ڪراچي (لالا حسن وٽان) جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ پاران سندن حق ۾ ڏنل فيصلي کي 7 سال ٿي چڪا آهن، ان باوجود ملڪ جي خواجه سرائن کي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ (CNIC) ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ اڃان به فني ۽ قانوني نوعيت جي رڪاوٽن سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سال 2009 ۾ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت طرفان واضح لفظن ۾ حڪم ڏنو ويو هيو ته خواجه سَرائن يعني ٽين جنس وارن کي به ملڪ جي ٻين عام شهرين جي برابر حق حاصل آهن ۽ قومي شناختي ڪارڊ ۾ سندن سڃاڻپ خاطر ٽئين خاني جو اضافو ڪيو وڃي. افسوس جي ڳالهه آهي ته، سماج پاران مجموعي طور تي ۽ ملڪ جي افسر شاهيءَ پاران خاص ڪري متڀيد تي ٻڌل روين جي خاتمي لاءِ عدالت پاران ڏنل حڪم بابت خاطر خواهه عمل ناهي ٿي سگھيو.

جيتوڻيڪ، گهرو معاملن واري وفاقي وزارت جي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪندڙ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽيءَ (نادرا) ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ متعلق ذميوار بڻايل ادارو آهي ۽ ان اداري پاران 2012 ۾ خواجه سرائن جي صنف جي نشاندهيءَ خاطر شناختي ڪارڊ ۾ ٽئين خاني جو واڌارو به ڪيو هيو پر قانونسازيءَ ۽ پاليسيءَ جوڙڻ وارين پيچيدگين جي ڪري خواجه سرائن جي هڪ وڏي اڪثريت کي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن.

جينڊر انٽر ايڪٽو الائنس (جيا) جي صدر ۽ خواجه سَرا بِنديا رانا، ٽرٿ ٽريڪر سان ٽيليفون وسيلي مايوسيءَ واري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت اصل ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي پوئواري ڪرڻ نه ٿي چاهي اهو ئي سبب آهي ته اهڙا اعتراض اٿاريا وڃن ٿا جن جو پورائو ڪرڻ خواجه سرائن لاءِ ناممڪن آهي.

بِنديا رانا جو چوڻ هو ته نادرا جا آفيسر هر ڀيري حلفيه بيان، سرٽيفڪيٽ ۽ عدالتي سَند وغيره کڻي اچڻ لاءِ چوندا رهن ٿا مطلب ته هو عدالت جي حڪم تحت اسان کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. بنديا رانا سوال اٿاريو ته جيڪڏهن سڀني لاءِ نادرا پاران هڪجهڙي پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي ته پوءِ سندس ڄاڻ ۾ اها ڳالهه به آئي آهي ته مختلف رجسٽريشن سينٽرن تي مقرر نادرا جا آفيسر خواجه سرائن کي CNIC ٺاهي ڏيڻ لاءِ هر هنڌ تي مختلف دستاويز آڻڻ جي گهر ڇو پيا ڪن.

2009 ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽه رڪني بئنچ پاران ڏنل تاريخي فيصلي ۾ چيو ويو هيو ته ”ملڪ جي سمورن شهرين کي آئين تحت جيڪي حق حاصل آهن، خواجه سرا برادريءَ جي فردن کي به اهي سموار حق برابريءَ جي بنياد تي حاصل آهي“. هنن جن حقن جي ڳالهه ڪئي اهي سڀ انهن ۾ شامل آهن ۽ سندن ڪنهن به حق کي محدود ناهي ڪيو ويو، انهن ۾ والدين جي وفات کانپوءِ خانداني وراثت ۾ حصيداريءَ جو حق، ملازمتن جا موقعا، مفت تعليم ۽ صحت جون سهولتون شامل آهن.

بِنديا رانا تبصرو ڪندي چيو ته، خواجه سرائن جي اڪثريت کي يقين آهي ته سندن حق صرف ڪاغذي صورت ۾ تسليم ڪيا ويا آهن پر عملي طور کين اهي حق حاصل ناهن ٿيا ڇو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي سماجي ڀلائيءَ وارن کاتن پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڃان تائين ته ڪو به عملي قدم ناهي کنيو ويو.

