ڪراچي: ڪراچيءَ جي پوش علائقي ۾ واقع هڪ بيڪريءَ ۾ مان جيئن ئي داخل ٿيس ته تازو پڪل ڪيڪن جي ذائقيدار خوشبوءَ مونکي پنهنجي اثر ۾ جڪڙي ورتو. مصروف گھٽيءَ اندر ڳاڙهسري ۽ سونهري آرائش واري اها عمارت نظر کان گسي وڃي اهو ناممڪن آهي. عمارت جو اندروني ڏيک به پرسڪون ۽ پُرخيال نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي صوفن مان هڪ تي ويٺل جوڙو وڏن رنگين منگهن مان ڪافيءَ جون چسڪيون ڀري رهيو هيو. گراهڪ نه صرف اتان ڪيڪ خريدي پئي سگھيا پر جيڪڏهن چاهين ته اتي ئي کائي به سگھيا پئي.

هلڪين ڦُلڪين نمڪين شين، پيسٽرين ۽ پيزا کان وٺي سموسا ۽ ٻيون کاڄي واريون شيون خريدي سگھڻ واري هنڌ کان وڌيڪ هيءَ بيڪري ٻي به وڏي اهميت رکي ٿي. مون لاءِ بيڪريءَ جي مالڪياڻي، ڪيڪ پچائڻ واري مُک بيڪرياڻي ۽ اسڪوائش راند ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪامياب رانديگر بشريٰ حيدر وڌيڪ اهميت جوڳي هئي.

راند جي ميدان ۾ مدمقابل رانديگر سان سخت مهاڏو اٽڪائڻ وارين بشريٰ جي زندگيءَ جي پراڻين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي مون جيڪو سندس خيالي سراپو جوڙيو هيو ان مطابق مون محسوس ڪيو پئي ته ملاقات وقت منهنجي روبرو هڪ قدآور، رخي رويي ۽ مضبوط لڱن واري ڇوڪري ٿيندي، پر جهڙيءَ ريت هن مسڪرائي مونکي هٿ ڏنو ته هوءَ مونکي پنهنجي تصور کان بنهه مختلف نظر آئي.

بشريٰ جي زندگي سبق حاصل ڪرڻ واري آهي. هڪ اهڙي ملڪ اندر جتي عورتن جيِ راندين ۾ حصو وٺڻ واري عمل جي مخصوص سوچ آڌار مخالفت ڪئي ويندي آهي انهيءَ باوجود هن ڪامياب رانديگرياڻيءَ وارو دور گذاريو آهي. ادارن وٽان محدود سهڪار ملڻ باوجود هن عالمي توڙي ملڪي سطح تي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون.

بشريٰ حيدر جنهن زماني ۾ راندين ۾ حصو ورتو ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي پاڪستان ۾ رانديون کيڏندڙ عورتن لاءِ ماحول گھڻي ڀاڱي تبديل ٿي چڪو آهي، پر بشريٰ کي ذاتي توڙي ادارن جي سطح تي جن ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو اهڙيون مشڪلاتون اڃان به وڏي پيماني تي موجود آهن. عورتن پاران راندين جي ميدانن ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ باوجود جيڪي بندشون بشريٰ جي راهه آڏو آيون اهي مشڪلاتون اڄ به عورتن جي راهه روڪڻ لاءِ موجود رهن ٿيون.

بشريٰ حيدر جو راند کيڏڻ وارو زمانو گذري چڪو. انهيءَ ڳالهه کي به هاڻي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، جڏهن هن پهريون مقابلو کٽيو هيو پر هن جڏهن انهيءَ ميچ متعلق ڳالهايو پئي ته ايئن لڳو ڄڻ هوءَ انهيءَ مقابلي ۾ واپس پهچي وئي آهي ۽ گذري ويل گهڙين ۾ پساهه کڻي رهي آهي. هن ٻڌايو ته ”مونکي هاڻي به چڱيءَ ريت ياد آهي ته فائنل ميچ کان اڳ مان ڪافي گھٻراهٽ محسوس ڪري رهي هيس.

منهنجي ان وقت عمر مشڪل سان 14 سال هئي ۽ مان سنڌ جي چيمپيئن شپ کٽڻ وارو مقابلو ڪري رهي هيس ۽ اهو اعتراف مان ضرور ڪرڻ چاهيندس ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ سامهون راند کيڏڻ جي حوالي سان مان ڪافي پراعتماد هيس. گھٻراهٽ ۽ پنهنجي اندر واري خوف جي دلدل مان مونکي گھڻي حد تائين منهنجي خاندان جي اخلاقي ساٿ ۽ سهڪار ئي بچائي ورتو هيو“.

