اسلام آباد: پاڪستاني حڪومت جي عملدارن وٽان معلوم ٿيو آهي ته، پاڪستان ۾ ايندڙ پرڏيهي ۽ ناياب نسل واري تلور پکيءَ جي تعداد ۾ تيزيءَ سان گھٽتائي اچڻ کانپوءِ حڪومت انهن پکين جي نسل کي بچائڻ خاطر 250 ملين روپين جو فنڊ قائم ڪيو آهي.

ناياب پکين جي نسل کي بچائڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ کان ستت پوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت  قطر جي هڪ شهزادي کي خيبرپختونخواه جي ڀرسان  پنجاب صوبي جي ڀڪر ضلعي ۾ انهن ئي ناياب پکين جي شڪار جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي ”گرين پاڪستان“ منصوبي لاءِ فوڪل پرسن طور مقرر ٿيل رضوان محبوب نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني آهي ته پرڏيهي پکين ۽ باراني علائقن جي ناياب مقامي پکين جي تعداد ۾ تيزيءَ سان ايندڙ گھٽتائي واري ڳالهه مشاهدي ۾ اچڻ سبب ئي حڪومت کي انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻو پيو.

هن جو چوڻ هو ته، پرڏيهي پکي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اچي ترسندا آهن پر ڪجهه وقت کان انهن جي تعداد ۾ تمام گھڻي گھٽتائي ڏٺي وئي آهي، انهن پکين جي تعداد متعلق ڪي به حتمي انگ اکر ڏئي نه ٿا سگھجن. هن جو چوڻ هو ته ڌارين ملڪن کان ايندڙ ناياب نسل جي انهن پکين جيڪي پاڪستان ۾ ٺڪاڻو قائم ڪندا آهن، گذريل ٻن ڏهاڪن دوران انهن جي تعداد ۾ هڪ اندازي موجب ٻن لکن کان 14 هزارن تائين جي گھٽتائي ڏٺي وئي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علويءَ چيو آهي ته ”قطر جو هڪ شهزادو (جاسم بن جبار الثاني) قطر جي شاهي خاندان جي انهن شهزادن مان هڪ آهي جيڪي اڄڪلهه پاڪستان ۾ ناياب پکين خاص ڪري تلور جي شڪار لاءِ پهتل آهن. قطري شهزادي کي ناياب پکين جي شڪار جي کليل ڇوٽ ڏيڻ پاڪستاني حڪومت جي متضاد فيصلن جي عڪاسي ڪري ٿي. هڪ طرف حڪومت ناياب پکين جي تحفظ لاءِ 250 ملين جو فنڊ رکي ٿي ته ٻئي طرف انهن پکين جي نسل کي برباد ڪرڻ جي اجازت به ڏني وڃي ٿي“.

عارف علويءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي اڳواڻن پاران ملڪ جي وسيلن ۽ خوبصورت پکين کي قطري شهزادن جي پيرن هيٺان ڏيڻ  انتهائي ڏک ڏيندڙ عمل آهي. حڪومت جي راءِ آهي ته تلور پکيءَ جي نسل کي ڪو به خطرو نه آهن جڏهن ته باقي سموري دنيا کي يقين آهي ته انهيءَ پکيءَ جي نسل ختم ٿيڻ وارو انديشو پيدا ٿي چڪو آهي. عارف علويءَ اهو پڻ چيو ته، سپريم ڪورٽ پاران ناياب نسل جي پکين جو شڪار محدود ڪرڻ متعلق جيڪو فيصلو ڏنو آهي حڪومت انهيءَ فيصلي جي دٻاءَ سبب پکين جي شڪار بابت غلط بياني ڪري رهي آهي.

گڏيل قومن جي اداري ”انٽرنيشنل يونين فار دي ڪنزرويشن آف نيچر“ آءِ يو سي اين پاران تلور جي نسل کي خطري هيٺ آيل قرار ڏنو ويو آهي. اهو پکي پاڪستان ۾ سرديءَ جي موسم دوران وچ ايشيائي ملڪن ۽ چين کان ايندو آهي.

جهنگلي جيوت بابت ضابطا ۽ پاڪستان جا قانون جي عنوان سان پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ (جهنگلي جيوت) جي ڊپٽي ڪنزرويٽر محمد شفيق پاران 2005 ۾ ترتيب ڏنل تحقيقي مقالي مطابق، پاڪستان اندر حياتياتي جماليات جي سلسلي ۾ جهنگلي جيوت مکيه حصو آهي ۽ قدرتي وسيلن کي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ به ان جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي.

