پشاور (اسد خان وٽان) پاڪستان ۾ مذهبي رجحان رکندڙ ماڻهو جيتوڻيڪ مٿانهن ڏندن (مٿين ڄاڙي) وارن جانورن کي پسند ناهن ڪندا، پر پشاور جي ”چِرگانو چوڪ“ وارن پالتو جانورن جي واپارين جي ڳالهين تي جيڪڏهن يقين ڪيو وڃي، ته اهڙن جانورن جي پالنا ڪرڻ سٺي ڪِرت آهي. سندن چوڻ آهي ته، توڙي جو ڪجهه ماڻهو ڪتن کان نفرت ڪن ٿا پر ٻيا وري سٺي نسل جي ڪتن کي حاصل ڪرڻ خاطر سٺا پيسا آڇين ٿا.

Yasir Ali - Dog Seller: Photo by News Lens Pakistan/
Yasir Ali – Dog Seller: Photo by News Lens Pakistan/

ياسر عليءَ نالي نوجوان هر جمعي تي پشاور جي چِرگانو چوڪ جو چڪر لڳائيندو رهي ٿو، جيڪو پالتو جانورن جي خريداري ۽ وڪري جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي. وڏن وارن وارا ٻه ننڍا گُلر ( ڪتي جا ٻچا) هٿ ۾ کڻي علي گراهڪن جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي، جڏهن ته جانورن جي ان ”پِڙيءَ“ ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم هيڏانهن کان هوڏانهن اچي ۽ وڃي رهيو هجي ٿو ته جيئن پسند جا جانور خريد ڪري سگھي.

پشاور جي ڀرسان قائم هڪ ڳوٺ کان آيل 25 سالن جي ياسر عليءَ ٻڌايو ته جيڪڏهن هو هي گُلر وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته انهن جي بدلي ۾ کيس ٻه هزار روپيا ملندا. ٻن مختلف نسل وارن نر ۽ مادي ڪتن جي ميلاپ جي صورت ۾ پيدا ٿيل انهن کار نسل جي ٻنهي گُلرن عيوض ايترا پيسا ملي وڃڻ هن لاءِ ڪافي آهن. مارڪيٽ جي هل هنگامي باوجود اهي گلر سندس ٻانهن جي ڪڇ ۾ ننڊاکڙين اکين سان خاموش ويٺل هيا.

ياسر علي جنهن مارڪيٽ ۾ پنهنجا ڪتا وڪرو ڪرڻ لاءِ ايندو آهي ان کي ميلو يا منڊي سڏيو وڃي ٿو. پشاور جي مرڪزي حصي ۾ شهري حڪومت پاران باچا خان چوڪ ويجهو ٽريفڪ جي روانيءَ خاطر هن هنڌ تي فلاءِ اوور جي اڏاوت ڪرڻ کان اڳ ۽ دهشتگرديءَ جي لهر اچڻ کان به پهريان جڏهن اڃان عوامي هنڌن تي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ ڪا رڪاوٽ نه هوندي هئي انهن وقتن ۾ هي ميلو شهر جي شاهي باغ ڀرسان لڳايو ويندو هيو.

شهر جي چرگانو چوڪ جو نالو انگريز راڄ دوران سرخ پوش جدوجهد جي سرواڻ ۽ پشتون قومپرستيءَ جي بانيءَ جي پٺيان باچا خان چوڪ رکڻ بعد پالتو جانورن جو ميلو هاڻي انهيءَ چوڪ ۾ لڳندو آهي. جتي هاڻي صرف ڪتن جي منڊي لڳي ٿي جنهن کي پشتو ۾ ”دا سپو ميلا“ چيو وڃي ٿو. اهو ميلو هاڻي شهر جي انهن سرگرمين مان هڪ آهي جتي شهر جي سمورن حصن مان ماڻهن جو هڪ وڏو تعدا ڪهي اچي ٿو ۽ اتي ڪتن کان علاوه مختلف قسم جي پکين، ڪڪڙين، ٻڪرين، رڍن ۽ ٻلين جو وڪرو به ٿئي ٿو.

