اسلام آباد: آمريڪا جي شهريت رکندڙ هڪ پاڪستاني فاروق صديقي جيڪو نيويارڪ ۾ ڪلينيڪل ٽيڪنالاجسٽ واري ڪِرت سان لاڳاپيل آهي، تنهن گذريل مهيني 10 سالن جي ان ڌيءُ جي سار سنڀال جا حق وٺڻ بابت پاڪستان ۾ هلندڙ قانوني ويڙهه هارائي آهي، جيڪا ڌيءُ هن ”ڪِرائي جي ڪُک“ وسيلي پيدا ڪرائي هئي.

هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ فاروق صديقيءَ پاران شفقت ڀريل قدم کڻڻ ۾ جيتوڻيڪ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي ۽ هن پنهنجي ڪيس جي پوئواري مقامي سطح جي عدالت کان وٺي ملڪ جي اعليٰ مذهبي وفاقي شرعي عدالت تائين به ڪئي، پر وفاقي شرعي عدالت جي لارج بئنچ نڪاح ٻَڌي زال بجاءِ ڌاري عورت جي پيٽ مان ٻار پيدا ڪرائڻ کي اسلامي تعليم جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت پاران پنهنجي فيصلي ۾ حڪومت کي اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته ملڪ اندر سروگيسيءَ واري طريقي وسيلي ٻار پيدا ڪرائيندڙ والدين ۽ ڊاڪٽرن کي قانون موجب سخت سزا ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

عدالت مان حاصل ڪيل دستاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته، فاروق صديقيءَ جي زال طبي سببن جي ڪري حمل سان ٿيڻ جي لائق نه هئي، اهو ئي سبب هو ته هوءَ جهجهن پيسن عيوض ڪنهن ٻي عورت (سروگيٽ مدر) جي ڪُک ڪِرائي تي حاصل ڪرڻ جي ڳولا ۾ 2004 دوران راولپنڊيءَ پهتي. پاڪستان پهچڻ کانپوءِ انهيءَ مقصد خاطر هن مقامي اخبار ۾ اهڙو اشتهار شايع ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ غريب عورت فرزانه ناهيد پنهنجي ڪُکِ سندن ٻار کي پروان چاڙهڻ لاءِ ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ رضامند ٿي. جڏهن ته ٻارڙيءَ فاطمه جي پيدائش کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ ٻارڙيءَ کي سنڀالڻ جو حق هجڻ بابت قانوني ويڙهه شروع ٿي وئي.

وفاقي شرعي عدالت اهو واضح حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي ته ڪِرائي جي ڪُک (سروگيسيءَ) وسيلي ٻار پيدا ڪرڻ جا ٻيا طريقا به غير اسلامي تسليم ڪيا ويندا.

عدالت جي فيصلي ۾نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن هڪ ٻار مڪينيڪل/ميڊيڪل طريقه ڪار وسيلي پيدا ڪرايو ويندو ته اهڙي صورت ۾ اگر ٻار جو تخم سندس حقيقي پيءُ ۽ آنا سندس حقيقي ماءُ جا هوندا ۽ ان ٻار کي سندس حقيقي ماءُ ئي جنم ڏيندي ته انهيءَ صورت ۾ ئي ٻار جي پيدائش وارو طريقو قانوني تصور ڪيو ويندو. ٻين سمورين صورتن ۾ سروگيسيءَ جي طريقن وسيلي ٻار پيدا ڪرڻ غيرقانوني هوندو ۽ اهڙو عمل اسلامي تعليمات (قرآن ۽ سنت) جي برخلاف هوندو.

ان کان علاوه عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سختيءَ سان اها تاڪيد پڻ ڪئي آهي ته سروگيسيءَ جي تشريح ۽ ان جي ٻين طريقن جي وضاحت خاطر پاڪستان پِينل ڪوڊ ۾ ترميم ڪئي وڃي. عدالت جي فيصلي ۾ زور ڀريو ويو آهي ته هر قسم جي سروگيسيءَ واري ڏوهه جي صورت ۾، ڏوهه ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورن واسطيدارن کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزائن جو تعين پڻ ڪيو وڃي. فيصلي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ”اهڙن والدين جيڪي سروگيٽ ماءُ جو اهتمام ڪن ٿا، سروگيٽ ماءُ بڻجندڙ عورت ۽ ڪرائي جي ڪک ۾ ٻار پيدا ڪرائيندڙ ڊاڪٽر توڙي ٻيا سڀ سهولتڪار به سزا جي لائق هوندا“.

