پشاور (ثناء اعجاز وٽان) سيپٽيمبر مهيني دوران ٿيل سرحدي جهڙپن بعد جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جنگ جي ڪنڌيءَ تي پهچي چڪا هئا، اهڙي وقت ۾ ٿيندڙ گڏل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڀارت سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۽ پاڪستان والاريل ڪشمير جي صورتحال متعلق ثابتيون کڻي پهتا.

انهن ئي ڏينهن دوران پاڪستاني نوجوانن جو هڪ جٿو امن جي حمايت ۾ ڀارت جي دوري تي پهتل هيو.

پاڪ ڀارت دوستيءَ لاءِ نوجوانن جي اڳواڻيءَ هيٺ ٿيندڙ هڪ ڪوشش ”آغازِ دوستي پروگرام“ جي سربراهه عاليه هرير جو چوڻ هو ته نفرت تي ٻڌل جنهن موقف جو پاڙون پختيون ٿي چڪيون آهن (اهو موقف ٻنهي ملڪن اندر موجود آهي) نوجوان انهيءَ موقف مان سخت بيزار ٿي چڪا آهن. ايٽمي هٿيارن رکندڙ ٻن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ موجود جنگ ۽ نفرت واري ماحول بجاءِ امن ۽ ڀائيچاري وارين ڳالهين کي هٿي وٺرائي سگھجي ٿي.

19 عورتن ۽ هڪ مرد تي مشتمل جٿو جيڪو ڀارت جي دوري تي ويل آهي عاليه هرير به ان ۾ شامل آهي. عاليه جو چوڻ هو ته، نوجوانن پاران شروع ڪيل هن مهم ۽ ماڻهن پاران انفرادي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوشش سبب سندس اهو يقين پختو ٿيو آهي ته نوجوان انهن ڳالهين کان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا جيڪي ڊگھي وقت کان موجود آهن، هو جنگ جي جذبن کان مٿڀرا ٿي اهو چاهين ٿا ته امن جي حمايت وارو سندن آواز ٻڌو وڃي.

1947 ۾ برطانوي راڄ واري هندوستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، ڏکڻ ايشيا جي انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ هن مهل تائين چار ڀيرا جنگي ماحول پيدا ٿي چڪو آهي، انهن مان 3 جنگيون اعلانيل هيون جڏهن ته 1999 ۾ هڪ اڻ اعلانيل جنگ پڻ وڙهي وئي. هماليه جبلن جي سلسلي ۾ واقع ڪشمير پرڳڻي متعلق متضاد موقف جي ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سرحدي تڪرارن ۽ فوجي اڳرائين سبب سدائين مونجهارن جي وَرِ چڙهيل رهيا آهن ۽ ڪشمير مسئلي جي ڪري ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ڀريا لاڳاپا قائم نه پيا ٿي سگھن.

نائن اليون کان پوءِ، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري رهندڙ فوجي ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي هئي ۽ پرڳڻي ۾ ايٽمي هٿيارن واري ويڙهه شروع ٿي وڃڻ واري خطري ۾ شدت اچي چڪي هئي. اهڙي ماحول سبب سال 2002 دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 3 ڀيرا جنگ شروع ٿي وڃڻ واريون حالتون پيدا ٿي چڪيون هيون، پهريون ڀيرو اهڙي صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن 13 ڊسمبر 2001 واري ڏهاڙي ڀارتي پارليامينٽ مٿان حملو ٿيو، ٻيو ڀيرو سيپٽيمبر 2008 ۾ ممبئي حملن کانپوءِ ۽ هلندڙ سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساڳي صورتحال ان وقت جڙڻ لڳي جڏهن هندوستاني انتطام واري ڪشمير جي اُڙي شهر ۾ فوج جي ڪئمپ مٿان حملو ٿيو، هندوستان پاران انهيءَ حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو ويو.

امن قائم ڪرڻ واري مهم ۾ شامل ڀارت جو هڪ شهري رام سبرامينن ان خيال جو حامي آهي ته، پاڪستان ۽ ڀارت جا جيڪي نوجوان امن جي حق ۾ ڪوششون ڪري رهيا آهن اهي سڀاڻي پنهنجي پنهنجي ملڪن اندر اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ هوندا. هن جو چوڻ هو ته، هو ٻنهي ملڪن جي ”ميڊيا وسيلي ٿاڦئي ويندڙ موقف“ جو حامي نه آهي.

