نيويارڪ: آمريڪي صدر جي عهدي لاءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ پاران دل آزاريندڙ ڳالهيون ڪرڻ سبب آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني چڙ ۾ اچي سندس مخالف اميدوار هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ لڳا آهن.

سچ اهو آهي ته، هليري ڪلنٽن کي هاڻي بااثر پاڪستانين جي حمايت حاصل ٿي چڪي آهي جيڪي سندس مدد ڪندي هن جي چونڊ مهم لاءِ لکين ڊالرن جو چندو پڻ ڪٺو ڪري چڪا آهن.

ٽيڪساس رياست سان تعلق رکندڙ طاهر جاويد، جيڪو پاڪستاني ڄائو آمريڪي ۽ ڪاروباري شخص آهي تنهن گذريل سال شروع ٿيل هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم لاءِ لکين ڊالرن جو چندو ڪٺو ڪيو آهي. طاهر جاويد ”پهاڙن جو فاتح Hillblazer“ مطلب هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم لاءِ قائم ڪيل قومي مالياتي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي.

هليري ڪلنٽن سان ملاقات بعد هيوسٽن ۾ هوائي جهاز مان ٻاهر اچڻ بعد طاهر جاويد ٻڌايو ته ”چندي ڪٺي ڪرڻ لاءِ گذريل 15 مهينن دوران جيڪي 60 کان وڌيڪ تقريبون اوڪلاهاما، نيو ميڪسيڪو، ڪولاراڊو، ٽيڪساس ۽ ارڪنساس ۾ منعقد ٿينديون رهيون آهن، تن جي هن اڳواڻي اڪيلي سِر يا شريڪ اڳواڻ طور ڪئي.

چندي ڪٺي ڪرڻ لاءِ بنيادي نوعيت جي سڀ کان وڏي تقريب به طاهر جاويد جي ميزبانيءَ هيٺ بيومونٽ هيوسٽن ۾ واقع سندس گھر ۾ ٿي جنهن ۾ لڳ ڀڳ پنج لک ڊالرن جو چندو ڪٺو ڪيو ويو.

”مائيگريشن پاليسي انسٽيٽيوٽ“ جي 2015 ۾ جاري ٿيل هڪ رپورٽ مطابق، آمريڪا ۾ 4 لک 53 هزار اهڙا پاڪستاني ۽ سندن ٻار رهندڙ آهن جن پنهنجو ملڪ ڇڏي اتان جي شهريت حاصل ڪئي آهي، انهن ۾ سندن اتي پيدا ٿيل ٻار به شامل آهن. آمريڪا جي سموري آباديءَ جي تناسب سان وطن ڇڏي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي شرح 0.8 سيڪڙو آهي.

منڊي بهاءُ الدين سان تعلق رکندڙ هڪ سب انسپيڪٽر جو پٽ امجد (هي تخلص وارو نالو آهي) نائن اليون وارن حملن کان ڪجهه سال پوءِ آمريڪا آيو. جنهن بعد هن جيڪي ڪوششون ڪيون انهن جي نتيجي ۾ اڄ هو آمريڪي پوليس جو سڀ کان پهريون پاڪستاني ڄائو ڪيپٽن بڻجي چڪو آهي.

هن جو چوڻ هو ته هي ئي اهڙو ملڪ آهي جتي جيڪو به اچي ٿو، پوءِ عورت هجي يا مرد يا سندن تعلق ڪهڙي به ملڪ سان ڇو نه هجي، کين سمورا حق حاصل ٿي وڃن ٿا. آمريڪا آهي ئي اهڙن ماڻهن جو ملڪ جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي اچن ٿا. ڪير ان کي پسند ڪري يا نه، پر سندس سڃاڻپ اها ئي آهي ته هو پاڪستاني مسلمان ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ آهي.

”ڪائونسل آف آمريڪن اسلامڪ رليشنز“ پاران ويجهڙائي ۾ ڪيل هڪ سروي مان معلوم ٿيو آهي ته، آمريڪا جا 86 سيڪڙو مسلمان ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 72 سيڪڙو مسلمانن پاران چيو ويو آهي ته اهي هليري ڪلنٽن کي ووٽ ڏيندا ۽ صرف 4 سيڪڙو مسلمانن جو چوڻ آهي ته اهي پنهنجو ووٽ ڊونالڊ ٽرمپ کي ڏيندا.

هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم لاءِ چندو ڏيندڙن جي hillaryclinton.com ويب سائيٽ تي موجود لسٽ تي سرسري نگاهه ئي وجهبي ته ڏکڻ ايشيا سان تعلق رکندڙ هڪ درجن ماڻهن جا نالا ٽپ کائيندي اڳيان اچي ويندا جيڪي ڪيليفورنيا، ٽيڪساس ۽ نيويارڪ جهڙين رياستن جا رهواسي آهن ۽ اهي رياستون وطن ڇڏي آيل پاڪستانين جو ڳڙهه سمجهيون وڃن ٿيون.

طاهر جاويد مطابق، هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم لاءِ جيڪي مالي عطيا ڪٺا ڪيا ويا آهن، ان سموري رقم جو هڪ سيڪڙو پاڪستاني مسلمانن پاران چندي طور ڏنو ويو ۽ اهي پيسا هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿين ٿا.

ڊونالڊ ٽرمپ جي مخالفت سبب ئي وطن ڇڏي آيل پاڪستاني آمريڪي مسلمانن پاران پنهنجا ووٽ داخل ڪرائڻ واري سرگرميءَ ۾ واڌ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هيوسٽن شهر ۾ جتي پاڪستان مان لڏي آيل وڏي انگ ۾ آباد آهن، طاهر جاويد به انهيءَ شهر جو رهواسي آهي. هن جو چوڻ هو ته ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ هن جهڙي مهم هن اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي جو اها مهم مسجدن وسيلي به هلي پئي ۽ ماڻهو پنهنجي ووٽ جي داخلا جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا رهن ٿا.

طاهر جاويد ٻڌايو ته صرف هيوسٽن ۾ هڪ سو کان وڌيڪ مسجدن اندر ووٽن جي داخلا واري مهم هلندي رهي آهي. هو هتي ٻن ڏهاڪن کان رهندو پيو اچي ۽ اليڪشن سان لاڳاپي واري اهڙي پرجوش سرگرمي هن اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي.

آمريڪا مان اردو زبان ۾ شايع ٿيندڙ سڀ کان پراڻي هفتيوار اردو اخبار جي مالڪ ۽ پبلشر خليل الرحمان جو چوڻ هو ته ان صورتحال جو ذميوار ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ ئي آهي جنهن پاڪستاني مسلمانن جي هڪ وڏي اڪثريت جي حمايت جو رخ هليري ڪلنٽن ڏانهن موڙڻ جي همت افزائي ڪئي. اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ريپبلڪن پارٽيءَ سان وفاداري نڀائيندا رهن ها پر هي اهي ماڻهو ئي آهن جن جا ڪاروباري مفاد پوءِ ان صدارتي اميدوار سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل رهن ها جيڪو پاڻ کانئن لاتعلقي اختيار ڪري چڪو آهي.

خليل الرحمان اهو پڻ چيو ته آمريڪا ۾ تعصب ۽ نفرت جي تشريح به ٻي دنيا کان مختلف هوندي هئي پر ٽرمپ ان تشريح کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻي جيڪو نقصان ٿيڻو هيو اهو ٿي چڪو آهي ۽ شايد هن جي حامين ۾ انهن ماڻهن جو وڏو تعداد شامل نه هوندو جيڪي سندس حامي ٿي پئي سگھيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here