اسلام آباد: پاڪستان ۾ ويڙهاند جهڙي صورتحال جو مکيه مرڪز بڻجي ويل ڪوئيٽا اندر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي ڀيانڪ حملن بابت حقيقتون پڌريون ڪرڻ متعلق عدالتي رپورٽ ۾ جج طرفان اعليٰ حڪومتي انتظاميا پاران دهشتگرديءَ جي خاتمي خاطر ”مناسب نگرانيءَ“ ۽ ”سنجيدگيءَ جي اڻاٺ“ کان علاوه آزاديءَ سان چرپر ڪندڙ دهشتگردن ۽ انتها پسند ڌڙن خلاف جوڳا قدم کڻڻ کان لنوائڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

15 ڊسمبر 2016 واري ڏهاڙي پڌري ٿيل عدالتي تحقيقاتي ڪميشن جي رپورٽ  کي اعتدال پسند سياستدانن ۽ ماهرن پاران موجوده وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري گھرو وزرات جي نااهليءَ ۽ ناڪاميءَ کي وائکو ڪرڻ سبب واکاڻيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي گھرو معاملن واري وزارت ئي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري حڪمت عمليءَ کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي نگرانيءَ لاءِ ذميوار آهي.

جڏهن ته گھرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان رپورٽ کي ”نامناسب“ قرار ڏيندي ان رپورٽ کي عدالت ۾ چئلنج ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، تجزيه نگارن مطابق اهڙي قدم کي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ خاطر ڪميشن پاران ظاهر ڪيل حقيقتن جي حيثيت کي گھٽائڻ وارو عمل تصور ڪيو ويندو.

8 آگسٽ 2016 واري ڏهاڙي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو سنگين واقعو پيش آيو، ويڙهه واري صورتحال ۾ وچڙيل بلوچستان صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا ۾ ٿيل آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾  74 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ درجنين زخمي ٿيا. گذريل 15 سالن کان هلندڙ دهشتگرديءَ ۽ ويڙهه واري لهر متعلق سرڪاري سطح تي اهي دعوائون ڪيون پئي ويون ته ان تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پر سال 2016 ان حوالي کان ملڪ لاءِ بدترين سال ثابت ٿيو.

08 آگسٽ تي وڪيل برادريءَ کي بڻايو ويو. خودڪش بمبار ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتال ٻاهران گڏ ٿيل سوڳوار وڪيلن جي هجوم کي نشانو بڻايو. اهي وڪيل صوبائي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال ڪاسيءَ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سوڳ جو اظهار ۽ احتجاج ڪرڻ خاطر گڏ ٿيا هئا، بلال ڪاسي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو پر اسپتال نيڻ دوران ئي فوت ٿي ويو.

وڪيل برداريءَ جي مطالبي جي موٽ ۾، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس پاران 8 آگسٽ واري خودڪش حملي جي جاچ لاءِ هڪ رڪني عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وئي. عدالتي ڪميشن جي سربراهه سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران جيڪا رپورٽ ترتيب ڏني وئي آهي، انهيءَ رپورٽ جي هٿ آيل ڪاپيءَ مطابق ”دهشتگرديءَ جي روڪٿام واري حڪمت عمليءَ کي لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر هڪ سرڪاري سطح تي سنگين ڪوتاهين ۽ خامين جي واضح نشاندهي ڪئي وئي آهي“.

رپورٽ جي تياريءَ خاطر عدالتي ڪميشن بنان ڪنهن ساهيءَ جي 56 ڏينهن ڪم ڪيو. رپورٽ ۾ چيل آهي ته، جنوري 2001 کان آڪٽوبر 2016 تائين پاڪستان اندر دهشتگرديءَ جا 17 هزار 503 واقعا پيش آيا جن مان 2 هزار 878 واقعا بلوچستان ۾ ٿيا.

