لاهور (دردانه نجم وٽان) ”پاڪستان پاران تيار ٿيل“ جو نالو لڳل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کي ملڪ اندر ئي منعقد ڪرڻ ٿيڻ گهرجي ها، پر پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ تي پابندي هجڻ سبب اها راند سمنڊ پار منتقل ٿي وئي. ڪرڪيٽ جا اڳوڻا رانديگر ۽ ماهر هڪ سوال ڪن ٿا ته، جيڪڏهن پي ايس ايل هڪ بين الاقوامي ٽيم نه آهي ته پوءِ ان کي پاڪستان ۾ ڇو ناهي کيڏيو ويو؟
پاڪستان سپر ليگ کي ٽي 20 طرز تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 ٽيمن لاهور قلندرز، ڪراچي ڪنگز، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ حصو ورتو. هر هڪ ٽيم 16 رانديگرن تي مشتمل هئي، جن مان 11 پاڪستاني ۽ 5 غيرملڪي هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪل 25 غيرملڪي رانديگر به پي ايس ايل کيڏيا، ان جو ٻيو سڌو مطلب اهو پئي ٿيو ته انهن کي ممڪنه خطرن کي نظرانداز نه پيو ڪري سگهجي.
نيوز لينز پاڪستان پاران لاهور ريجن جي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر خواجه نديم سان رابطو ڪري انهن سوالن جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن جي ڪري راند جا پهريان اُهي مقابلا پاڪستان ۾ نه ٿي سگھيا. نديم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪو موقعو ڏيڻ نه پئي چاهيو. اهو پهريون ايڊيشن هيو ۽ اسان چاهيو پئي ته رانديون بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ٿين.
بين الاقوامي ڪرڪيٽ تي بندش، 4 مارچ 2009 ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ڀرسان سِري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم مٿان ٿيل حملي بعد پئجي وئي هئي. سري لنڪا جي ڪرڪيٽ تيم جا 6 رانديگر ۽ اسسٽنٽ ڪوچ زخمي جڏهن ته پاڪستاني پوليس جا 6 آفيسر ۽ 2 عام شهري ان حملي دوران ٿيل فائرنگ سبب مارجي ويا هئا.
ان بعد حڪومت پاران ان سنگين ڏوهه ۾ ملوث ٿيلن کي گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون ويون، پر اهڙن عملن جي بنياد تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي مڃرائي نه سگھي ته اها بندش واري فيصلي ۾ نرمي ڪري. حملي بعد لاهور جي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) پرويز راٺوڙ 17 جون 2009 تي پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته ان حملي جو ماسٽر مائينڊ عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان آهي، جنهن جو تعلق تحريڪ طالبان پنجاب سان آهي.
پاڪستان جي نامياري اڳوڻي ڪرڪيٽر جاويد ميانداد ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پي سي بيءَ کي گھرجي ته آءِ سي سيءَ ۾ پنهنجي حريفن کي اهو يقين ڏياري ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه وڙهڻ لاءِ بين الاقوامي ڪرڪيٽ تي بندش وجهڻ جي نه پر ان جي اجازت ڏيڻ جي ضرورت آهي. جڏهن راند کي فروغ ملندو ته ان ۾ نوجوان ۽ انهن جا نوان خيال شامل ٿيندا جن کي پوءِ انتهاپسند مذهبي خيالن ڏانهن ڪشش پيدا نه ٿيندي.
پاڪستان مان بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي تڏا ويڙهه جو الزام اڪثر پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ مٿان رکن ٿا. راندين جي ماهرن پاران بيان ڪئي ويندڙ اها ڳالهه حقيقت ۾ اڌ سچ آهي.
جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته ملڪ اندر کيڏي ويندڙ ڪرڪيٽ متعلق غير پيشيورانه رويو رکي، ان جي بنياد تي اسان ڪرڪيٽ جي عالمي شراڪت دارن کي ڪهڙا اشارا ڏئي رهيا آهيون؟ اسان ملڪي سطح تي ڪرڪيٽ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سڌريل ملڪن ۾ اها عام ڳالهه آهي ته راندين جي سهولتن، خاص ڪري پارڪن جي تعمير ڪجي، پر پاڪستان ۾، اسان اهڙين شين جي ڪا به حفاظت نه ٿا ڪيون. حقيقت ۾، اسان راندين جي بنيادي ڍانچي جي تباهي ڪري رهيا آهيون ۽ اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون ته راندين جي ميدانن تي اوچيون عمارتون ڪَر کڻي بيٺل آهن.
ان باوجود 2015 ۾ پاڪستان ان ڳالهه ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ملڪ اندر کيڏڻ لاءَ وٺي آيو. اهو معاملو تيستائين بهتر انداز سان اڳتي وڌيو جيستائين هڪ خودڪش ڌماڪي وارو واقعو نه ٿيو، جنهن جو تعلق پوليس ۽ ميڊيا پاران ڪرڪيٽ ميچن سان جوڙيو ويو.
