اسلام آباد: فاٽا متعلق ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت رکندڙ اداري فاٽا رسرچ سينٽر پاران تجزيو ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته، هلندڙ سال جي مارچ مهيني دوران حڪومت پاران قبائلي علائقي فاٽا جي خودمختيار حيثيت کي ختم ڪندي انهيءَ پرڳڻي کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي، انهيءَ اعلان تي عمل جي نتيجي ۾ نه صرف فاٽا پر سموري پاڪستان اندر جٽادار امن قائم ڪرڻ جو رستو نڪرندو.

فاٽا رسرچ سينٽر سان لاڳاپيل پاڪستان ۽ افغانستان جي سيڪيورٽي معاملن بابت تجزيه نگار عرفان الدين ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”افغانستان سان ملندڙ سرحدن واري فاٽا پرڳڻي کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ ضم ڪرڻ سان دهشتگردن کي ملندڙ عوامي حمايت جو خاتمو آڻڻ ۾ مدد ملندي“.

فاٽا رسرچ سينٽر پاران 2016 ۾ شايع ڪرايل هڪ تحقيقي اڀياس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، فاٽا مٿان فرنٽيئر ڪرائيمز ريگيوليشنز (ايف سي آر) لاڳو ٿيل آهي ۽ قبائلي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ رکڻ خاطر برطانوي عملدارن جي حڪمت عمليءَ تحت علائقي مٿان اهو قانون 1901 ۾ لاڳو ڪيو ويو.

عرفان الدين يادگيري ڏياريندي چيو ته ”فاٽا رسرچ سينٽر پاران ڪرايل هڪ سروي جي نتيجي ۾ قبائلي علائقن جي 74 سيڪڙو ماڻهن پرڳڻي کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي“.

پوليس کاتي جي اڳوڻي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) رحمت خان جو چوڻ هو ته ”فاٽا کي ڪنهن به ريت تجربا ڪرڻ واري ليبارٽري نه بڻايو وڃي. قبائلي علائقن کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪرڻ مثبت قدم آهي پر حڪومت هاڻي ان کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان متعلق سفارشن تي عمل ڪرڻ ۾ دير وارا حربا استعمال ڪري رهي آهي“.

فاٽا رسرچ سينٽر جي تحقيقي اڀياس مان پتو پئجي رهيو آهي ته، 1947 ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به ايف سي آر کي ان جي اصلي شڪل ۾ برقرار رکيو ويو. پاڪستان جو صدر، خيبرپختونخواه صوبي جي گورنر ۽ سرڪاري عملدارن معرفت خطي مٿان پنهنجي عملداري قائم رکندو آهي.

جڏهن ته نومبر 2015 ۾ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف نوٽيفڪيشن جاري ڪندي هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي جنهن مٿان فاٽا جي سڌارن خاطر ڪم ڪرڻ جي ذميواري رکي وئي. ڪاميٽيءَ سان لاڳاپيل عملدارن جو چوڻ هو ته پنهنجي قيام کان وٺي فاٽا سڌارن واري ڪاميٽيءَ پاران شراڪت دارن سان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون ويون آهن.

هلندڙ سال جي 02 مارچ واري ڏهاڙي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران فاٽا سڌارن واري ڪاميٽيءَ پارن جوڙيل سفارشن جي مسودي جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ فاٽا کي ايندڙ پنجن سالن دوران خيبرپختونخواه صوبي ۾ ضم ڪرڻ واري سفارش پڻ شامل آهي.

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير ۽ فاٽا سڌارن واري ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر سرتاج عزيز 02 مارچ واري ڏهاڙي پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ”هي تاريخي فيصلو آهي ۽ اهڙو فيصلو ٿيڻ تي سموري ملڪ کي مبارڪباد ڏيان ٿو“.

ماضيءَ کي ساريندي عرفان الدين ٻڌايو ته، 1980 واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جي مداخلت بعد افغانستان ۾ شروع ٿيل جهاد جي نتيجي ۾ قبائلي علائقن اندر مولوين جي مقامي سگھه ۾ گھڻو واڌارو ٿي ويو ۽ طاقت جو توازن بگڙڻ سبب مولوي فاٽا جو اهم ڪردار ٿي ويا.

