پشاور: ماهرن پاران تيز رفتار بسن واري رٿا تي خدشن جو اظهار

0
1508

پشاور: شهري ٽرانسپورٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پشاور شهر ۾ بسن وسيلي سفر ڪندڙ مسافرن جي سهولت لاءِ 49 ارب روپين جي لاڳت سان عمل هيٺ اچي سگهندڙ جنهن تيز رفتار بس سسٽم (بي آر ٽي) جي رٿابندي ڪئي وئي آهي ان جي فني ڊزائين ۾ نقص موجود آهن جنهن ڪري انهيءَ رٿا تحت 05 لک مسافرن کي سهولت مهيا ڪرڻ وارو ارادو بي نتيجا به ثابت ٿي سگھي ٿو.

نيوزلينز پاڪستان وٽ موجود پروجيڪٽ پروپوزل جي ڪاپيءَ مطابق تيز رفتار بسن واري نظام (بي آر ٽي) جي مدد سان شهر جي ڪل آباديءَ مان 17 سيڪڙو يا 05 لک ماڻهن کي اچ وڃ جون سهولتون ميسر ٿي سگھنديون.

خيبرپختونخواه جي ٽرانسپورٽ واري وزير شاد محمد خان ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو آهي ته، انهيءَ رٿا تي جيڪي مالي وسيلا خرچ ٿيندا اهي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ پاران سافٽ لون وسيلي مهيا ڪيا ويندا. جڏهن ته خيبرپختونخواه جي ٽرانسپورٽ واري کاتي سان واڳيل ماهرن تيزرفتار بسن واري نظام جي ابتدائي ڊزائين متعلق خدشن جو اظهار ڪندي ان کي تبديل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.

هڪ ماهر جنهن تيز رفتار بسن واري رٿا جي ڊزائين جو جائزو ورتو آهي ان جو چوڻ آهي ته رٿا جي ڊزائين شهر جي موجوده ٽريفڪ واري صورتحال سان مطابقت نه ٿي رکي. ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ جي ڪري پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط آڌار انهيءَ ماهر وڌيڪ چيو ته ”شهر ۾ ٽريفڪ جي جيڪا موجوده صورتحال آهي ان سان مطابقت پيدا ڪرڻ کانسواءِ ئي جيڪڏهن تيز رفتار بسن واري نظام جي رٿا شروع ڪئي وئي ته شهرن جي روڊن تي جن ڪمپنين جون بسون هلي رهيون آهن اهي ڪمپنيون هن رٿا لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرندو ته مسافرن کي تڪليفون سهڻيون پونديون“.

رٿا جي ڊزائين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ نيوز لينز پاڪستان کي معلوم ٿيو آهي ته تيز رفتار بسن جي نظام واري رٿا تحت پشاور ۾ 09 کان 12 ميٽرن جي ڊيگھ واريون 350 بسون هلايون وينديون جن خاطر 35 اسٽيشنون جوڙيون وينديون.

پروجيڪٽ پروپوزل ۾ لکيل آهي ته ننڍي سائيز واريون بسون تيز رفتار بسن واري نظام لاءِ جڙندڙ شاهراهه کان علاوه ننڍن روڊن تي هلڻ لڳنديون جڏهن ته عام وڏيون بسون هن رٿا واري روڊ سان لڳو لڳ جي ٽي روڊ تي هلنديون رهنديون. تيز رفتار بسن لاءِ 27 ڪلوميٽر ڊگھو خاص روڊ تعمير ڪيو ويندو. نيون بسون مسافرن جي لاءِ اڻپوريون ٿي پونديون ته ان صورت ۾ 19 ميٽر ڊگھيون ٻيون بسون به رٿا ۾ شامل ڪيون وينديون.

پشاور ٽريفڪ پوليس جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رحيم حسين چيو آهي ته تيز رفتار بسن واري نظام سبب سموري شهر جي ٽريفڪ واري روانيءَ مٿان اثر پوندا. ٽريفڪ واري شعبي سان لاڳاپيل عملدار اهڙي رٿابندي ڪري رهيا آهن جنهن تحت نئين رٿا موجب جتان جتان روڊ اڏيو ويندو انهن علائقن مان ٽريفڪ کي ٻين رستن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

رحيم حسين ٻڌايو ته ”هن رٿا سان گڏ هو حڪومت کي سموري شهر اندر ڪيترائي متبادل ننڍا روڊ اڏڻ جي صلاح به ڏئي چڪا آهن ته جيئن هن رٿا تي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ متاثر ٿيندڙ ٽريفڪ کي انهن روڊن ڏانهن منتقل ڪري سگھجي“.