بِنديا رانا وڌيڪ چيو ته ان جي نتيجي ۾ اسان (خواجه سرائن) کي مسلسل سماجي متڀيد واري رويي کي سهڻو پوي ٿو. اسان جي برادريءَ وارن کي پيٽ گذر لاءِ گھڻي ڀاڱي شادين ۽ ٻار ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ نچڻ ۽ ڳائڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. جڏهن ته اسانجي برادريءَ وارن کي اڪثر ڪري جنسي لطف جو ذريعو به سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا ته خواجه سرائن کي جسماني تشدد وارن حملن جو نشانو به بڻايو وڃي ٿو“.

نادرا جي هيڊڪوارٽر ۾ مقرر هڪ آفيسر، کيس ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب سندس نالو نه لکڻ جي شرط تي، نيوز لينز پاڪستان سان ٽيلي فون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته، کين (نادرا جي عملي کي) قانوني ضابطن، طريقه ڪار ۽ پاليسين جي پوئواري ڪندي ڪم ڪرڻو هوندو آهي. جنهن ڪري والدين جي ڪنهن به رڪارڊ کانسواءِ يا عدالتي سَندَ کانسواءِ هو ڪنهن جو به CNIC ٺاهي نه ٿا سگھن.

انهيءَ آفيسر جو اهو به چوڻ هيو ته، اها جنرل پاليسي آهي جيڪا هر هڪ شهريءَ جن ۾ خواجه سرا به شامل آهن، مٿان لاڳو ٿئي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن هر هڪ گُرو (خواجه سرائن جي خاندان جو سربراهه) کي سندن ڪٽنب جي وڏي طور قبوليو ويندو ته پوءِ گرو تبديل ٿيڻ يا تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪهڙي واٽ ورتي ويندي؟“.

نادرا آرڊينينس 2000 جي ذيلي شق 9 (1) تحت ان اداري مٿان لازم آهي ته هر هڪ پاڪستاني شهريءَ، پوءِ اهو ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر رهندو هجي ۽ سندس عمر 18 سال ٿي چڪي هجي ته ان جا تفصيل درج ڪري. نئين ڄاول ٻار جا والدين يا سندس سار سنڀال لاءِ ذميوار قرار ڏنل شخص هڪ مهيني جي وقت اندر انهيءَ ٻار جي ڄمڻ واري تاريخ درج ڪرائڻ جو پابند آهي.

بِنديا رانا صلاح ڏني آهي ته، نادرا سندن گُروءَ کي خاندان جي وڏي يا سندن سار سنڀال لاءِ ذميوار فرد طور قبول ڪري ۽ کين ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ گُروءَ پاران جمع ڪرائي ويندڙ حلفيه بيان آڌار جاري ڪيو وڃي.

جڏهن ته نادرا عملدارن جو موقف آهي ته، جيڪڏهن شناختي ڪارڊ حليفه بيان آڌار جاري ڪيو ويندو ته ان سان هڪ طويل خرابيءَ وارو عمل شروع ٿي ويندو ۽ گُروءَ جي تبديليءَ جي صورت ۾ مختلف نوعيت جون ڪيتريون مشڪلاتون پيدا ٿي پونديون. جڏهن ته اهي امڪان به موجود آهن ته ڪو به گُرو ٿيڻ جي دعويٰ ڪري شناختي ڪارڊ جاري ڪرائي سگھندو.

افسوس ڀريل انداز سان تبصرو ڪندي بنديا رانا ٻڌايو ته لڳ ڀڳ سمورا خواجه سرا ننڍي عمر ۾ گھر ڇڏي ڏيندا آهن يا سندن ڪٽنب کين گھر نيڪالي ڏئي ڇڏيندو آهي جنهن جي ڪري هنن کي پنهنجا والدين ياد به ناهن رهندا يا سندن خاندان کين قبول ڪرڻ لاءِ تيار به ناهن ٿيندا.

