اسلام آباد: بري فوج جي اڳوڻي سپهه سالار راحيل شريف کي سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ جڙندڙ اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي ڪرڻ جي سرڪاري سطح تي اجازت ڏيندي، سعودي عرب جي سرزمين جي حفاظت خاطر پنهنجي فوج اماڻڻ واري نقطي تي غور ويچار ڪندي جيڪي اشارا ڏنا ويا آهن انهن آڌار اهي خيال زور وٺي رهيا آهن ته پاڪستان وچ اوڀر جي سُني فرقي سان لاڳاپيل رياستن جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي جنهن ڪري ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا جنم وٺڻ لڳا آهن.

پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاران گذريل هفتي سرڪاري سطح تي تصديق ڪئي وئي ته حڪومت پاران اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف کي تحريري طور تي اها اجازت ڏني وئي آهي ته هو ٽن سالن تائين اسلامي فوجي اتحاد جي اڳواڻي ڪري سگھي ٿو. هن اهو پڻ چيو هيو ته ”سعودي عرب طرفان پاڪستان کان اهڙي گُھر ڪئي وئي هئي، جنهن جو جواب اسان هائوڪار ۾ ڏنو آهي. هاڻي صرف ضروري ڪارروائيءَ کي پورو ڪرڻو آهي.

اسان اهو پڻ واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته، نه سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ جڙندڙ فوجي اتحاد ۽ نه ئي پاڪستان فرقي جي بنياد واري ڪنهن ڇڪتاڻ جو حصو بڻجندا جڏهن ته انهن ٻنهي ڌرين جا اهڙا ڪي به ارادا نه آهن ته ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ (ايران) کي نقصان رسايو وڃي“. خواجه آصف چيو ته ”تڪرار ۾ پوڻ بجاءِ پاڪستان جي خواهش هوندي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪري“.

پاڙيسري ملڪ يمن ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿيڻ ۽ يمن ۾ حڪومتي انتظاميا جي خاتمي کانپوءِ سعودي عرب طرفان نار جي ٻين عرب اتحادي ملڪن جي حمايت سان 2015 ۾ ”اسلامڪ ملٽري الائنس“ (آءِ ايم اي) قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سعودي عرب جي سرڪاري عملدارن جي بيان مطابق ”سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ اهو فوجي اتحاد دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ جوڙيو ويندو ۽ دهشتگرديءَ خلاف گڏيل حڪمت عمليءَ توڙي رابطن تحت فوجي ڪارراويون ڪرڻ خاطر فوجي اتحاد جو آپريشن سينٽر رياض شهر ۾ قائم ڪيو ويندو، انهيءَ سينٽر وسيلي دهشتگرديءَ جي خاتمي وارن پروگرامن ۽ طريقه ڪار کي طئي ڪندي انهن جي مدد ۽ حمايت پڻ ڪئي ويندي“.

جيتوڻيڪ پاڪستان سرڪاري سطح تي انهيءَ اتحاد ۾ شامل هجڻ جي ترديد ڪندو رهي ٿو پر سعودي اختيارين پاران دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه لاءِ راضي جن ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، پاڪستان جو نالو به ان ۾ شامل آهي. ابتدائي طور تي انهيءَ فوجي اتحاد جو بنياد 34 ملڪن جي شموليت سان رکيو ويو پر هاڻي ان ۾ 41 مسلمان ملڪ شامل ٿي چڪا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ ملڪ ان اتحاد ۾ شامل ٿي ويندا.

جڏهن ته اڪثريتي شيعه عوام وارا ملڪ ايران، لبنان، شام ۽ عراق اڃان تائين انهيءَ اتحاد جو حصو نه آهن جنهن ڪري عام ماڻهن توڙي تجزيه نگارن جا اهي خدشا زور وٺي رهيا آهن ته هي اتحاد يمن جي پسمنظر ۾ فرقي جي بنياد تي قائم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل ملڪن جي راءِ آهي ته سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ جڙندڙ اتحاد دهشتگرديءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ نه پر مسلڪ جي بنيادن ۽ پرڳڻي جي سياسي مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيو پيو وڃي. ٻئي طرف ڄاڻايل اتحاد جي محرڪن بابت سرڪاري سطح تي اڃان ڪي به تفصيل پڌرا ناهن ڪيا ويا.

انفرادي طور تي پاڪستان انهيءَ نقطي تي به غور ۽ ويچار ڪري رهيو آهي ته سعودي سرزمين کي خطرو پيش پوڻ جي صورت ۾ سعودي سرڪار جي درخواست آڌار پاڪستان پنهنجون فوجون سعودي عرب جي تحفظ خاطر اماڻيندو.