بشريٰ حيدر چيو ته ”اهو سخت ۽ ڏکيو ميچ هيو پر مونکي ياد آهي ته مون ان کي صرف راند ئي تصور ڪيو، ان هوندي به مون پاڻ کي جيئن ته مستقبل جي اسڪوائش رانديگرياڻيءَ طور مڃرائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هيو ان ڪري به اهو ميچ منهنجي لاءِ تمام گھڻو اهم هئو. هاڻي انهيءَ ميچ جون ڪيتريون ئي يادگيريون ڌنڌلائجي به ويون آهن پر جيڪا ڳالهه ڪڏهن به ناهي وسري سگھي اها منهنجي والدين جي چهرن خاص ڪري منهنجي ماءُ جي مُک تي آيل پيار ۽ فخر جا جذبا وسارڻ جهڙا ئي نه آهن“.

بشريٰ انهيءَ سال 1995 جي چيمپيئن شپ کٽي سنڌ جي سڀ کان ننڍي عمر واري اسڪوائش چيمپيئن بڻجي وئي هئي. ان کان ٻه سال پوءِ هن قومي چيمپيئن شپ جو اعزاز به کٽي ورتو جيڪو چئن سالن تائين وٽس رهيو. ان بعد هن 2005 ۽ 2010 ۾ قومي چيمپيئن شپ وارو تائيٽل ٻيهر کٽيو.

بشريٰ مونجهاري جو شڪار رانديگرياڻي هئي. هن ٻڌايو ته ”اسڪول يا ڪاليج کان ٻاهر مان اهڙي ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه سڃاڻيندي هئس جيڪا راند کيڏندي هجي ۽ مونکي ڪا خبر نه هئي ته مان راندين کي پيشوراڻي انداز سان اختيار ڪنديس. ڇو ته پاڪستان اندر انهن ڏهاڙن ۾ راندين کي پيشوراڻي انداز سان اختيار ڪرڻ جو ڪو به رجحان نه هيو. اها به حقيقت آهي ته انهن وقتن ۾ ڪا به ڇوڪري راندين جي ميدان ۾ وڃي ڪو نه کيڏندي هئي.

منهنجي امڙ هفتي دوران ڪيترائي ڀيرا ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ڇڏڻ ايندي هئي جنهن ڪري مان ۽ منهنجا ڀائر، ڀينر ڪافي مشهور ٿي پياسين.“. بشريٰ حيدر جي ماءُ راندين سان صحت سٺي رهڻ واري خيال بابت وڏو اعتقاد رکندڙ آهي جنهن ڪري بشريٰ ۽ سندس ڀائر ڀينر ترڻ ۽ اسڪوائش رانديون ڪندا هئا.

بشريٰ راندين ۾ حصو وٺڻ کان ايئن ته ڪيٻائيندي به رهي پر هن پاسي سندس اچڻ حادثاتي به هيو. ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ مينهن سبب هڪ ڏينهن هوءَ ٽينس راند نه کيڏي سگھي. هوءَ پنهنجي ماءُ جو انتظار ڪندي ڪندي تنگ ٿي رهي هئي جيڪا کيس مقرره وقت تي ئي کڻڻ لاءِ اچڻي هئي ان جي انتظار وارو وقت گذارڻ لاءِ کيس ڪا ٻي مصروفيت گھربل هئي. اهڙين گھڙين ۾ بشريٰ پنهنجي ٽينس ريڪٽ کنئي ۽ ان سان اسڪوائش جي هڪ خالي پيل ڪورٽ ۾ بال کي ڀت سان هڻي کيڏڻ لڳي.

هوءَ بال کي پنهنجو سمورو زور لڳائي ڀت سان کيڏي رهي هئي. راند جي سکيا ڏيندڙ هڪ ڪوچ ويجهڙائيءَ کان ئي کيس ڏسي رهيو هيو جيڪو بعد ۾ وٽس هلي آيو ۽ ساڻس گڏجي راند کيڏڻ لڳو. ستت ئي اهو ثابت ٿي ويو ته بشريٰ جون ٻانهون اسڪوائش راند کيڏڻ لاءِ ڪافي مضبوط آهن. انهيءَ ڪوچ پاران بشريٰ ۽ سندس ماءُ کي صلاح ڏني وئي ته هوءَ ٽينس بجاءِ اسڪوائش راند کيڏي سو اهڙيءَ ريت ئي هن اها راند کيڏڻ شروع ڪئي.

