وزيراعظم کي هٽائڻ بابت عدالتي فيصلي حڪمران پارٽيءَ لاءِ مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون

0
1295

اسلام آباد: 28 جولایِی 2017 واري ڏهاڙي سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن پاران چونڊيل وزيراعظم نواز شريف جي نااهليءَ متعلق اتفاق راءِ سان ٻڌايل فيصلي حڪمران پارٽيءَ مسلم ليگ (ن) لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي خدشا به جنم وٺي چڪا آهن ته شريف خاندان جو 30 سالن کان جاري حڪمرانيءَ وارو دور پڄاڻيءَ تي رسي سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ نواز شريف پاران سندس نااهليءَ متعلق سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ”ڪمزور“ ۽ ”منجهيل“ قرار ڏئي نظرثانيءَ واري پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ کان علاوه ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي وزيراعليٰ طور مقرر ننڍي ڀاءُ شهباز شريف کي مستقبل جي وزيراعظم طور نامزد ڪيو آهي ان باوجود اهي خدشا ڪَرُ کڻڻ لڳا آهن ته پارٽيءَ اندر فارورڊ بلاڪ جڙي سگھن ٿا.

پارٽيءَ مٿان خاندان جي بالادستي قائم رکڻ خاطر، شهباز شريف پاران صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تان استيعفيٰ ڏئي ضمني چونڊ جي نتيجي ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ تائين، عارضي بندوبست طور پارٽيءَ جي هڪ ٻئي اڳواڻ کي عبوري طور تي وزيراعظم چونڊرايو ويندو. وزيراعظم ٿيڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هجڻ لازمي شرط آهي. جڏهن ته پارٽيءَ جي سنجيده حلقن پاران اهڙي فيصلي مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي.

1988 ڌاري جيڪا پاڪستان مسلم ليگ ملڪ اندر موجود هئي ان ۾ سياسي سرسي حاصل هجڻ باوجود نوازشريف پاران پنهنجي ڌار پارٽي قائم ڪندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو بنياد رکيو ويو. شريف خاندان جي مختلف حڪومتي دورن ۽ جلاوطنيءَ وارن وقتن ۾ پارٽيءَ کي ڪيترائي ڌچڪا رسندا رهيا ۽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل عوامي نمائندن پنهنجون وفاداريون تبديل به ڪيون. خاص طور تي سال 2000 دوران جڏهن شريف خاندان ان وقت جي فوجي آمر حڪمران جنرل پرويز مشرف سان ڊيل ڪرڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ته 70 سيڪڙو اڳواڻ مسلم ليگ (ن) کي الوداع چئي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيا.

سينيئر صحافي ۽ سياسي تجزئي نگار ايم ضياءُ الدين چيو آهي ته ”نواز شريف لاءِ سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته هو پنهنجي پارٽيءَ کي متحد رکي ڇو ته اها پارٽي هميشهه سندس اثر هيٺ ئي متحد رهندي آئي آهي. پر هاڻي پارٽيءَ اندر ڏار پوڻ جا امڪان موجود آهن“. هن اها اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي ته پارٽيءَ لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ مشڪلاتون اڃان به وڌي وڻ ٿينديون رهنديون.

شريف خاندان لاءِ ٻي وڏي ڏکيائي اها به موجود آهي ته هاڻي کين سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق احتساب عدالتن ۾ داخل ريفرنسن کي به منهن ڏيڻو پوندو جن ۾ نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم صفدر، سندس ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر، سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين نواز توڙي سندس سيَڻ اسحاق ڊار کي نامزد ڪيو ويندو. اسحاق ڊار نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ خزاني وارو وزير هيو. هنن خلاف احتساب عدالت ۾ اهي ڪيس انهيءَ سبب جي ڪري هلايا ويندا ڇو ته هو لنڊن ۾ پرآسائش مهانگن فليٽن جي خريداريءَ واسطي اماڻيل رقم بابت اهو ثابت نه ڪري سگھيا ته اها جائز طريقن تحت اماڻي وئي. انهن ئي فليٽن جي خريداريءَ واسطي آف شور ڪمپني ٺاهڻ جو ذڪر پاناما دستاويزن ۾ ٿيل آهي.