اڙي حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دشمنيءَ ۽ عدم اعتماد جي فضا پيدا ٿي پوڻ کانپوءِ جنهن انداز سان فوجي طاقت جي ڀيٽ ڪئي پئي وڃي انهيءَ معاملي تي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي رام سبرامينن جو چوڻ هو ته کيس ڪنهن سان پيار ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن سان نفرت ڪرڻي آهي، ڪنهن ٻئي پاران کيس اهڙي سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ڇو ته اهڙيون ڳالهيون مخلصيءَ تي ٻڌل نه آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن جي پسمنظر ۾ حڪومتن يا سرڪاري عملدارن وچ ۾ ٽريڪ ون جي سطح تي باضابطه انداز سان ٿيندڙ سفارتڪاريءَ کانپوءِ اختلافن جي نبيري واري طريقه ڪار تحت جهڙيءَ ريت امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انفرادي ۽ وفدن جي سطح تي قدم کنيا ويندا آهن ان بجاءِ آغاز دوستيءَ جهڙين ٽريڪ ٽو سفارتڪاري يا هڪ ماڻهوءَ وسيلي ٻئي ماڻهوءَ سان رابطو ڪرڻ وارين غيرسرڪاري، غير روايتي ۽ ضابطن جي بندش کان آزاد رابطن وارين ڪوششن کي به عمل هيٺ آڻي سگھجي ٿو.

”پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ٽريڪ ٽو سفارتڪاري: سفارتي اڳڀرائيءَ بابت هڪ اڀياس“ مطابق، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽريڪ ٽو سفارتڪاريءَ تحت سڀ کان پهريون مشهور قدم ”نيمرانا“ ڊائلاگ هيو جنهن جو انتظام يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفارميشن سروس (يو ايس آءِ ايس) پاران 1990 ۾ ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڳالهه ٻولهه کي منعقد ڪرڻ واري ڪوشش ۾ بعد ۾ آمريڪن فائونڊيشن ۽ جرمنيءَ جي غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) به بهرو ورتو هيو. ان ڊائلاگ جي پهرين گڏجاڻي سال 1991 جي آڪٽوبر مهيني دوران ڀارت جي راجستان صوبي ۾ واقع نيمرانا قلعي ۾ منعقد ٿي هئي. ان مذاڪري ۾ حصو وٺندڙن ۾ اڳوڻا سفارتڪار، اڳوڻا فوجي اهلڪار، ميڊيا جا نمائندا، اين جي اوز جا ڪارڪن ۽ پاڪستان توڙي ڀارت جا دانشور شامل هئا.

انهيءَ اڀياس ۾ اها نشاندهي پڻ ٿيل آهي ته ”ان کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽريڪ ٽو سفارتڪاريءَ تي ٻڌل ڪوششن ۾ گھڻو واڌارو آيو ۽ بعد ۾ ڪجهه نيون ڪوششون به شروع ڪيون ويون، جن ۾ چائوفرايا ڊائلاگ، WISCOMP جو ساليانو ورڪشاپ، Pugwash ڪانفرنس، اوٽاوا ڊائلاگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪوششون شامل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ادارن جي سطح تي انتهائي منظم انداز سان ڪم ڪندڙ 12 ٽريڪ ٽو گروپ موجود آهن جڏهن ته انهن کان علاوه ٻن ايٽمي قوت رکندڙ ملڪن جي ماڻهن وچ ۾ انفرادي سطح تي رابطن ۽ ماڻهن جي هڪٻئي ڏانهن اچ وڃ جاري رکرائڻ خاطر 20 کان وڌيڪ پروگرام اندروني ۽ بيروني سطح تي مهيا ٿيندڙ مالي مدد جي بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پشاور سان تعلق رکندڙ هڪ سياسي تجزئي نگار خادم حسين جو چوڻ هو ته، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ موجودجهيڙن جي خاتمي لاءِ 3 سرشتا سرگرم انداز سان ڪم ڪري رهيا آهن. انهن ۾ ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ سان رابطو ڪرائڻ، سفارتي ۽ سياسي رابطا ڪرائڻ وارا سرشتا شامل آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جي معاملي ۾ انهيءَ ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته معاشري اندر محروميءَ جو شڪار بڻايل گروهن جن ۾ نوجوان، عورتون، تعليمي ماهر ۽ فنڪارن شامل آهن، کي انهن سرشتن ۾ شامل ڪرڻ گھرجي.