اهڙي قسم جي صورتحال ۾ هو (خواجه سرا) ڪهڙيءَ ريت والدين جو رڪارڊ پيش ڪري سگھن ٿا. هن اها نشاندهي به ڪئي آهي ته،  پاليسي تبديل نه ڪئي وئي آهي ته پوءِ خواجه سرائن کي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي حڪم تي شناختي ڪارڊ ڇو جاري ڪيا ويا؟.

1998 ۾ پاڪستان اندر ٿيل آخري آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق، ملڪ ۾ مردن جي آباديءَ جي شرح 52.03 سيڪڙو ۽ عورتن جي آباديءَ جي شرح 47.97 سيڪڙو هئي ۽ ملڪ جي ڪل آبادي 13 ڪروڙ،  8 لک، 57 هزار، 717 هئي. انهي رپورٽ مطابق، آدمشماريءَ دوران خواجه سرائن جي آباديءَ جي داخلا الڳ سان نه ڪئي وئي هئي.

سماجي ڪارڪنن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن پاران ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پنجاب بيورو آف اسٽيٽسڪس پاران فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماريءَ دوران خواجه سرائن جي به ڳڻپ ڪئي ويندي. ان بعد، پنجاب حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ آدمشماريءَ دوران 2012 ۾ آيل سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ خواجه سرائن جي به ڳڻپ ڪئي ويندي.

هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ شبير شر ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، نادرا جا عملدار سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته عدالت خواجه سرائن جي قومي شناختي ڪارڊ بابت واضح هدايتون ڏنيو هيون. ايڊووڪيٽ شبير شر اهو پڻ چيو ته، سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق خواجه سرائن مٿان اهو لازم نه آهي ته هو عدالت جي ڪا سَند حاصل ڪن. نادرا کين شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي پابند آهي.

نادرا آفيسر جو چوڻ هو ته، سندن اداري شناختي ڪارڊ جي فارم ۾ جنس جي نشاندهيءَ خاطر ٽي ڪالم شامل ڪيا آهن، جيڪي ”خنثه، مرد ۽ خنثه عورت ۽ خنثه مشڪل“ تي مشتمل آهن يا ڪير به پاڻ کي جيڪڏهن مرد، عورت طور ظاهر ڪرڻ نه ٿو چاهي ته ان خاطر ٽئين ڪالم جو واڌارو ڪيو ويو آهي.

انهيءَ آفيسر پاران اها ڄاڻ به ڏني وئي آهي ته ”صنفي جنس جي داخلا خاطر نادرا پاران هاڻي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جو ڪو به شرط لاڳو ٿيل نه آهي. ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شهريءَ کي هاڻي صرف نادرا رجسٽريشن سينٽر ۾ ذاتي طور وڃي پيش ٿيڻو هوندو آهي“.

ايڊووڪيٽ شبير شر صلاح ڏيندي چيو ته خواجه سرائن کي سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي هڪ پٽيشن داخل ڪرڻ گھرجي ۽ ان سلسلي ۾ هو پنهنجون خدمتون بغير معاوضي جي پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايڊووڪيٽ شبير شر جو چوڻ هو ته خواجه سرا معاشري جا نظرانداز ڪيل فرد آهن ۽ نادرا جي افسرشاهيءَ کي گھرجي ته هو سندن تڪليفن جو احساس ڪري جن مان خواجه سرا گذرندا رهن ٿا.

ٻئي طرف بنديا رانا چيو ته، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب پنج لک خواجه سرا موجود آهن. جڏهن ته ڪيترا ئي خواجه سرا اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي والدين سان گڏ رهن ٿا. هن ٻڌايو ته، ملڪ جي سمورن خواجه سرائن گڏجي هڪ اتحاد جوڙيو آهي ته جيئن پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري سگھن. هن انهيءَ عزم جو اظهار به ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق جيڪڏهن کين حق نه ڏنا ويا ته پوءِ هو حڪومت خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪندا.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.