ٻئي طرف قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته جنهن بنياد تي نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان نااهل ڪيو ويو آهي اهو ڪمزور آهي ۽ شڪ ڏيکاريو پيو وڃي ته کيس هٽائڻ واري عمل پٺيان فوجي اسٽيبلشمينٽ جي منشا شامل آهي اهو ئي سبب آهي ته نواز شريف جي نااهليءَ واري فيصلي کي ”عدالتي بغاوت“ به قرار ڏنو پيو وڃي. عدالتي فيصلي مطابق، جيتوڻيڪ اعليٰ ترين عدالت شريف خاندان خلاف پٽيشنن جي ٻڌڻي 09 مهينن تائين ڪندي رهي ۽ لنڊن وارا فليٽ خريدڻ لاءِ رقم جائز طريقن آڌار منتقل ڪرڻ بابت ثبوت مهيا ڪرڻ خاطر الزام هيٺ آيل ڌر کي جوڳو وقت ۽ موقعا مهيا ڪيا پر هو رقم جي جائز منتقلي ثابت ڪرڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ٿيا.

سينيئر صحافي ۽ سياسي تجزئي نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته ”عدالتي فيصلو عملدرآمد خاطر مختلف ادارن ڏانهن اماڻيو ويندو. انهيءَ فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن ڇو ته فيصلي تحت هن کي پارٽيءَ جي سربراهي به ڇڏڻي پوندي ۽ ڪنهن ٻئي کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ ئي ايندڙ عام چونڊن تائين پارٽيءَ کي متحد رکڻ ۽ ان جي مقبوليت لاءِ به جدوجهد ڪرڻي پوندي“.

سينيئر وڪيل عابد حسين منٽو جي راءِ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪمزور آهي. ”فيصلي ۾موجود تضاد پريشان ڪندڙ آهن“. هن شريف خاندان کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته هو ڪمزور بنياد واري فيصلي ۽ نااهليءَ واري سزا خلاف عدالت سان رجوع ڪن.

عدالتي فيصلي اچڻ بعد پارليامانيءَ پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ”عدالت مونکي بنان ڪنهن سبب جي نااهل ڪيو آهي. هنن مونکي صرف ان ڪري نااهل ڪيو آهي ته مون پنهنجي پٽ جي ڪمپنيءَ کان پگھار ڇو حاصل نه ڪئي. جڏهن اسان ملڪ مان جلاوطن ٿيل هئاسين ته انهن وقتن ۾ برطانيا جي ويزا سولائيءَ سان وٺڻ خاطر منهنجي پٽ اها ڪمپني کولي ۽ ان ۾ منهنجي نوڪري صرف هڪ خانا پوري هئي“.

نواز شريف اهو به چيو ته ”اگر توهان سمجهو ٿا ته اهو سنگين ڏوهه آهي ته ها مان ڏوهي آهيان“. هن تفصيل سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته ”ملڪ ۾ اهڙا هزارين ماڻهو آهن جيڪي ٽيڪس چوري ڪن ٿا يا پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ٿا ڪن. احتساب صرف منهنجي ئي خاندان جوڪيو پيو وڃي اهو درست عمل نه آهي“.
ٻين ڳالهين کان علاوه نواز شريف جي نااهليءَ واري مدي بابت اختلافي ڳالهيون به سامهون اچڻ لڳيون آهن. ڪيترن ئي قانوندانن انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته نااهليءَ جي مدي بابت قانون ۾ وضاحت ٿيل نه آهي ۽ عام حالتن پٽاندڙ ان کي تاحيات نااهلي تصور ڪيو ويندو آهي.

سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف کي عوامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي شق 62 تحت نااهل قرار ڏنو ويو آهي جنهن تحت چونڊيل عوامي نمائندي جي ”صادق“ ۽ ”امين“ هجڻ يا نه هجڻ جو تعين ڪيو ويندو آهي. جنهن بنياد تي سپريم ڪورٽ جي ججن پاران متفقه طور تي فيصلو ڏنو ويو آهي اهو ان دليل تي ٻڌل آهي ته نوازشريف گڏيل عرب امارتن ۾ قائم ٿيل ڪمپنيءَ مان پگھار وٺڻ جو حقدار هيو پر هن اها پگھار حاصل نه ڪئي. فيصلي ۾ چيل آهي ته، انهيءَ ڪري عدالت اهو سمجهي ٿي ته نواز شريف جيتوڻيڪ ڪمپنيءَ کان پگھار وصول نه ڪئي پر ان نوڪريءَ واري عهدي ۽ پگھار جو ذڪر هن پنهنجي نامزدگي فارمن ۾ نه ڪيو جنهن جي ڪري هو ”صادق“ ناهي.