20 سالن جي گُرمهر، جنهن جو پيءُ ڪارگل جي اڻ اعلانيل جنگ ۾ مارجي ويو، جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي بگڙيل لاڳاپن جا منفي اثر زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شهرين مٿان پون ٿا. نوجوانن جي مدد سان هلندڙ مهم ئي اهڙيون ڪوششون آهن جن کي جاري رهڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته 10 سالن کانپوءِ هي نوجوان ئي پنهنجي ملڪن جا معاملا سنڀالڻ شروع ڪندا، ڪجهه وقت بعد هو وڏي عمر جا ٿي پوندا ۽ هيءَ ئي اها عمر آهي جنهن ۾ هو پنهنجو موقف جوڙي ان تي عمل ڪري سگھن ٿا.

گُرمهر نوجوانن جي اڀرندڙ، حوصله مند ۽ عالمي ڪردار کي ڏسندي چوي ٿي ته اهي نوجوان ئي آهن جيڪي پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڀيٽ ۾ کين مختلف انداز وارو بڻائي سگھن ٿا.

”ورلڊ اسيمبلي آف يوٿ“ جي جنرل سيڪريٽري ايڊيولا پشولاري نوجوانن وسيلي ٿيندڙ ٽريڪ ٽو سفارتڪاريءَ جي زبردست حامي آهي، هن جو چوڻ هو ته ”اسان پنهنجا پاڙيسري تبديل نه ٿا ڪري سگھئون ان ڪري سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ خاطر اسان وٽ جيڪو آخري رستو بچي ٿو اهو هي آهي ته ماڻهن جا ماڻهن سان لاڳاپا قائم ڪيا وڃن ۽ نوجوانن وسيلي رياستن تي دٻاءُ وجهجي ته اهي اختلافن جي نبيري لاءِ ڳالهيون ڪن.

2011 جي آدمشماريءَ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته ڀارت جي 41 سيڪڙو آبادي 20 سالن کان گھٽ ڄمار واري آهي. ٽائيمز آف انڊيا اخبار مطابق، ڀارت جي اڌ آبادي 20 کان 59 سالن جي وچ واري ڄمار ۾ آهي ۽ صرف 9 سيڪڙو آباديءَ جي عمر 60 سالن کان مٿي آهي.

”پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊويلپمينٽ اڪنامڪس“ پاران 2009 ۾ ملڪ جي آباديءَ متعلق لڳايل ڪاٿي مان پڌرو ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ 5 کان 14 سالن جي ٻارڙن جو آباديءَ ۾ تناسب 40.32 آهي ۽ 15 کان 24 سالن جي عمر وارن نوجوانن جو تعداد 3 ڪروڙ 60 لک آهي. مٿي ڄاڻايل عمر وارن جي انگن اکرن کي اگر گڏائي ڏسبو ته اهي ملڪ جي ڪل آباديءَ جو 45 سيڪڙو ٿين ٿا.

”سوسائٽي فار پروموشن آف پِيس اِن سائوٿ ايشيا“ جي چيئرمين چنچل منوهر سنگھ مطابق، ”نوجوانن وٽ ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا کي استعمال هيٺ آڻڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ٻن پاڙيسري رياستن وچ ۾ امن خاطر ٿيندڙ سفارتڪاريءَ جي سلسلي ۾ سندن ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي.

انساني حقن جي مشهور عملبردار عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته، پاڪستان جي حڪومت کي شاگردن جي يونين ۽ شاگردن پاران سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سگھڻ مٿان لڳل پابندي هٽائي ڇڏڻ گھرجي ته جيئن نوجوانن وسيلي ٿيندڙ ٽريڪ ٽو سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ نتيجه خيز بڻائي سگھجي.

عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي اهو تسليم ڪرڻ گھرجي ته نوجوانن جو سرگرم ڪردار انتهائي ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هنن جا خيال نوان ۽ نڪور آهن ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ خاطر هو روايتي انداز بجاءِ نئين انداز سان سوچي سگھن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here