راندين جي سينيئر تجزئي نگار محمد علي، جيڪو ڊيلي ٽائيمز لاهور جو اسپورٽس ايڊيٽر پڻ آهي، ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم ان ڪري پاڪستان نه آئي ته اسان آءِ سي سيءَ يا ٻين ملڪن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪي قدم کڻي رهيا هئاسين، حقيقيت ايئن آهي، جهڙيءَ ريت منهنجي ذريعن مونکي ٻڌايو آهي ته اسان زمبابوي جي هر هڪ رانديگر کي راند کيڏڻ عيوض 12500 ڊالر ادا ڪيون ها.
هن کان پڇا ڪئي سين ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جون خاطريون ڪرايون ويون انهن ڇو اعتبار نه ڪيو ويو؟ ان جي جواب ۾ محمد عليءَ جو چوڻ هيوڇو ته ماڻهو اسان تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل ماڻهن کي خبر آهي ته دهشتگردن جا همدرد اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪا آهن. اسان جي سامهون هڪ طويل سفر آهي، جيڪو اسان کي عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ کان اڳ ڪرڻو پوندو، اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي معاملن کي سڌاريون نه صرف دهشتگرديءَ کي ختم ڪندي پر ان سان گڏ ئي اسان کي ملڪي سطح واري ڪرڪيٽ کي به هٿي وٺرائڻي پوندي.
اها پنهنجي طور تي هڪ اڻ ٿيڻي هئي ته اسان پي سي بيءَ جي جنهن به عملدار سان موقف ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو ان پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحالي متعلق پي سي بيءَ يا حڪومت پاران کنيل قدم متعلق پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ظهير عباس، جنهن کي پاڪستان جي نمائندگيءَ ڪرڻ خاطر 2015-16 لاءِ آءِ سي سيءَ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي، ان پڻ انهن قدمن متعلق ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جيڪي هن پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ کنيا آهن.
تنهن هوندي به نيوز لينز پاڪستان ڪرڪيٽ جي بحالي واري معاملي متعلق پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر انتخاب عالم سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هو ان ڳالهه سان سهمت ٿيو ته پي ايس ايل پاڪستان ۾ ئي کيڏڻ گھرجي ها پر يڪساهيءَ هن ان اهو انڪشاف به ڪيو ته پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ وارو اڀ ڪپرو فرض سرانجام ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي. بهرحال آخر ۾ هن اهو ئي چيو ته اسان کي ان لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گھرجن ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته پاڪستان کي هڪ محفوظ ملڪ بڻايون.
هڪ ٻئي سال جي جواب ۾ انتخاب عالم نيوز لينز پاڪستان کي پاڪستاني رانديگرن جي ان تڪليف بابت آگاهه ڪيو جيڪا کين ٻين ملڪن ۾ کيڏڻ جي ڪري محسوس ٿئي ٿي. هن جو چوڻ هيو ته اسان جا رانديگر تمام گھڻو وقت ملڪ کان ٻاهر، پنهنجي گھرڀاتين کان پري رهندي، راند کيڏندي گذارين ٿا ان ڳالهه جا اثر سندن راند کيڏڻ واري صلاحيت تي پون ٿا. پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ هي لمحا آسان نه آهن. هن ڏکائتي لهجي ۾ چيو ته پاڪستان جي قومي توڙي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم تيستائين صحيح ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو نه ڪري سگھنديون جيستائين ملڪ جون اندروني حالتون بين الاقوامي رانديگرن لاءِ سازگار ثابت نه ٿينديون.
ماضيءَ جي ڪيترين ئي غيراخلاقي سرگرمين، خاص ڪري تمام وڏن عهدن لاءِ غير موذون ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻ يا اداري ۾ ڪم ڪندڙ پيشه ورانه صلاحيتن جي مالڪ ماڻهن جي قابليتن مان فائدو حاصل نه ڪرڻ جي ذميواري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مٿان لاڳو ڪئي ويندي آهي.
جاويد ميانداد ان ڏس ۾ الزامن جو سئو سيڪڙو بار اداري مٿان وجهندي چيو ته پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پي ايس ايل جو هاڻوڪو چيئرمين ڪرڪيٽ متعلق ڪهڙي ڄاڻ رکي ٿو. هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته نجم سيٺي سٺو تجزيه نگار آهي پر هو ڪرڪيٽ جو گُرو ٿيڻ واري معيار تي پورو نه ٿو لهي.
جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته پي سي بي جيڪڏهن صحيح ماڻهوءَ کي صحيح ڪم لاءِ مقرر نه ڪندي ۽ انهن پيشه ور ماڻهن جيڪي اداري اندر موجود آهن، جي صلاحيتن مان فائدو حاصل نه ڪندي ته پوءِ اهو سمجهي ڇڏڻ گھرجي ته پوءِ اداري کي نئين سِر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here