اسڪوائش اڳ به توڙي هاڻي به مهانگي راند آهي خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کان علاوه ٻين راندين لاءِ مالي وسيلا ۽ مالي سهڪار ملڻ تمام گھٽ آهي. جڏهن ته عورتن جي راندين لاءِ ته صورتحال اڃان به وڌيڪ ڏکائيندڙ آهي.

بشريٰ کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ئي اهو احساس ٿي ويو ته جيڪڏهن کيس مالي سهڪار ۽ مدد حاصل ڪرڻي آهي ته پهريان کيس اسڪوائش جي بهترين رانديگرياڻيءَ طور پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻو پوندو.

بشريٰ ٻڌايو ته ”منهنجي سکيا ڏيندڙ ڪوچن مونکي ماهر رانديگرن خاص ڪري مردن سان مقابلو ڪرائي سکيا ڏني انهيءَ ڪري مونکي اندازو هيو ته منهنجي راند سٺي آهي. ان هوندي به ستت ئي مون پروڙي ورتو ته اسڪوائش راند کيڏڻ واري عمل کي جاري رکڻ خاطر مونکي مالي مدد مهيا ڪرڻ واري اسپانسر جي گھرج آهي خاص ڪري انهيءَ صورت ۾ ته ٻين عورتن کي هن راند ۾ صفا گھٽ يا نه هجڻ جي برابر دلچپسپي هئي“.

بشريٰ جون ٻانهون ۽ جذبو ٻئي مضبوط هئا جڏهن ته کيس والدين ۽ ڪوچ وٽان به ڀرپور مدد حاصل ٿي رهي هئي، پر راندين جو نظام هن جي سٺي آجيان نه ڪري رهيو هيو. پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن پاران کيس نظرانداز ڪيو ويو، مرد رانديگر مٿس چِٿرون ڪندا هئا ۽ هوءَ جدوجهد ڪري رهي هئي ته نه صرف ملڪي پر عالمي سطح جي مقابلن لاءِ نامزد ٿي وڃي.

بشريٰ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن گھرڀاتي ۽ ڪوچ آفتاب جاويد سهڪار نه ڪن ها ته هو راند کيڏڻ وارو سلسلو جاري رکي نه سگھي ها. مونکي ياد آهي ته ڪهڙيءَ ريت ٻيا رانديگر خاص ڪري مرد منهنجو مذاق اڏائيندا هئا ته هاڻي هڪ ڇوڪري به پيشوراڻي اسڪوائش رانديگرياڻي ٿيڻ چاهي ٿي. اهڙا جملا ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي ڏاڍو ڏکوئي وجهندا هئا پر انهن جي ڪري مون کي نئون حوصلو ۽ همت به ملندي هئي“.

پاڪستان جي عورت رانديگرياڻين جو نئون ۽ موجوده نسل به نظام ۽ مرداڻي غلبي واري انهيءَ رواجي سوچ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن آڌار عورتن جي راندين کيڏڻ واري عمل جي حوصلي افزائي ناهي ڪئي ويندي.

رِشاد محمود پاڪستان ۾ انگريزي اخبار ڊان جي راندين واري صفحي جو ڪافي وقت کان ايڊيٽر آهي. رِشاد محمود جو چوڻ هو ته بشريٰ جو تجربو بدقسمتيءَ سان عام رواجي آهي، پر ان ۾ اميد جي جهلڪ به موجود آهي. گذريل وڏي وقت کان وٺي قابل ۽ حوصلي مند رانديگرياڻين جي پيشوراڻي انداز سان راندين جي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻڻ واري رجحان کي ڄاڻي واڻي دٻايو ويندو آهي ته جيئن مردن جي انا برقرار رهي. ان هوندي به موجوده صديءَ جي آغاز کان وٺي عورتن لاءِ صورتحال ۾ ڦيرو اچڻ شروع ٿيو آهي.

رشاد محمود اهو پڻ چيو ته نوجوان رانديگرياڻين جي ڪاميابين جو تعداد وڌي رهيو آهي جنهن ڪري کين مثبت توجهه ملڻ لڳي آهي. نوجوان عورتون هاڪيءَ، باڪسنگ، مارشل آرٽس، جبل چڙهڻ ۽ رگبيءَ جهڙي راند ۾ به سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳيون آهن. جيتريون وڌيڪ ڪاميابيون هو حاصل ڪنديون اوتري ئي تعداد ۾ ٻين نوجوان ڇوڪرين کي راندين ۾ حصو وٺڻ ۽ روايتي قسم جي صنفي رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي سلسلي ۾ حوصلي افزائي ملندي رهندي.

