اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) نيوزلينز پاڪستان کي مليل دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ويڙهه جو شڪار ٿيل افغانستان جي ترقيءَ لاءِ اڌ بلين ڊالر امداد ڏني ويندي ته پاڪستان اتي پنهنجو تشخص بهتر ڪري سگهي.
رٿابنديءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران اهوعزم ڪيو ويو آهي ته تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي ۽ انفرااسٽرڪچر کي درست ڪرڻ لاءِ 500 ملين ڊالر ڏنا ويندا، جڏهن ته پاڪ افغان يونيورسٽين ۾ شاگردن کي 3 هزار اسڪالر شپ پڻ ڏني ويندي. پاڪستان جي مشهور يونيورسٽين جن ۾ لاهور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ 100 شاگردن کي داخلا ڏني ويندي.
دستاويزن ۾ مذڪوره وزير جو اهو بيان به شامل آهي ته پاڪستان، افغانستان سميت سڀني پاڙيسرين سان بهتر لاڳا چاهي ٿو. هن پاران وڌيڪ اهو چيو ويو آهي ته دانشورن، واپارين ۽ فنڪارن جي وفدن جي اچ وڃ ذريعي ٻه طرفن لاڳاپن کي بهتر بنائي سگهجي ٿو.
افغانستان ۾ پاڪستان جي پريس ڪائونصلر افتخار منير پاران اي ميل ذريعي ڏنل موقف موجب ته پاڪستان جو افغانستان ۾ تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحاليءَ جي حوالي تمام اهم ڪردار رهيو آهي. هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان، ڪابل ۾ 400 بسترن تي مشتمل جناح اسپتال، نشتر ڪڊني سينٽر جلال آباد، 200 هنڌن تي ٻڌل نائب امين الله لوگر اسپتال لاءِ نه رڳو فنڊنگ پر افغان حڪومت کي 45 ايمبولنسون ڏئي چڪو آهي.
افتخار منير وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ننگرهار صوبي جي گاديءَ واري هنڌ جلال آباد ۾ هڪ هفتي لاءِ اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي، جنهن ۾ 4818 ماڻهن جو علاج ڪيو ويو ۽ 357 اکين جا آپريشن ٿيا، جڏهن ته 4126 اکين جا چشما پڻ ڏنا ويا. هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سوين افغان شاگرد انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪابل طرف ويندڙ روڊن جي تعمير لاءِ به پاڪستان فنڊ ڏئي رهيو آهي.
آمريڪا، ڀارت سميت دنيا مختلف ملڪ افغانستان ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين هنڌن تي پيسو لڳائي رهيا آهن، جڏهن ته افغانستان پاران پاڪستان مٿان سندن علائقي ۾ دهشتگريءَ کي وڌائڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن.
ميڊيا تي ايندڙ رپورٽن موجب افغانستان جي نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جي وقتي سربراه مسعود اندرابي پارليامينٽ کي خطاب دوران الزام لڳايو ته پاڪستان جي مدد سان سندن ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڳجهي اداري پاران دهشتگردن جي مدد پڻ ڪئي پئي وڃي. افغانستان جي هيٺئين پارليمان پاران گهرايل اجلاس، جنهن ۾ سينئر ليول جي عملدارن شرڪت ڪئي، کي خطاب ڪندي مسعود چيو ته امن سڀني افغانين جي خواهش آهي.
هوڏانهن رٿابنديءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته انسان دوستن جي چونڊ ته ڪري سگهي ٿو پر پاڙيسرين جي نه، تنهنڪري اسان افغانستان سان سٺا لاڳا چاهيون ٿا ۽ ان حوالي سان ٻه طرفن لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي.
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم پرائيندڙ هڪ شاگرد حميد جان جو چوڻ هو ته توڙي جو ٻنهي ملڪن وچي۾ لاڳا سٺا ناهن پر پاڪستان پاران سوين افغان شاگردن کي تعليم ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته پاڪستان حڪومت ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونورسٽين ۾ افغاني شاگردن لاءِ ڪوٽا وڌائي.
ٻئي طرف افتخار منير ٻڌايو ته پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين مان گذريل ٽن ڏهاڪن دوران افغانستان جي 35 هزار شاگردن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪئي آهي. جڏهن ته 5 لک افغاني شاگرد، پاڪستان ۾تعليم پرائي رهيا آهن. ان کانسواءِ پاڪستان مختلف پروجيڪٽن ۾ افغانستان کي فنڊ مهيا ڪيا ۽ ڪري رهيو آهي.
دستاويزن موجب پاڪستان، پوليس، منشيات جي خاتمي، ڊاڪٽرن، سفارتڪارن، پيراميڊيڪل، عدالتي عملي، ڪسٽم، زراعت، بينڪرس ۽ ٻين شعبن جي 700 ماڻهن کي تربيت پڻ ڏئي چڪو آهي. جڏهن ته 75 ڪلوميٽر ڊگهو جلال آباد طورخم رستو ۽ طورخم جا رستا ۽ پشاور ۽ ڪابل وچ ۾ ڊجيٽل ريڊيو لنڪ قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ ڏنا آهن.
پاڪستان پاران افغانستان کي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ 100 بسون ۽ 200 ٽرڪ پڻ ڏئي چڪو آهي. ٻئي طرف گذريل ٽن ڏهاڪن دوران 30 لکن کان وڌيڪ افغان مهاجر پاڪستان ۾ ترسيل آهن ۽ صحت ۽ تعليم جون سهولتون پڻ حاصل ڪري رهيا آهن.
قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي هڪ شاگرد زاهد شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان کي افغانين لاءِ اسڪالرشپ وڌائڻ گهرجي، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته افغانين جي اڪثريت سندن ملڪ ۾ خرابين جو ذميوار پاڪستان کي سمجهي ٿي.
ڪابل جي صحافي ۽ تجزيه ڪار حڪمت صافي، نيوزلينز پاڪستان سان رابطي تي ٻڌايو ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهتر لاڳا ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر آهي، ان لاءِ ٻنهي ملڪن کي اعتماد بحال رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن پاڪستان کي خدشا آهن ته افغان حڪومت کي اهي ختم ڪرڻ گهرجن.
ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب افغانستان جي صدر اشرف غني پاران اهو مطالبو ڪيو ويندو رهيو آهي ته پاڪستان طالبان خلاف وڌيڪ قدم کڻي.
افغانستان ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفارتڪار رستم شاهه مهمند جو چوڻ هو ته پاڪستان پاران افغانستان لاءِ ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي بحاليءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف او) جي رپورٽ موجب افغانستان جي آباديءَ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو کاڌي جو کوٽ جو شڪار آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهڙي خوراڪ کين ميسر ناهي جنهن سان هو بهتر ۽ فعال زندگي گذاري سگهن. موجوده ترقيءَ باوجود اڄ به ڪيترائي افغاني غربت جو شڪار آهن.
قبائلي علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ”ٽيچ فار فاٽا“ جي سربراه عبد السلام آفريدي پاڪستان پاران افغانستان ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحاليءَ لاءِ ڪيل ڪمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ملڪ اندر به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته امن واري مستقبل ۽ خوشحاليءَ لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here