ماحولياتي تبديلين واري وفاقي وزارت جي هڪ سينئر عملدار، جنهن ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، ايشيائي نسل جي تلور پکيءَ جي تعداد ۾ تمام گھڻي تيزيءَ سان گھٽتائي اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ پکيءَ جي شڪار ۾ تمام گھڻي واڌ آئي آهي.

رضوان محبوب جو چوڻ هو ته ”غير قانوني شڪار ۽ سندن نسلي واڌ ۾ جيڪي مختلف قسم جون رنڊڪون وڌيون وجهن ٿيون انهن جي ڪري پرڏيهي پکين جي نسل ۾ تمام گھڻي گھٽتائي اچي رهي آهي.

”ٻيلن ۽ حياتياتي تنوع متعلق معلومات وارا انگ اکر“ واري يو اين ڊي پيءَ جي رپورٽ مطابق، ٻيلن جي حساب سان پاڪستان جي حيثيت بهتر نه آهي. پاڪستان ۾ ٻيلن جي پکيڙ صرف 4. 72 ملين هيڪٽرز تي آهي مطلب ته پاڪستان جي سموري ايراضيءَ جي حساب سان ان جي 5.36 سيڪڙو ايراضيءَ تي وڻن جي پوکي ٿيل آهي. انهيءَ تناسب جي ڀيٽ جيڪڏهن خطي جي ٻين ملڪن جي ٻيلن واري ايراضيءَ سان ڪئي ويندي ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا اندر 65.5، سري لنڪا ۾ 42.4، ڀارت ۾ 23.7، چين ۾ 17.7 ۽ بنگلاديش ۾ 15.3 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا ڦهليل آهن.

پرڏيهي معاملن واري وزارت سان لاڳاپيل هڪ سينيئر عملدار، جيئن ته هن وزارت جي سمورن عملدارن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت حاصل ناهي هوندي ان ڪري ئي هن نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ٻڌايو ته، پاڪستان ۾ نار وارن عرب ملڪن جي شهزادن کي مخصوص علائقا ناياب نسل وارن پرڏيهي پکين جي شڪار لاءِ الاٽ ڪيا ويندا آهن. انهيءَ عملدار اهو پڻ ٻڌايو ته، جاسم الثانيءَ جهڙا ڪيترائي عرب شهزادا ۽ بااثر پاڪستاني سڄو سال پاڪستاني حڪومت جي اجازت سان ناياب نسل وارن پکين جو شڪار ڪندا رهندا آهن.

ورلڊ وائيلڊ لائيف فنڊ (ڊبليو ڊبليو ايف) پاڪستان جي هڪ عملدار ڊاڪٽر اعجاز احمد جو چوڻ هو ته، بااثر عرب شهزادا هر سال خونخوار بازن وسيلي تلور جو شڪار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا آهن. باز سان شڪار هنن جو پسنديده رواج آهي. وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ اهڙي قسم جي شڪار سبب ئي تلور ۽ ٻين ناياب پکين جي نسل ۾ تمام گھڻي گھٽتائي اچي چڪي آهي جنهن ڪري عرب شهزادا هاڻي انهن پکين جو شڪار ٻين ملڪن ۾ وڃي ڪن ٿا.

ڊاڪٽر اعجاز احمد اهو پڻ چيو ته، عرب شاهي خاندانن جي شهزادن جو تعلق جيئن ته مختلف ملڪن سان هجي ٿو ان ڪري انهن سڀني کي مختلف علائقا شڪار لاءِ مخصوص ڪري ڏنا ويندا آهن.

ويجهڙائيءَ وارن وقتن ۾ ميڊيا پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته، ڀڪر ضلعي جي هارين ۽ آبادگارن پاران ڪيترا ئي ڀيرا تلور جي شڪار خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته، کين عرب شهزادن جي شڪار واري علائقي کان زبردستي پري ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي هفتن تائين کين پنهنجي زمينن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت به نه ٿي ڏني وڃي. هارين ان ڳالهه تي پڻ سخت احتجاج ڪيو آهي ته شڪار دوران سندن فصلن ۽ زمينن کي گھڻو نقصان پهچايو وڃي ٿو.

ايم اين اي عارف علويءَ جو چوڻ هو ته، هو اهو پهريون چونڊيل نمائندو آهي جنهن قومي اسيمبليءَ جي ايوان اندر تلور جي شڪار خلاف آواز اٿاريو. هن سڀني معاملن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ايوان اندر جائزو پيش ڪيو (پاناما ليڪس، قطر جي شهزادي جو پاڪستان اچي تلور جو شڪار ڪرڻ وغيره).