جيئن ته هن ڪاروبار جا ڪي به حتمي انگ اکر موجود نه آهن ان ڪري هن رجحان جي حقيقي ڪٿ نه ٿي ڪري سگھجي، هن شهر ته ڇا پر سڄي ملڪ جا خوشحال ماڻهو پالتو جانورن جو وڪرو ڪرڻ واري ياسر عليءَ جيان ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندڙ هن رجحان تحت جانورن جي گھريلو سطح تي پالنا ڪري سٺا پيسا ڪمائڻ خاطر کليل مارڪيٽ ۾ انهن جي وڪري ۽ خريداريءَ جا گُر سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن قسم جي گھريلو صنعت لاءِ ڪي مخصوص مارڪيٽ ته موجود نه آهن جنهن جي ڪري هن ڪاروبار جا سودا زباني انداز سان ٿين ٿا يا وري انٽرنيٽ وسيلي هلندڙ ويب سائيٽن جي مدد سان ٿين ٿا. ويب سائيٽن وسيلي ٿيندڙ ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪتن جون قيمتون انتهائي وڏيون مقرر ٿين ٿيون. ويب سائيٽن وسيلي وڪرو ٿيندڙ السيشن جي ٻچي جي قيمت 25 هزار ۽ پيڊي گِري گُلر جي قيمت 75 هزار روپيا به آهي.

ياسر علي ۽ هن جهڙن ٻين ماڻهن لاءِ جيڪي هن قسم جي شهري ڪاروبار جي اصل اهميت کان بي خبر آهن ۽ کين انٽرنيٽ جي دنيا تائين رسائي حاصل نه آهي انهن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي هڪ ئي جڳهه آهي، اهو آهي باچا خان چوڪ جتي مختلف نسل جا ڪتا وڪري لاءِ آندا وڃن ٿا. جتي هو پنهنجا ڪتا، انهن جي عمر، نسل ۽ ٻين خاصيتن آڌار گراهڪن کي سڌيءَ ريت پاڻ وڪرو ڪن ٿا.

bull terrierپشاور شهر جو هڪ رهائشي باچا گل پاڻ سان گڏ هڪ ”بُل ٽيريئر“ نسل جو ڪتو وٺي آيو آهي جنهن کي هِن ميلي دوران هُو وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو. ڪتي جي ڪنڌ ۾ سهڻو پٽو پاتل آهي ۽ اڇي رنگ جو اهو بُل ٽيريئر (بلٽري) ڏسڻ ۾ توڙي جو ننڍو لڳي ٿو پر هن جي قيمت اوچي لڳائي وئي آهي. باچا گل پنهنجو ڪتو 9 هزار روپين ۾ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو. باچا گل ٻڌايو ته خريدارن پاران 5 هزارن عيوض ڪتو خريدڻ جي آڇ ڏني وئي پر هن ڪتي جو نسل ناياب آهي ۽ اهو عام نه ٿو ملي.

هن جو چوڻ هو ته هن ڪتي جي تربيت ڪتن جي ويڙهه خاطر ڪئي پر هاڻي کيس پيسن جي ضرورت آهي سو هو هن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. کيس ڪتن سان پيار آهي. هن ڪتي وٺڻ تي به سٺا پيسا خرچ ڪيا هئا ۽ هي ڪتو به هتان، هن ئي ميلي مان 1000 روپيا ڏئي خريد ڪيو هو.

ڪتن جو هڪ ٻيو شوقين گل احمد به پشاور ۾ لڳندڙ ڪتن جي ميلي ۾ گذريل 15 سالن کان لڳاتار چڪر هڻندو رهي ٿو. هو ڪتن جو پڪو خريدار آهي. هن ٻڌايو ته، کيس جڏهن به ڪو ڪتو پسند اچي ويندو آهي ته هو اهو هر صورت ۾ خريد ڪري وٺندو آهي پوءِ ڀلي ان جي قيمت ڪيتري به ادا ڪرڻي پوي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته شوق جو ڪوئي ملهه نه آهي. ڪتا پالڻ سندس شوق آهي. سندس گھر ۾ مختلف نسلن جا ڪيترائي ڪتا موجود آهن. ڪتا ڏاڍا وفادار آهن ۽ اهي ڄڻ ته سندس گھر جا ڀاتي آهن.

گل احمد وٽ في الحال صرف 3 ڪتا موجود آهن جن مان 2 السيشن ۽ هڪ بُلٽيريئر نسل جو آهي. هو پنهنجي بُل ٽيريئر ڪتي لاءِ هڪ ساٿي تلاش ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو ته پيڊي گري ڪتن جي نسل جي مادين جي گھرج وڌي وئي آهي ۽ اهي آسانيءَ سان نه پيون ملن. ڪتا وڪرو ڪرڻ وارا انهن کي ان ڪري به نه ٿا وڪڻن ته جيئن انهن مان ٻچا حاصل ڪري اهي وڪڻندا رهن ۽ وڌيڪ پيسا ڪمائن.