سرتاج عزيز اعلان ڪيو ته اپريل مهيني دوران هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي جيڪا فاٽا لاءِ 10 سالن وارو سماجي ۽ معاشي رٿابنديءَ جو منصوبو تيار ڪندي. 06 ميمبرن واري فاٽا سڌارا ڪاميٽيءَ پاران پرڳڻي جي ڀلائيءَ خاطر 110 ارب روپين جي ماليت واري جنهن ترقياتي پيڪيج جي سفارش ڪئي وئي ان کي پڻ منظور ڪيو ويو آهي.

فاٽا سڌارا ڪاميٽيءَ مطابق، نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) کي درخواست ڪئي ويندي ته وفاقي ورڇ جوڳي پول مان فاٽا ڊويلپمينٽ پلان تي عمل خاطر ساليانو 03 سيڪڙو مالي وسيلا مهيا ڪيا وڃن. ان کان علاوه فاٽا ڊويلپمينٽ پلان خاطر لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو مالي وسيلا مقامي حڪومتن وسيلي ڪٺا ڪيا ويندا جڏهن ته فاٽا ڊويلپمينٽ اٿارٽيءَ کي اختيار حاصل هوندو ته هي ادارو 10 سالن واري سماجي ۽ معاشي پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ بااختيار هوندو.

وفاقي ڪابينا پاران اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته ايف سي آر کي ختم ڪندي فاٽا کي 10 سالن واري پلان تحت ملڪ جي ٻين علائقن جهڙا برابريءَ وارا حق ڏنا ويندا. سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته، هڪ آئيني ترميم وسيلي نئون قانون جوڙيندي فاٽا جي عوام کي اختيار ڏنو ويندو ته اهي به، 2018 وارين عام چونڊن دوران خيبرپختونخواه جي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ پنهنجي عوامي نمائندن کي بيلٽ پيپر جي مدد سان چونڊي سگھن.

فاٽا رسرچ سينٽر جي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته، سيپٽمبر 2001 کانپوءِ فاٽا اندر انتظامي عملداريءَ جو جيڪو خال موجود هيو ان کي دهشتگردن موثر انداز سان ڀري ورتو. ان کانپوءِ واري وقت دوران نه صرف فاٽا ۾ تشدد جي لهر عروج کي پهتي پر قبائلي عوام کان علاوه قبائلي پرڳڻي مٿان حڪومت جي ڪمزور عملداريءَ ۾ وڌيڪ ڏار پوڻ شروع ٿيا.

تحقيق وسيلي اها نشاندهي به ڪئي وئي آهي ته، نائين اليون کانپوءِ واري صورتحال ۾ سڄي دنيا ان ڳالهه تي متفق هئي ته فاٽا جهڙن پرڳڻن مٿان جيڪڏهن حڪومتن جي عملداري ڪمزور رهندي يا اهي عملداريءَ هيٺ اچي نه سگھندا ته پوءِ اهڙا پرڳڻا سڄي دنيا جي امن لاءِ پختو خطرو بڻجي پوندا.

فوزيه سعيد خان ۽ سعيد خان پاران 2016 ۾ ”ايف سي آر جو مستقبل ۽ فاٽا لاءِ سڌارن وارو عمل: هڪ مقامي نقطه نظر“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل هڪ ٻئي تحقيقي مقالي ۾ چيو ويو آهي ته ”ايف سي آر، قانونن جو هڪ اهڙو منفرد مجموعو آهي جنهن وسيلي قبائلي علائقن مٿان عملداري قائم رکي ويندي آهي“.

ايف سي آر جي هڪ شق مطابق، قبائلي علائقي اندر ڏوهه ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن جوابدار جو پتو کَرو پئجي نه سگھندو ته پوءِ مجموعي ذميواريءَ جا جيڪي اصول ايف سي آر ۾ طئي ٿيل آهن، انهن مطابق جوابدار جو سمورو قبيلو ان ڏوهه جو ذميوار تصور ڪيو ويندو.

جڏهن ته سرتاج عزيز پاران واضح ڪيو ويو آهي ته ”مجموعي ذميواريءَ بابت ايف سي آر جي قانون کي حذف ڪيو ويندو ۽ ڏوهي فرد کي ئي سندس ڏوهه جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ ان جي سزا ڀوڳڻ جو مستحق قرار ڏنو ويندو“.

تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته، پاڪستان ۽ افغانستان جي ڊگھي سرحد ڀرسان واقع هجڻ جي ڪري فاٽا جي پکيڙ 27 هزار 220 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي ۽ 1998 جي آدمشماريءَ مطابق هن پرڳڻي جي آبادي 38 لک ماڻهن تي مشتمل هئي پر تجزيه نگارن جي راءِ آهي ته پرڳڻي جي موجوده آبادي 60 لک ماڻهن کان به وڌي چڪي آهي جڏهن ته ڪجهه ڌرين جو چوڻ آهي ته فاٽا جي آبادي 70 لکن کان وڌي هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين پهچي چڪي آهي.

فاٽا متعلق ٿيل تحقيق آڌار اهو به چيو ويو آهي ته ”فاٽا جي سماجي ۽ معاشي محرڪن کي ڳوڙهي نظر سان ڏسڻ بعد معلوم ٿيو آهي ته پرڳڻو ڪافي پوئتي پيل آهي. پرڳڻي جا 60 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪ کان به گھٽ سطح واري زندگي گذاري رهيا آهن، مردن جي خواندگي شرح 17 سيڪڙو ۽ عورتن جي خواندگي شرح 03 سيڪڙو آهي (جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ باقي ملڪ جي خواندگي شرح 43 سيڪڙو آهي)، سهولتن جو بنيادي ڍانچو، تعليمي سهولتون ۽ صحت جون سهولتون انتهائي خراب حالت واريون آهن“.

سرتاج عزيز ٻڌايو هو ته، 2018 جي عام چونڊن کان ستت پوءِ فاٽا ۾ مقامي حڪومتن جي قيام واريون چونڊون به ڪرايون وينديون. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ فاٽا اندر شيون کڻي وڃڻ ۽ اتان کان ٻين علائقن ڏانهن اماڻي سگھڻ جي اجازت هجڻ بابت پرمٽ سسٽم کي ختم ڪيو ويندو. جڏهن ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان اهڙا ضروري قدم کڻندو جن وسيلي اها ضمانت حاصل رهندي ته قبائلي پرڳڻي اندر جيڪي به مالياتي فنڊ خرچ ٿيندا انهن جي مڪمل نگراني ۽ آڊٽ ٿيندي رهندي.

پارليامينٽ جي هڪ ايڪٽ (قانونسازيءَ) وسيلي قبائلي پرڳڻي مٿان پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قانوني حد لاڳو ڪئي ويندي. سرحدن جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ فرنٽيئر ڪور جي هڪ الڳ ونگ قائم ڪندي ان جي صلاحيتن ۾ نِکار آڻڻ لاءِ جديد نوعيت وارا سڌارا آندا ويندا. سمورا تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ ئي سرتاج عزيز اهو پڻ چيو ته، فاٽا کي چائنا پاڪستان اقتصادي راهداريءَ سان ڳنڍڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان قبائلي پرڳڻي ۾ بينڪن جون برانچون قائم ڪرڻ لاءِ سمورن موقعن کي استعمال ڪندي. سرتاج عزيز چيو ته، فاٽا کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ ميڊيڪل توڙي ٻين تعليمي ادارن ۾ فاٽا جي شاگردن جي داخلا واري ڪوٽا ٻيڻي ڪئي ويندي ۽ ٻيڻ واري اها ڪوٽا ايندڙ 10 سالن تائين جيئن جو تيئن برقرار رکي ويندي.

فاٽا ۾ آباد هڪ قبيلي جي چڱي مڙس علي وزير ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، فاٽا لاءِ سڌارا آڻڻ متعلق بيان اجاين ڳالهين کان علاوه ڪجهه به نه آهي ان جي نتيجي ۾ پرڳڻي اندر موجود انتظامي خال ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ”اسان چاهيون ٿا ته فاٽا کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪيو وڃي پر اسانکي حقيقي طور تي هڪ بند گھٽيءَ ۾ ڌِڪيو پيو وڃي ڇو ته حڪومت جون پاليسيون ايندڙ 10 سالن تائين تبديل نه ٿينديون پر ساڳيون ئي رهنديون“.

عرفان الدين راءِ ڏيندي چيو ته ”مستقبل ۾ دهشتگردن کي ميسر ٿي سگھندڙ هر قسم جي موقعن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي گھرجي ته هن پرڳڻي اندر تڪرار کانپوءِ واري حڪمت عمليءَ تحت فاٽا جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ خاطر پاڪستان جي مدد ڪرڻ گھرجي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here