تيز رفتار بسن جي نظام واري رٿا تي ڪم مڪمل ڪرڻ خاطر لاڳو ٿيندڙ عالمي رهنما اصول (انٽرنيشنل گائيڊ لائين اسٽينڊرڊز) جي تياري آمريڪا سان تعلق رکندڙ غيرمنافع بخش اداري ”انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽيشن اينڊ ڊولپمينٽ پاليسيءَ“ پاران ترتيب ڏنا ويا آهن. اهو ادارو سڄي دنيا ۾ پائيدار ۽ مستحڪم ٽرانسپورٽ وارن منصوبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي. انهيءَ اداري پاران ترتيب ڏنل رهنمائي وارن اصولن تحت تيز رفتار بسن واري هر هڪ نظام جي ڊزائين ۾ اهڙا جُز لازمي شامل ڪرڻا هوندا آهن جيڪي ٽريفڪ جي اڳ موجود نظام سان مطابقت رکندڙ هجن.

انهن رهنما اصولن ۾ چيل آهي ته ”هر هڪ تيز رفتار بسن واري نظام مٿان لازم آهي ته ٻي سموري عوامي ٽرانسپورٽ نظام سان لاڳاپو رکندڙ هجي“. موجوده وقتن ۾ پشاور شهر اندر پنجن قسمن جي ٽرانسپورٽ هلندڙ آهي ان ۾ بسون، مني بسون، ويگنون، ٽيڪسيون ۽ رڪشا شامل آهن.

خيبرپختونخواه جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي پاران تيز رفتار بسن واري رٿا لاءِ مقرر ڪيل پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سجاد خان چيو آهي ته نئين رٿا کي موجوده ٽريفڪ سان ڳنڍڻ توڙي تيز رفتار بسن واري رٿا تي ڪم جي آغاز کانپوءِ موجوده وقتن ۾ جيڪي گاڏيون هلي رهيون آهن انهن جي انتظام کي بهتر بنائڻ جي ارادي سان هنن هڪ پلان ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي.

ان کان علاوه تيز رفتار بسن جي گذرگاهه ويجهو اڏيل دڪانن جي مالڪن به رٿا متعلق خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رٿا جي ابتدائي ڊزائين متعلق ساڻن ڪنهن قسم جي مشاورت ناهي ڪئي وئي.

سجاد خان چيو ته ”دڪاندارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندن دڪان تيز رفتار بسن واري رٿا جي انتظاميا پاران ڪيل رٿابنديءَ تحت ٻين هنڌن تي منتقل ڪيا ويندا. ان حوالي سان سمورين تبديلين کي حتمي ڊزائين ۾ شامل ڪيو ويندو“.

بي آر ٽيءَ جي ابتدائي ڊزائين ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ٿيل آهي ته بسن واري رٿا جي روڊ ڀرسان جيڪڏهن سرڪاري ادارن جون آفيسون به اينديون ته پوءِ سيڪيورٽي صورتحال سان لاڳاپيل سببن جي ڪري رٿا تي منفي اثر به پئجي سگھن ٿا. انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن شراڪت دارن بشمول سيڪيورٽي ايجنسيز کان آفيسن ڀرسان بي آر ٽيءَ جو روٽ گذارڻ بابت نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ورتا ويندا“.

خيبرپختونخواه ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين اعليٰ حڪومتي عملدارن سان موجوده مسافر بسن جي حوالي کان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون منعقد ڪيون آهن.

ايسوسيئيشن جي صدر خان زمان جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ ڪمپنين پاران ان ڳالهه تي حڪومت سان اتفاق ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجون بسون شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي مسافرن جي سهولت لاءِ ٻين رستن تي منتقل ڪري وٺندا.

نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خان زمان چيو ته ”شروعات ۾ رٿا متعلق اسان کي اعتراض هيا جن جو اظهار ڪيوسين ڇو ته تيز رفتار بسن واري رٿا جي ڪري اسانجون جيڪي بسون هينئر هلي رهيون آهن اهي بند ٿي وڃن ها پر هاڻي حڪومت اسان کي ٻيهر اها خاطري ڪرائي آهي ته اسانجن بسن لاءِ به نين بسن واري رٿا ۾ گنجائش پيدا ڪئي ويندي ته ان کانپوءِ اسانجا خدشا ختم ٿي ويا آهن“.

هن اهو پڻ چيو ته اهڙي قسم جا سمورا تفصيل تيز رفتار بسن واري رٿا جي ابتدائي ڊزائين ۾ شامل نه ڪرڻ تي هنن حڪومت آڏو باضابطه طور تي احتجاج به ڪيو آهي.

خان زمان ٻڌايو ته حڪومت کين خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت پاران ٽرانسپورٽ ڪمپنين جي مالي مدد به ڪئي ويندي ته جيئن اهي پراڻين بسن مان جند ڇڏائي نيون بسون خريد ڪري سگھن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here