هن ٻڌايو ته، ٽنهي ڪتن جي پالنا ۽ کاڌ خوراڪ تي هو روزانو هڪ هزار روپيا خرچ ڪندو آهي. هو ڪوشش ڪندو آهي ته کين مناسب کاڌو ڏئي، کين صاف سٿرو رکي ۽ روزانو باغيچي ۾ وٺي وڃي کين گھمائي ڦيرائي. گل احمد اهو پڻ ٻڌايو ته پشاور ۾ هاڻي ڪيترائي ماڻهو ڪتن جي پالنا، انهن جي خريداري ۽ وڪري واري ڪرت سان جڙي ويا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ان ڪم مان سٺا پيسا ڪمائي وٺن ٿا. هن چيو ته اعليٰ نسل جا ڪتا اڻ لڀ آهن اهڙي قسم جا ڪتا هڪ کان 5 لک روپين تائين به وڪرو ٿين ٿا.

ڪتن جي ميلي جي نگران جان داد خان ٻڌايو ته جمعي ۽ آچر تي لڳندڙ هن ميلي ۾ لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهو اچن ٿا ۽ ڪتن جي جاچ لهي وڃن ٿا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ڪتا وڪرو ڪرڻ وارا اڪثر ڪري پشاور جي پسگردائيءَ وارن ڳوٺن مان اچن ٿا جڏهن ته انهن جا خريدار پشاور جا شهري هوندا آهن.

جان داد خان حال احوال اوريندي ٻڌايو ته اڳ ۾ جڏهن اڃان دهشتگرديءَ وارن حملن جو خوف نه هوندو هيو ته ميلي ۾ ايندڙ خريدارن ۽ وڪرو ڪرڻ وارن جو تعداد هاڻي کان ٻيڻ تي وڌيڪ هوندو هيو. هاڻي ماڻهو بازارن، مارڪيٽن ۽ عوامي اجتماع وارن هنڌ تي اچڻ کان ڊڄن ٿا ڇو ته اهڙيون جايون دهشتگردن لاءِ آسان حدف ٿي چڪيون آهن.
هن ٻڌايو ته پالتو جانورن جي هن ميلي ۾ ڪتن جي ويڙهه، جانورن جي ڊوڙ ۽ نمائش پڻ ٿيندي هئي، اهڙين سرگرمين کي ڏسڻ لاءِ به جهجها ماڻهو هتي ڪٺا ٿيندا هئا.”ايتري تائين جو ماڻهو انهن مقابلن بابت پهريان شرطون پڻ لڳائيندا هيا پر هاڻي اهو رجحان ختم ٿي ويو آهي. جان داد خان جو چوڻ هو ته ڪتن جي هن ميلي جو نگران ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ پشاور جو نمائندو هجڻ جي حيثيت ۾ هو في ڪتي عيوض 20 روپيا فيس اوڳاڙيندو آهي ۽ اها في ڪنٽونمينٽ بورڊ جي منظوريءَ سان ئي وصول ڪندو آهي.

ميلي ۾ ملي ويل هڪ جهوني شوقين رسول شاهه ٻڌايو ته پهريان ڀلي نسل جي پالتو ڪتن کي وڪڻڻ جي صورت ۾ سٺا پيسا ملي ويندا هئا پر هاڻي جيئن ته امير ماڻهن هتي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ان ڪري ڪتن جا اگھه به ڪري پيا آهن. رسول شاهه 80 واري ڏهاڪي کان هن ميلي ۾ مستقل طور تي ايندو رهي ٿو.

رسول شاهه پنهنجي تجربي آڌار ٻڌايو ته پهريان خيبرپختونخواه جي سمورن ضلعن جا خريدار ۽ ڪتا وڪرو ڪرڻ وارا هن ميلي ۾ بي خوف ايندا رهندا هئا، ايتري تائين جو ڪيترا شوقين ته ٻين صوبن مان به هتي ڪهي ايندا هئا پر هاڻي سڀڪو هتي اچڻ کان ڊڄي ٿو ان ڪري خريدارن جو انگ گھٽجي ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here