پاڪستان جي دفاع واري وفاقي وزير چيو آهي ته ”اسلامڪ ملٽري الائنس جو ڍانچو ۽ ايجنڊا اڃان غيرواضح آهي ۽ گھڻا امڪان آهن ته اتحاد بابت تفصيل مئي مهيني دوران پاڪستان کي مهيا ڪيا ويندا“.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ”1982 کان وٺي اسانجو سعودي عرب سان اهو معاهدو ٿيل آهي ته سعودي عرب جي سرزمين جي بچاءَ خاطر اسان پنهنجي فوج موڪلينداسين. اهو ٻه طرفو ٺاهه آهي. سعودي عرب ڏانهن پاڪستان جا فوجي جوان اماڻڻ وارو معاملو انهيءَ معاهدي تحت ويچار هيٺ آهي ۽ معاهدي مطابق جيڪڏهن پاڪستان جا فوجي جوان اماڻيا به ويندا ته اهي صرف سعودي عرب جي سرزمين جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ان جي سرحدن اندر موجود رهندا ۽ سعودي سرزمين جي حدن کان ٻاهر ڪنهن به تڪرار ۾ حصو نه وٺندا“.

لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي پوليٽيڪل سائنس شعبي سان لاڳاپيل پروفيسر ڊاڪٽر محمد وسيم انهيءَ معاملي متعلق راءِ ڏيندي چيو ته ”انهيِ اتحاد ۽ پاڪستان پاران ان جي حمايت ڪرڻ واري معاملي تي ماڻهن کي سخت اعتراض آهن“. هن جو چوڻ آهي ته، سعودي عرب جي اڳواڻيءَ واري فوجي اتحاد کي وڏي پيماني تي فرقي جي محرڪن وارو ۽ ايران مخالف اتحاد تصور ڪيو پيو وڃي، ايران جيئن ته اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي ان ڪري انهيءَ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ وارو قدم اسان لاءِ هڪ نئين مهم جو سبب بڻجي پوندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا انتهائي خراب به ٿي پون.

پروفيسر محمد وسيم جي راءِ آهي ته، سڀ کان وڏو اعتراض اهو آهي ته پاڪستان جيتوڻيڪ سني اڪثريت وارن جو ملڪ آهي پر ملڪ جو مسلڪ واضح ٿيل نه آهي. ”فرقي جي مٿڀرائيءَ واري محرڪ کي اسان ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ٿا ڏيون پر اسان فرقي جي بنياد تي پنهنجي رياست جي شناخت واضح به نه ٿا ڪري سگھئون ۽ اهڙي قسم جا قدم جيڪڏهن کنيا ويا ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ان جي فوج کي شرمندگيءَ واري ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو“.

پروفيسر محمد وسيم وڌيڪ چيو ته ”هن کان اڳ به سعودي عرب کي فوجي مدد مهيا ڪرڻ جو خيال موجود رهندو آيو آهي. 1991 واري عراقي جنگ جي زماني ۾ به پاڪستان پنهنجون فوجون سعودي عرب اماڻيون هيون پر اسانجي فوج سرحدن کان پري ئي قيام ڪيو هيو، پر هاڻي صورتحال مختلف آهي، ڪجهه سال اڳ پاڪستان سعودي عرب جي حڪمرانن کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو هيو ته يمن جي جنگ خاطر پاڪستاني فوجي جوانن کي اماڻي نه ٿو سگھجي.

گھٽ ۾ گھٽ سرڪاري سطح تي پاڪستاني فوجي سعودي عرب نه اماڻيا ويا پر هاڻي جيڪڏهن فوجي جوان اماڻيا ويندا ته پوءِ اهي سوال ته ضرور اٿندا ته ڇا هاڻي پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي آندي وئي آهي؟“. پروفيسر وسيم جي راءِ آهي ته، سعودي عرب جي حمايت ۾ پاڪستاني فوج پاران جنگي حالت ۾ موجود رهڻ سان وڏي پئماني تي شرمندگيءَ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.

اسلامڪ ملٽري الائنس جي قيام وارو اعلان ڪرڻ کان ستت پوءِ سعودي عرب جي مکيه وزيرن پاڪستان جو دورو ڪري هتان جي اختيارين سان اتحاد ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير عادل بن احمد الجُبير ۽ سعودي عرب جي دفاع واري وزير ۽ نائب ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان السعود ڌار ڌار حيثيت ۾ جنوري 2016 دوران پاڪستان جا دورا ڪيا ۽ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪندي تڏهوڪي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقاتون پڻ ڪيون.

ان کان هڪ هفتو پوءِ پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ راحيل شريف ”امن مشن“ تحت سعودي عرب ۽ ايران جو گڏيل دورو ڪيو ته جيئن اسلامي فوجي اتحاد قائم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ واري صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٺاپر آڻي سگھجي. مارچ 2016 ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي عرب جو دورو ڪيو ويو ۽ اسلامڪ ملٽري الائنس جي گڏيل فوجي مشقن جو معائنو پڻ ڪيو ويو. سندن اهڙي دوري کان ستت پوءِ اهي اطلاع به اچڻ شروع ٿي ويا ته پاڪستان سعودي اڳواڻيءَ ۾ يمن جي حوثي باغين خلاف شروع ٿيندڙ ويڙهه لاءِ جڙندڙ فوجي اتحاد ۾ شامل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف پاران اها عوامي پڌرائي جاري ڪئي وئي ته ”سعودي عرب جي سرحدن واري بقا لاءِ جيڪڏهن ڪو به خطرو پيدا ٿيو ته پاڪستان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ موجود رهندو“.