8 آگسٽ 2016 واري دهشتگرديءَ واري حملي متعلق عدالتي ڪميشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”انهيءَ حملي مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دهشتگردي روڪڻ خاطر سرڪاري سطح تي مناسب نگراني، جنهن ۾ فارينسڪ طريقن جي استعمال، عوامي مدد حاصل ڪرڻ ۽ جاچ واري ڪم کي بامقصد ۽ فرض شناسيءَ واري جذبي سان سرانجام ڏيڻ وارا نقطا شامل آهن، جي ضرورت هئي“.  ڪميشن جي رپورٽ 110 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ افسوس جي اظهار واري انداز سان نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”پوليس پاران خودڪش بمبار ۽ ان جي سهولتڪارن جي سڃاڻپ جا تفصيل به عدالتي ڪميشن جي مداخلت بعد هٿ ڪيا ويا“.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر بيريسٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته ”ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي آهي ڇو ته ان وسيلي عوامي ۽ شهري سطح تي ٿيندڙ تنقيد کي هٿي ملي آهي ۽ قومي ايڪشن پلان تي خراب عملدرآمد جي تصديق پڻ ٿي آهي“. بيريسٽر علي ظفر اهو پڻ چيو ته ”نيشنل ايڪشن پلان متعلق جيڪا به تنقيد ٿي رهي آهي رپورٽ ۾ انهيءَ تنقيد جي توثيق ڪئي وئي آهي“. هن ٻڌايو ته، وڪيل انهيءَ ڪميشن جي قيام جي حق ۾ هئا ڇاڪاڻ ته هو چاهي رهيا هئا ته کين حقيقتن جي خبر پوي ته ان دهشتگرديءَ پٺيان ڪير ملوث آهي.

هن اهو پڻ واضح ڪيو ته، هڪ حساب سان گھرو وزارت جو احتجاج به جائز آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سڄي رپورٽ پڙهي ڏسبي ته ان مان معلوم ٿيندو ته هن معاملي تي گھرو وزارت جو موقف معلوم ناهي ڪيو ويو. ان هوندي به رپورٽ کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ بجاءِ حڪومت کي انهن خامين جي خاتمي تي توجهه ڏيڻ گھرجي ها جن جي نشاندهي رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي ۽ انهن خامين کي سڌاري آڻڻ خاطر قبول ڪرڻ گھرجي ها. حڪومت کي گھرجي ته اها پنهنجي ڪوتاهين کي تسليم ڪري.

16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور مٿان هڪ جهادي گروپ پاران ڪيل دل ڏاريندڙ حملي ۾ 144 شاگردن ۽ استادن جي اجل جو شڪار  ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏيڻ خاطر 20 نقطن وارو نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ويو هيو. نيپ ۾ شامل ڪيل هڪ ڀاڱي ٽي کان به وڌيڪ نقطا سڌيءَ ريت يا اڻ سڌيءَ ريت بندش پيل دهشتگرد گروهن ۽ فرقيواراڻين تنظيمن کي پڪڙ ۾ آڻڻ بابت آهن.

نيپ جي نقطي نمبر ٽئين ۾ چيل آهي ته ”ويڙهاڪ جٿن ۽ هٿياربند تنظيمن کي ملڪ اندر ڪم ڪرڻ يا قائم رهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي“. جڏهن ته نقطي نمبر ستين ۾ واضح ٿيل آهي ته ”پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ هٿياربند جٿن کي بلڪل اها اجازت نه ڏني ويندي ته اهي نالا تبديل ڪري ڪم ڪندا رهن“. جڏهن ته نقطي 11 ۾ چيل آهي ته ”دهشتگردن ۽ دهشتگرد تنظيمن کي اخبارن يا اليڪٽرانڪ ميڊيا پاران ساراهه جوڳي انداز سان پيش ڪرڻ تي پابندي پيل رهندي“.

ان کان علاوه نقطي نمبر 14 ۾ تاڪيد ٿيل آهي ته ”دهشتگرديءَ کي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي هٿي وٺرائڻ وارين ڪوششن خلاف ٺوس قدم کنيا ويندا“. ان کان علاوه نقطي نمبر 5 ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ”نفرت، انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ اڻ سهپ وارين تحريرن جي ڦهلاءَ لاءِ وسيلو بڻجندڙ اخبارن ۽ ميگزينن خلاف سخت قدم کنيا ويندا“، جڏهن ته نقطي نمبر  9 ۾ هن ڳالهه کي اهميت ڏني وئي آهي ته ”مذهبي انتها پسنديءَ جو خاتمو آڻيندي مذهبي اقليتن کي تحفظ ڏنو ويندو“.

عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ حڪومت جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري حڪمت عمليءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪندي چيو ويو آهي ته ”نيشنل ايڪشن پلان پنهنجي بناوٽ ۾ نتيجا ڏئي سگھڻ وارو منصوبو نه آهي ۽ نتيجن جي حاصلات واري پسمنظر ۾ نه ته ان جي عملدرآمد تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو نه ئي ان جي پوئواري ڪئي وڃي ٿي“.

رپورٽ ۾ خاص طور تي ملڪ جي گھرو معاملن واري وفاقي وزير جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته، وفاقي وزير هڪ اهڙي پارٽي (اهل سنت والجماعت) جي سربراهه سان ملاقات ڪئي، جيڪا پارٽي اڳ سپاهه صحابه پاڪستان جي نالي سان ڪم ڪندي هئي ۽ اها پارٽي لشڪر جهنگويءَ جي سرپرستي پڻ ڪندي رهي. لشڪر جهنگوي بعد ۾ ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ۽ ان جا اهي ڌڙا ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا جن جا لاڳاپا القاعده ۽ داعش (آءِ ايس آءِ ايس) سان به جڙيل آهن. رپورٽ ۾ اها ڳالهه به چِٽائيءَ سان چيل آهي ته حڪومت دهشتگرديءَ خلاف عدالتن جي ڪيترن ئي فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام رهي آهي.

دفاعي ۽ سياسي معاملن جي تجزيه نگار زاهد حسين جو چوڻ هو ته جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ پنهنجي ذات ۽ گھرو وزارت مٿان ٿيل تنقيدي تبصري جو جواب ڏيڻ وقت گھرو معاملن وارو وفاقي وزير جارحانه انداز ۾ نظر آيو پر پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ هن وٽ ڪا به ٺوس ڳالهه موجود نه هئي. پاڻ متعلق جواب ڏيڻ بجاءِ هن عدالتي جاچ جي  اڻ ڌريائپ متعلق سوال اٿاريا ان مان ئي اهي اشارا ملن ٿا ته ٻين ڪيترين ئي ڪميشن رپورٽن جيان هن عدالتي ڪميشن جي رپورٽ کي به شايد قالين جي هيٺيان لڪايو ويندو.

زاهد حسين جو اهو به چوڻ آهي ته، دهشتگرد ۽ انهن جا هم خيال گروهه اگر سزائن کان آجا رهيا ته پوءِ اها سمورن رياستي ادارن جي گڏيل ناڪامي هوندي.

حڪومت جي نگراني ڪرڻ وارا ثبوت وري صورتحال کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن وفاقي گھرو وزير پابندي مڙهيل هڪ پارٽيءَ جي سربراهه سان ملاقات ڪئي ۽ ان ملاقات متعلق ميڊيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جيڪو بيان جاري ڪيو ويو (ڪميشن جي رپورٽ ۾ ان بيان جو حوالو ڏنو ويو آهي) جي جواب ۾ گھرو وزير چيو ته ڄاڻايل پارٽي سربراهه ان وفد جي اڳواڻي نه ڪري رهيو هيو جنهن وفد سان وزير ملاقات ڪئي ۽ وفد ۾ ان شخص جي شامل هجڻ جي گھرو وزير کي اڳواٽ ڄاڻ نه هئي. جڏهن ته وفاقي راڄڌانيءَ ۾ انهن تنظيمن جي اتحاد کي بندش هجڻ باوجود عوامي ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري ذميواري به گھرو وزير پاران مقامي انتظاميا مٿان وڌي وئي.

انهيءَ صورتحال متعلق ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيل آهي ته وفاقي گھرو وزارت منظم اڳواڻيءَ ۽ رهنمائيءَ کانسواءِ ڪم ڪري رهي آهي ان جي نتيجي ۾ اها وزارت دهشتگرديءَ جي خاتمي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ مونجهاري جو شڪار آهي.

وفاقي گھرو وزير پابندي مڙهيل هڪ پارٽيءَ جي سربراهه سان ملاقات ڪئي جنهن متعلق خبر ميڊيا ۾ تصويرن سميت وڏي پئماني تي شايع ڪئي وئي، باوجود ان جي اهڙي ملاقات کان انڪار ڪيو پيو وڃي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم پاران رد ڪيل ڪميپوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊن کي بحال ڪرڻ واري مطالبي کي تسليم ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته وزارت جون ذميواريون ڪهڙي انداز سان نڀايون پيون وڃن.

