏهن ته ڪيترائي قبرستان، امام بارگاهون، اسپتالون ۽ اسڪول به هن منصوبي جي ڪري مڪمل طور تي ڊاٿا ويندا يا جزوي طور تي متاثر ٿيندا. جين مندر جي ڀرسان معذور ٻارن لاءِ قائم اسڪول جو هڪ وڏو حصو به هن منصوبي جي ڪري ڊاٿو ويندو.
نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن ان اسڪول جي پرنسپل سان رابطو ڪيو ويو ته، پرنسپل غزاله ڪليم ٻڌايو ته اورينج لائين منصوبي تي هلندڙ تميراتي ڪم جي ڪري ٻارن کي اسڪول اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف پئي ٿي ان ڪري اسان اسڪول کي عارضي طور تي ٻئي هنڌ منتقل ڪري چڪا آهيون جڏهن ته حڪومت پاران اهو واعدو ڪيو ويو آهي ته اورنج لائين منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد اسڪول کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو.
اورينج لائين ميٽرو ٽرين جهڙن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ بعد لاهور هڪ جديد شهر جي سڃاڻپ حاصل ڪري وٺندو ۽ ان سان سياحت تي مثبت اثر پوندا، نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن اها ڳالهه سابق سياستدان ۽ ثقافتي سرگرمين جي اهڃاڻ سمجهئي ويندڙ ميان يوسف صلاح الدين جي سامهون رکي وئي ته هن شديد حيرت جوڳي انداز ۾ چيو ته آخر سياح لاهور ئي ڇو ايندا؟. هن جو چوڻ هيو ته ريلون سياحن لاءِ ڪشش جو سبب ناهن بڻجنديون.
ميان يوسف صلاح الدين ڪاوڙ واري لهجي ۾ وڌيڪ وراڻي ڏيندي چيو ته بسنت ئي اهو هڪ موقعو هيو جنهن جي ڪشش جي ڪري سياح ۽ مهمان لاهور ايندا هيا پر ان فيسٽيول تي بندش لڳائي اسان انهن جو اهو اچڻ به بند ڪري ڇڏيوسين.
ڀارت سان ڀيٽ ڪندي ميان يوسف صلاح الدين چيو ته مغل دور جا يادگار ڀارت ۾ سياحن لاءِ ڪشش رکندڙ ماڳ آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ هندن جو ثقافتي ورثو يا عمارتون سڄي دنيا مان ايندڙ سياحن لاءِ اثرائتي ڪشش نه ٿيون رکن. مغلن پاران لاهور ۽ دهليءَ کي هڪ ئي طرز تي اڏيو ويو هيو، ٻنهي شهرن ۾ هڪجهڙا قلعا تعمير ڪيا ويا، قلعن سان گڏ ئي مسجدون به تعمير ڪيون ويون جنهن جو مثال دهليءَ جي جامع مسجد ۽ لاهور جي بادشاهي مسجد آهن. انگريزن به انهن عمارتن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي برباد نه ڪيو.
دهليءَ جي ٽرانسپورٽ واري نظام تي ڳالهائيندي ميان يوسف صلاح الدين وڌيڪ چيو ته ڀارت وارن يادگارن جي اصلي روپ کي ناهي بگاڙيو، هنن پاران ڪٽڻ ۽ ڪورڻ واري ٽيڪنالاجي به ناهي استعمال ڪئي وئي جهڙيءَ ريت لاهور ۾ اها استعمال ڪئي پئي وڃي، اهڙي رويي جي ڪري داتا درٻار جي سونهن برباد ٿي چڪي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته داتا دربار هاڻي سيمينٽ جي وڏن وڏن ٿنڀن ۽ ٺُلهن جي پٺيان لڪي وئي آهي.
ميان يوسف صلاح الدين جو چوڻ آهي ته ماڻهو مستقبل ۾ به وزير خان کي ياد ڪندا جنهن ”باره دري“ ۽ مسجد وزير خان جوڙايون. ماڻهو جنرل جيلانيءَ کي ياد ڪندا جنهن ريس ڪورس پارڪ ۽ ٻيا ماڳ تعمير ڪرايا، پر مونکي شڪ آهي ته شهباز شريف کي اهڙيءَ ريت ياد نه ڪيو ويندو پر تاريخ ۾ جيڪڏهن ان جو ذڪر ٿيندو به ته اهو ايئن هوندو ته هو ثقافت ۽ شهرن جي اڏاوت متعلق اڳرائيءَ واري سوچ رکڻ وارو ماڻهو هيو.
ماهرن جو خيال آهي ته استنبول کانپوءِ لاهور دنيا جو ٻئي نمبر تي ايندڙ اسلامي شهر آهي.
ان معاملي متعلق دليل ڏيندي لاهور ڪنزرويشن سوسائٽيءَ جي اطلاعات واري سيڪريٽري انور اعجاز چيو ته ميٽرو بسن ۽ اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي جي ڪري لاهور جو اسلامي تشخص خراب پيو ٿئي. جڏهن نيوز لينز پاڪستان پاران اهو نقطو اٿاريو ويو ته سول سوسائٽي انهن رٿائن جي مخالفت پئي ڪري ته انور اعجاز جو چوڻ هيو ته هر وڏي شهر کي ٽرانسپورٽ جي ميگا منصوبن جي گھرج پوندي آهي پر انهن منصوبن جي قيمت اها نه هجڻ گھرجي ته تاريخي ورثي ۽ ثقافتي اهڃاڻن جي قرباني ڏني وڃي.
هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران نوابزاده نصرالله خان جو نڪلسن روڊ تي واقع گھر اڳواٽ چتاءُ يا ڪنهن کان به اجازت وٺڻ کانسواءِ ڊاٿو ويو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ ته تاريخي يادگارن جو آڳُر ڊاهڻ جي به اجازت ناهي ڏني ويندي ۽ انهن ملڪن ۾ ته تاريخي ورثي جي سموري ڍانچي جي حفاظت ڪئي ويندي آهي.
انور اعجاز ان ڳالهه تي به يقين رکي ٿو ته لاهور کي هڪ تڪڙي ٽرانسپورٽ نظام جي گھرج آهي ته جيئن ٽريفڪ کي منظم انداز سان هلائي سگھجي ڇو ته اهڙي نظام کانسواءِ گذارو مشڪل ٿي پوندو.
انور اعجاز چيو ته شهباز شريف نفسياتي خلل جو شڪار آهي. هو اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي کي مڪمل ڪرڻ بعد هڪ ٻئي مدي لاءِ عوام وٽان ووٽ وٺڻ جي پڪ ڪرڻ چاهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here