پاڪستان جي مکيه مخالف ڌر وارين پارٽين مان هڪ، پاڪستان تحريڪ انصاف پاران به اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف کي سعودي عرب جي اڳواڻيءَ واري فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ واري سرڪاري فيصلي جي مخالفت ڪئي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف پاران باضابطه طور تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ”بظاهر ايئن لڳي رهيو آهي ته مسلمان ملڪن جو فوجي اتحاد ايران جي مخالفت ۾ جوڙيو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته، پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف کي اسلامي فوجي اتحاد جو سپهه سالار ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ سان اهو منفي پيغام ويندو ته پاڪستان به ايران جي خلاف ٿي بيٺو آهي“.

پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شيرين مزاريءَ جو چوڻ آهي ته، هڪ سال اڳ اهو معاملو پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ اچي چڪو آهي ۽ مجموعي طور تي اها راءِ سامهون آئي هئي ته پاڪستان کي اهڙي ڪنهن به تڪراري اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ گھرجي جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان ملڪن وچ ۾ موجود تڪرارن ۾ اضافو ٿئي.

اپريل 2016 دوران پاڪستان جي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽن تي به بحث ڪيو ويو ته پاڪستان، يمن خلاف سعودي عرب پاران قائم ٿيندڙ اتحاد جو حصو بڻجي رهيو آهي ان بحث دوران سعودي عرب جي درخواست رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پارليامينٽ جي ميمبرن راءِ ڏني هئي ته سعودي عرب جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ يمن تڪرار متعلق اڻ ڌريو موقف اختيار ڪندي ٻن مسلمان ملڪن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو وڃي.

حڪمران پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ سينيٽر، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم ٻڌايو ته ”موجوده وقت تائين سعودي عرب ڏانهن پاڪستان جي فوج اماڻڻ جو ڪو به منصوبو موجود نه آهي، پر جيڪڏهن اهڙي ضرورت پيدا ٿي به پوي ٿي ته آخري فيصلو ڪرڻ کان اڳ اهو معاملو پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آندو ويندو ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي ڪنهن به اهڙي تڪرار ۾ ڌر ٿيڻ نه گھرجي جيڪو ٻن مسلمان ملڪن وچ ۾ هلندڙ هجي“. سينيٽر عبدالقيوم اها راءِ پڻ ڏني ته، 1982 ۾ به اهڙي قسم جو هڪ ٺاهه ٿيو هيو پر پرڏيهي پاليسيءَ سان لاڳاپو رکندڙ ايڏو وڏو فيصلو حڪومت کي اڪيلي سِر نه ڪرڻ گھرجي.

دفاعي معاملن جي ناليواري تجزيه نگار امتياز گل جو چوڻ هو ته ”ماضيءَ ۾ پاڪستان جو جيڪو عملي رڪارڊ رهيو آهي ان آڌار چئي سگھجي ٿو ته سعودي عرب جي بادشاهت جي تحفظ لاءِ پاڪستان پنهنجا ڪجهه فوجي سعودي عرب اماڻي سگھي ٿو، پر ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪردار، فوجي اتحاد جي سربراهه ۽ ان جي لاڳاپي واري ملڪ متعلق بهرحال ڪيترائي سواليه نشان پڻ موجود رهندا ڇاڪاڻ ته انهيءَ خطرن سان ڀريل ۽ منجهيل راهه تي هلڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ ڪيترائي سنجيده مسئلا ڪَر کڻي بيهندا“. امتياز گل اها راءِ پڻ ڏني ته، شيعه مسلمانن جي اڪثريتي آباديءَ وارو ڪو به مسلمان ملڪ هن مهل تائين ڄاڻايل فوجي اتحاد ۾ شامل ناهي ڪيو ويو ان ڪري فوجي اتحاد بابت جيڪي قدم کنيا پيا وڃن پرڳڻي جي سياسي معاملن جي پسمنظر ۾ اهي پاڪستان لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

جڏهن ته ايران جي مرضي معلوم ڪرڻ کانسواءِ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ يا فوجي اتحاد ۾ شامل ٿي پنهنجي فوج سعودي عرب اماڻڻ جو مطلب هوندو ته اهي قدم ايران کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ کنيا پيا وڃن. ان ڪري ئي جيستائين فوجي اتحاد جي مقصدن ۽ ٻين اتحادين جي وڌيڪ وضاحت نه ٿي ڪئي وڃي تيستائين پاڪستان توڙي ان جي اڳوڻي آرمي چيف جي ڪردار متعلق وڏا ۽ اهم سوال لٽڪيل ئي رهندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here