سياسي تجزئي نگار رضا روميءَ جو چوڻ آهي ته ”نظر ته ايئن اچي رهيو آهي ته هي نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ گذريل چئن سالن کان هلندڙ جهيڙي جو نتيجو آهي.نواز شريف جو اصل ڏوهه اهو آهي ته هن هڪ اڳوڻي آرمي چيف کي آئين جي ڀڃڪڙيءَ جو ذميوار ثابت ڪرڻ چاهيو پئي“. رضا روميءَ چيو آهي ته ”يا ته هي سڀ ڪجهه نواز شريف کي جيڪا طاقتور پوزيشن حاصل هئي ان جي ڪري ٿيو يا ته وري کيس 2018 جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ کان روڪڻ خاطر ڪيو ويو. يا وري ايئن به ٿي سگھي ٿو ته سولين ڪردار جي وڌندڙ استحڪام ۽ آئين کي اهڙي انداز سان هٿي وٺرائڻ جي ڪري ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سڌي فوجي مداخلت جا رستا بند ٿي رهيا هئا.

مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پارٽيءَ جي ساک برقرار رهندي اچي ۽ پارٽي 2018 جي عام چونڊن ۾ به سرسي حاصل ڪري سگھي ان خاطر هو عوامي حمايت حاصل ڪرڻ تي گھڻو ڌيان ڏئي رهيا آهن. ان حوالي کان پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جا اهي جملا انتهائي اهم آهن جن ۾ هن چيو آهي ته ”جيتوڻيڪ اسان کي مستقل طور تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ان هوندي به هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسانکي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ گھرجي“.

خواجه سعد رفيق اهو انڪشاف به ڪيو آهي ته پارٽيءَ اندر هاڻي نوان اصول طئي ڪرڻ تي بحث شروع ٿي چڪو آهي جن تحت اهو طئي ڪيو ويندو ته ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڪنهن کي هجڻ گھرجي ۽ رياستي ادارن جي ڪم ۾ جيڪا غيرقانوني مداخلت ڪئي پئي وڃي ان کي ڪهڙيءَ ريت روڪي سگھجي ٿو“. هن چيو ته نوازشريف هاڻي جمهوريت جي دشمنن خلاف هڪ تحريڪ جي صورت ۾ ميدان تي لهندو.

فيصلي اچڻ کانپوءِ نوازشريف اهڙو ڪو به تاثر نه ڏنو آهي جنهن مان مايوسيءَ، ڏک ۽ ڪاوڙ جو احساس ڪري سگھجي. هن اعتراف ڪيو ته گذريل 25 سالن دوران هن جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ان جي نتيجي ۾ هو نظرياتي اعتبار کان پختو ٿي چڪو آهي. هن جي جدوجهد ٻين لان مختلف ٿي سگھي ٿي. هن مان جيڪا توقع ڪئي پئي وئي ان جي ابتڙ طيش ۾ اچڻ کان پاسو ڪندي نوازشريف واضح ڪيو آهي ته هو ملڪ جي سمورن ادارن جو احترام ڪري ٿو. بهرحال اهي خبرون ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ئي سامهون اچي سگھنديون ته نواز شريف ۽ سندس پارٽي وڃايل ساک جي بحاليءَ خاطر ڪهڙو رستو اختيار ڪندا.

نوازشريف چئي چڪو آهي ته ”مان موت کان خوفزده نه آهيان، مان پاڪستان جو اهو سپاهي آهيان جيڪو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمرانيءَ ۽ جمهوريت لاءِ هميشهه ويڙهه جاري رکندو“. بي خوف شخص ئي هميشهه دشمنن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پنهنجا ڪارڊ درست انداز سان کيڏندا ته ايندڙ اليڪشن جي نتيجي ۾ هو وڌيڪ سگھاري انداز سان به سامهون اچي سگھن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here