هن نشاندهي ڪندي چيو ته پاڪستان جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم جنهن ٽي ورلڊ ڪپ کيڏيا آهن، انهيءَ ٽيم جي رانديگرياڻين انفرادي طور تي به سٺا رڪارڊ قائم ڪيا آهن. عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم هاڻي وڏي پئماني تي عورتن توڙي مردن جو ڌيان ڇڪائي چڪي آهي. پاڪستان جي ڇوڪرين اولمپڪس 2016 ۾ به نمايان انداز سان حصو ورتو ان هوندي به عورتن جي راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڃان به گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رشاد محمود جي راءِ هئي ته مکيه مسئلو اهو به آهي ته پاڪستاني ڇوڪرين کي ان وقت ڪو به سهڪار ميسر نه ٿو ٿئي جنهن وقت کين کليل ميدان وارين راندين ۾ حصو وٺڻ جي آڇ ڪئي وڃي ٿي. اهڙي آڇ جنهن به ڇوڪريءَ کي ملي ٿي ته ان جو خاندان، سندس استاد، ايتري تائين جو سندس ساٿياڻيون به اهڙي آڇ قبولڻ جي مخالفت ڪن ٿيون. اهڙي قسم جي رويي ۽ رجحان کي تبديل ڪرڻ جي به ضرورت آهي ته ”راندين ۾ حصو وٺڻ عورتن جو ڪم نه آهي“ اها سوچ ختم ڪرڻي پوندي.

حڪومت کي گھرجي ته رانديگرياڻين جي حوصلي افزائي ۽ راند کيڏڻ وارن موقعن کي هٿي وٺرائڻ خاطر نه صرف روين ۾ تبديلي آڻي پر کين مناسب تربيت، موقعا ۽ سهولتون به مهيا ڪري. بدقسمتي اها ئي آهي ته نه صرف حڪومت پر نجي شعبو به عورتن جي راندين واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳڀرائي نه ٿو ڪري.

ننڍڙي پر اطمينان جهڙي هڪ ڳالهه هاڻي اها به آهي ته اهي رانديگرياڻيون جيڪي پنهنجي راند ڪرڻ واري جذبي سان پختيون ٿي بيهن ٿيون اهي هار مڃڻ بجاءِ سٺي تربيت ۽ مدد خاطر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لڳيون آهن. انهن مان ئي هڪ اسڪوائش جي رانديگرياڻي ماريه طورپڪئي به آهي جيڪا اسڪوائش جي عالمي سطح جي رانديگرياڻي آهي ۽ بهتر موقعن خاطر ڪيناڊا هلي وئي، پر سمورين عورتن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ به موزون حربو ٿي نه ٿو سگھي.

رانديگرياڻيءَ ۽ سکيا ڏيندڙ ڪوچ وچ ۾ پيش ايندڙ معاملا به مسئلن جو سبب بڻجن ٿا ڇو ته سکيا ڏيڻ وارا اڪثر مرد ئي هوندا آهن. ڪيترين رانديگرياڻين جي بهتر مستقبل جو خواب به ان وقت ڌنڌلو ٿي وڃي ٿو جڏهن گھر کان ٻاهر جي غير مردن سان عورتن جي ڪنهن به قسم جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي اجازت نه هجڻ واري ثقافتي بندش سبب ڇوڪرين کي تربيت وٺڻ جي به اجازت ناهي ملي سگھندي.

ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي پيشه ور باڪسر ۽ هاڻي سکيا ڏيندڙ ڪوچ جاويد جان نوجوان باڪسرن ۽ فوٽ بال جي رانديگرن جي تربيت ڪندو آهي. جاويد جان چيو ته ”پاڪستان ۾ فوٽ بال هجي يا باڪسنگ انهي ٻنهي راندين لاءِ هتي ڪا به مناسب سهولت موجود نه آهي. صرف لياريءَ جي انهن رانديگرن جي حالت تي ئي نظر وجهي ڏسو جيڪي فوٽ بال کيڏن ٿا. اهي راند ۾ ته مهارت رکن ٿا پر کين کيڏڻ لاءِ مناسب گرائونڊ به نه ٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري هو گھٽين ۾ راند ڪندا آهن. سماج جي تنگ نظر سوچ کي ذهن ۾ رکندي اسان اهو تصور به نه ٿا ڪري سگھئون ته ڇوڪريون گھٽين ۾ فوٽبال يا باڪسنگ راند کيڏي سگھنديون.