وڪيل، ليکڪ ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن سروپ اعجاز جو چوڻ هو ته ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ دهشتگرديءَ جي واقعن متعلق پنهنجي نوعيت جي سڀ کان پهرين رپورٽ آهي جيڪا عام مطالعي لاءِ پڌري پڻ ڪئي وئي آهي، نه ته عام طور تي اهڙي ڪنهن به ڪميشن جي رپورٽ کي منظر عام تي ايندي ايندي وڏو وقت لڳي ويندو آهي. رپورٽ وسيلي سرڪاري اختيارين جي ڪارڪردگيءَ جو گهرائيءَ سان جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهن پاران ڪميشن کي ڏنل جوابن آڌار ئي کين وائکو ڪيو ويو آهي. سروپ اعجاز اهو پڻ چيو ته هن رپورٽ جي مقابلي ۾ حڪومت جو دفاعي جواب ڪمزور ۽ اڻ چِٽو آهي. ان مان ته ايئن پيو لڳي ته حڪومت وٽ چوڻ لاءِ ڪا به ڳالهه باقي ناهي بچي.

سياسي ڌارا ۾ شامل ملڪ جي مکيه اعتدال پسند پارٽي، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ترجمان فرحت الله بابر، حڪومت پاران ڪميشن جي رپورٽ بي اثر ڪرڻ واري ڪوشش تي تبصرو ڪندي چيو ته رپورٽ جي نتيجي ۾ حڪومت جي پَتِ مڪمل طور تي وائکي ٿي پئي آهي ۽ رپورٽ مان حڪومت جي گھرو وزارت جي نااهلي ۽ مڪمل ناڪامي ثابت ٿي بيٺي آهي ۽ جهڙيءَ ريت رپورٽ ۾ حڪومتي ناڪامي ثابت ڪئي وئي آهي ان کانپوءِ گھرو وزير وٽ ڪابينا ۾ شامل رهڻ ۽ دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ واري دعويٰ ڪرڻ جو ڪو به جواز باقي ناهي بچيو. فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته ڪميشن رپورٽ جي جواب ۾ گھرو وزير پاران پنهنجي بچاءَ ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جاري رکڻ واري ڳالهه ڪرڻ به هاڻي ته مذاق لڳي ٿي.

فرحت الله بابر وڌيڪ چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اجتماعي ذميواريءَ کي محسوس ڪندي تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ رياست توڙي ان جي ادارن خاص ڪري انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ايجنسين کي گھرجي ته پنهنجي ڪجهه مفادن خاطر دهشتگرد گروهن ۾ ”بُري“ ۽ ”ڀلي“ وارو فرق رکڻ وارو رجحان ختم ڪن.

وفاقي گھرو وزير پاران پنهنجي بچاءَ ۾ اختيار ڪيل رويي کانپوءِ، نيشنل ايڪشن پلان بابت حڪومت جي حڪمت عمليءَ ۾ مثبت انداز سان بهتري اچڻ جي حوالي کان سَروپ اعجاز گھڻو پراميد نه آهي. سروپ اعجاز جو چوڻ هو ته عدالتي ڪميشن پاران نيپ جو فارينسڪ انداز سان جيڪو جائزو ورتو ويو آهي اهو هاڻي ڪميشن ۽ عوامي رڪارڊ جو حصو بڻجي چڪو آهي، مناسب طريقو ته اهو هيو ته حڪومت نيڪ نيتيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان انهن سفارشن کي ٻڌي ها ۽ خوداحتسابيءَ تي ڌيان ڏئي ها.

عدالتي ڪميشن واري رپورٽ جي پڄاڻي هنن جملن سان ڪئي وئي آهي ته ”هي ملڪ انهن ماڻهن پاران قائم ڪرايو ويو جيڪي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حالت کي بهتر بنائڻ ۽ هر عقيدي جي ماڻهن کي آزاديءَ سان رهڻ جو اختيار ڏيڻ جا خواهشمند هئا. بدقسمتي اها آهي ته ڪجهه مفاد پرستن ۽ انتهاپسندن پاران اتحاد، يقين ۽ نظم واري پيغام کي نقصان پهچايو ويو آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن عنصرن کي رد ڪيو وڃي. ملڪ جي قائم ٿيڻ واري حقيقي فلسفي کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ايئن ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجي حقيقي آزادين کي حاصل ڪري ۽ انهن جو تحفظ ڪري سگھنداسين.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.