عدالت پاران حڪومت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙن ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي مرداڻي تخم ۽ زنانن آنن جو ذخيرو ڪري رهيا آهن ۽ ڪِرائي جي ڪک وسيلي ٻار پيدا ڪرائي رهيا آهن. عدالت پاران پنهنجي فيصلي ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته ”اها چٽائي ڪرڻ به لازم آهي ته ڪو به اهڙو ڊاڪٽر جيڪو سروگيسيءَ واري طريقي تحت ٻار ڄڻائڻ ۾ ملوث هوندو ان جو لائسنس رد ڪيو ويندو. جڏهن ته سروگيٽ ماءُ ٿيڻ ايئن آهي ڄڻ ته عورت جي ڪک ڪرائي تي ڏني وڃي ۽ بعد ۾ هوءَ ٻار ڄڻڻ واري عمل جي سموري تڪليف پيسن يا هڪ ٻئي خاندان جي خوشيءَ خاطر ڪرائي تي ٻار ڄڻي ڏيڻ بعد ڀلجي وڃي، اهڙو عمل فطرت جي برخلاف آهي“.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مسعود جو پختو يقين آهي ته، عورت کي مصنوعي طريقي يا سروگيسي تحت حاملا ڪرڻ، سواءِ ان صورت ۾ ته تخم ٻار جي حقيقي پيءُ ۽ ڳِڀَ وارا آنا سندس حقيقي ماءُ جا هجن، باقي ٻين سمورن طريقن بابت سنجيده قانوني سوال سامهون اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر خالد مسعود جو چوڻ ه ته ”اهوڙن طريقن جي اسلام ۾ ڪا به اجازت مليل نه آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن طريقن جي ڪري پدريت ۽ مادريت توڙي وراثت جا حق پيچيدگيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا“. هن اهو پڻ چيو ته ”اهڙن معاملن ۾ حقيقي والدين جيڪڏهن پنهنجو ٻار ڄڻي نه ٿا سگھن ته پوءِ اهڙن والدين کي اسلام ۾ ٻيو ٻار هنج وٺڻ يا ٻيو نڪاح ڪرڻ جي اجازت مليل آهي“.

هن واضح ڪيو ته، مٿي ڄاڻايل معاملي ۾ پيءُ پاران ٻار جي حاصلات خاطر جائز طريقو اختيار نه ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ٻار حاصل ڪرڻ جي انهن طريقن کي به سماج ۾ غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن زور ڀريندي چيو ته، اسلام ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جو جيڪو اڪيلو طريقو جائز قرار ڏنل آهي اهو نڪاح ئي آهي ڇو ته ٻار هنج وٺڻ سان به ان جي ولديت ۽ وراثت جا معاملا پوءِ به اڻ طئي ٿيل ئي رهندا آهن.

عدالت جي دستاويزن مطابق، فاروق صديقيءَ دعويٰ ڪئي هئي ته هن فرزانه کي سندس تعاون جي موٽ ۾ ڏهه لک روپيا ادا ڪيا. ان بعد فاروق پاران فرزانه سان نڪاح هجڻ بابت جعلي نڪاح نامو پڻ تيار ڪرايو ويو ته جيئن ڄمندڙ ٻار کي سندس ڌيءُ تسليم ڪيو وڃي. فاروق، فرزانه جي ڪک ڪرائي تي وٺڻ ۽ ٻارڙي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ واري سموري انتظام تي 30 هزار آمريڪي ڊالر خرچ ڪيا آهن.

واضح رهي ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد فاروق صديقيءَ قانوني ويڙهه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. 2005 ۾ ماتحت عدالت ٻن هفتن جي عمر واري ٻارڙيءَ کي کيس جنم ڏيندڙ عورت فرزانه جي حوالي ڪري ڇڏيو، ماتحت عدالت ۾ ڪيس هارائڻ کان چار سال پوءِ 2012 ۾ فاروق صديقي صوبائي هاءِ ڪورٽ ۾ به پنهنجو ڪيس کٽي نه سگهيو. جڏهن ته 2015 ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران فتويٰ ڏئي وئي ته عورت جي گِرڀ ڪرائي تي ڏيڻ غيراسلامي فعل آهي.

انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن  وڪيل انيس جيلانيءَ جو چوڻ هو ته اهو انتهائي منجهيل معاملو آهي. اسلام ۾ ان جي اجازت نه آهي ۽ پاڪستان ۾ ان متعلق ڪو به واضح قانون موجود نه آهي. هن جو چوڻ ه توه اولهه ۾ ڪرائي جي ڪک وسيلي ٻار پيدا ڪرڻ کي هڪ معاهدو تصور ڪيو ويندو آهي پر هتي اسان وٽ ولديت ۽ مادريت جو سنجيده مسئلو آهي. هن راءِ ڏني ته بي اولاد جوڙن لاءِ ٻار هنج وٺڻ به هڪ طريقو آهي جنهن وسيلي زال ۽ مڙس هڪ ٻار جي پرورش ڪري سگھن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here