جاويد جان اهو پڻ چيو ته هڪ اهڙي ملڪ جتي صرف ڪرڪيٽ تي ئي ڌيان ڏنو ويندو هجي ٻيون رانديون بي ڌيانيءَ جو شڪار ئي رهنديون. ڪرڪيٽ کان علاوه جيڪي فرد ٻين راندين جي تربيت وٺي رهيا آهن هو اهو ڪم خالص شوق ۽ جنون تحت ڪري رهيا آهن کين اهڙي ڪا به اميد نه آهي ته اڳتي هلي هو دنيا جي راندين وارين مقابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري سگھندا.

جاويد جان اهو پڻ چيو ته صرف خوشحال ۽ بااثر گھراڻن جون ڇوڪريون ئي اها اميد رکي سگھن ٿيون ته اهي ڪن انفرادي راندين جي ملڪي يا عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي سگھن ٿيون. ننڍن يا غريب خاندانن جي ڇوڪرين لاءِ راندين واري شوق کي برقرار رکي سگھڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو ته کين اميرن جي راندين وارن ڪلبن تائين پهچ حاصل نه آهي جتي عورتن لاءِ راندين جا موقعا ۽ سهولتون به موجود آهن.

ڊاڪٽر صوفيه رحمان گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪراچيءَ اندر تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ هڪ اسڪول هلائي رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته اڪثر والدين سمجهندا آهن ته راندين ۾ حصو وٺڻ وقت جو زيان آهي ۽ هو چاهيندا آهن ته سندن ٻار پڙهائيءَ تي وڌيڪ توجهه ڏين. خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ ته راندين ۾ حصو وٺڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.

هن اهو پڻ چيو ته رانديون ۽ ڇوڪريون اسان لاءِ ڄڻ ته هڪ ناممڪن ڳالهه بڻيل آهي. مون ڪيترن ئي والدين کي ڏٺو آهي ته جيڪڏهن انهن کي چيو ويندو ته توهان جي ڇوڪري اسڪول ۾ ٿيندڙ راند جي مقابلي ۾ حصو وٺي ته اهي سختيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. مونکي حيراني ٿيندي آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي هڪ طرف عورتون جهاز اڏائي رهيون آهن ته ٻئي طرف کين راندين ۾ حصو وٺڻ جي به اجازت به نه ٿي ڏني وڃي.

جيتوڻيڪ اهڙيون مشڪلاتون موجود آهن ان هوندي به ٿوري ئي سهي پر پوءِ به ڏينهون ڏينهن اها قبوليت وڌي رهي آهي ته ڇوڪرين کي به راندين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هجڻ گھرجي. ان هوندي به پاڪستان جي عورتن کي اڃان به طويل سفر ڪرڻو آهي.

واپس هلون ٿا بيڪريءَ ڏانهن جتي بشريٰ حيدر به انهيءَ صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته ڳالهه جڏهن پاڪستان جي رانديگرياڻين جي ٿيندي آهي ته پاڪستانين جي يادداشت ڏاڍي ڪمزور ثابت ٿيندي آهي. اسڪوائش کيڏندڙ پاڪستان جي رانديگرياڻي ڪارلا خان ڪنهن کي ياد آهي جيڪا برطانيا ۾ ڄائي ۽ هوءَ اسڪوائش جي عظيم کيڏاري هئي. ان پاڪستان لاءِ ڪيترا اعزاز کٽيا؟ اهڙِي ڄاڻ رکڻ وارن ماڻهن جو تعداد تمام ٿورو هوندو ۽ تمام گھٽ ماڻهو ڪارلا خان کي ياد ڪندا آهن.

بشريٰ حيدر جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ پاڪستان اسڪوائش جا ٻه عظيم رانديگر جان شير خان ۽ جهانگير خان پيدا ڪيا پر راندين جي جهان ۾ انهن جي حيثيت به ڪيتري آهي. بهرحال پاڪستان اندر عورتن جي راندين ڏانهن عدم دلچسپيءَ جو رجحان مون لاءِ هڪ وڏي مشڪل هئي، ماڻهن کي عورتن جي راند تي پيسو سيڙائڻ لاءِ راضي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو، جيتوڻيڪ مان نيشنل چيمپيئن ٿي چڪي هئس ان باوجود ماڻهن کي مڃائڻ وڏو مسئلو هيو“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.