ميڊيا جي رپورٽن مطابق، قطر جي اڳوڻي وزيراعظم الثانيءَ پاران  5 نومبر 2016 واري ڏهاڙي هڪ ذاتي خط، جنهن کي عام ڪرڻ کان منع ڪئي وئي هئي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويو. اهو خط الثانيءَ جي ليٽر پيڊ تي لکيل هيو. ان خط جو تجزيو بعد ۾ تجزئي نگارن پاران به ڪيو ويو جنهن سان پاناما ليڪس ڪيس ۾ آيل پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف کي فائدو حاصل ٿيڻ جو انديشو آهي.

الثانيءَ کي ميڊيا پاران تمام گھڻو دولتمند ۽ تڪراري شخصيت قرار ڏنو ويندو آهي. جون 2013 ۾ عهدي تان هٽائجڻ کان اڳ هو قطر جي وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيل هيو ۽ ان کان اڳ پرڏيهي معاملن جو وزير پڻ رهي چڪو هيو.

ملڪ جي موجود سياسي معاملن ۾ الثانيءَ پاران ڪردار ادا ڪرڻ کي پاڪستاني ميڊيا شڪ جي نگاهه سان ڏسندي رهي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران انهيءَ قطري شهزادي کي خيبرپختونخواه صوبي جي علائقن ۾ شڪار جي اجازت ڏيڻ مٿان صوبي ۾ قائم پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران اعتراض پڻ واريا ويا. وفاقي حڪومت پاران قطري شهزادي کي خيبرپختونخواه ۾ شڪار جي اجازت ڏيڻ لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ صوبائي حڪومت اهڙي سرگرميءَ جي مزاحمت ڪئي.

ماحوليات بابت خيبرپختونخواه حڪومت جي صلاحڪار اشتياق آرمر ميڊيا سان ڳالهائيندي موقف ڏنو ته، قطري شهزادي کي صوبي ۾ خصوصي شڪار جي اجازت ڏيڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي مٿان کين ڪيترائي اعتراض آهن ۽ تلور جي شڪار مٿان صوبي ۾ جيئن ته سختيءَ سان پابندي لڳائي وئي آهي ان ڪري هنن قطري شهزادي کي به اهڙي شڪار جي اجازت نه ڏني.

هڪ تحقيقي اڀياس جيڪو انوائرنمينٽ رسرچ اينڊ وائيلڊ لائيف ڊولپمينٽ ايجنسيءَ پاران ڪيو ويو آهي، ان ۾ اهو خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته، ناياب نسل جي ايشيائي تلور ۽ ٻين پکين جو غير قانوني شڪار، کين ڦاسائڻ ۽ انهن جي وڪري وارو رجحان جيڪڏهن موجوده تناسب سان جاري رهيو ته ناياب نسل جي انهن پکين جو نسل باقي صرف 15 کان 25 سالن تائين مشڪل سان برقرار رهي سگھندو.

انهيءَ اداري پاران اهو ڪاٿو پڻ لڳايو ويو آهي ته، انهيءَ پکيءَ جي فطري موت جي شرح 3.28 سيڪڙو آهي جڏهن ته شڪار وسيلي ان جي موت جي شرح 73 سيڪڙو جي اوچي تناسب تي بيٺل آهي. جڏهن ته ان جي شڪار جي قابل قبول شرح 7.2 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي پر شڪار وسيلي ان پکيءَ کي مارڻ جي شرح 20.8 سيڪڙو کان وڌيل آهي.

ناياب نسل جي خطري هيٺ آيل پکين جي نسلي واڌ ويجهه سفارتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ خاطر عمل هيٺ آڻڻ وڏي بدقسمتي آهي.

رضوان محبوب چيو ته حڪومت پاران ناياب پکين جي تحفظ خاطر جيڪو فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ان تحت پکين جي نسل جو تحفظ ڪيو ويندو، انهن جي ٻچن جي واڌ ويجهه ڪرائي ويندي ۽ سندن رهائش وارن علائقن ۾ کين اهڙو ماحول مهيا ڪيو ويندو ته جيئن اتي سڪون سان رهي سگھن، پر حڪومت کي حياتياتي تنوع ۽ ناياب نسل جي پکين جي بقا خاطر هڪ ڌر ٿي اڳتي اچڻو پوندو ان کانسواءِ اهڙين پکين جو تحفظ مشڪل ٿي پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here