ڪراچي (فرحانه نيازيءَ وٽان) پوليس ڪانسٽيبل غلام رسول ميمڻ پوليو مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن دوران پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو، هُن جي اهڙي قربانيءَ سب ڪيترائي ٻارڙا معذور ٿيڻ کان ته بچي ويا، پر هن جا پنهنجا معصوم ٻار يتيم ٿي ويا.
ghulam rasoolغلام رسول به انهن ستن پوليس اهلڪارن ۾ شامل هيو، جن کي ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ جي علائقي اورنگي ٽائون جي بنگلا مارڪيٽ ۾ پوليو مهم دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. مقتول اهلڪار غلام رسول جي ڀاءُ غلام نبيءَ نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهائيندي چيو ته، سندس ڀاءُ جو موبائل وسيلي آخري رابطو پنهنجي گھرواريءَ سان ٿيو هيو.
غلام نبيءَ موجب، آخري فون ڪال دوران غلام رسول پنهنجي گھرواريءَ کي چيو هيو ته ”ڊيوٽي پوري ڪري مان ٻن ڏينهن لاءِ گھر ايندس ۽ توکي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلندس“ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ غلام رسول جي گھرواري ٻار کي جنم ڏيڻ واري هئي.

غلام رسول جو تعلق گھوٽڪي ضلعي سان هيو ۽ 2007 ۾ هُو پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو. جڏهن ته ڪجهه عرصو پهريان لوئر ڪورس ڪرڻ لاءِ کيس شهدادپور جي پوليس ٽريننگ اسڪول اماڻيو ويو، جتان ضرورت پوڻ تي پوليو ٽيمن جي حفاظت واري ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ اماڻيو ويو.
غلام نبيءَ ٻڌايو آهي ته ”منهنجو ڀاءُ ته ٽريننگ ڪرڻ لاءِ ويو، جتان کيس ڊيوٽيءَ تي اماڻي ڇڏيائون، اسانکي اها خبر ته بعد ۾ پئي، هتي گھوٽڪيءَ ۾ ته اهڙي خطري واري ڪا ڳالهه نه هئي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي خطرا آهن انهن متعلق اسانکي ڪا به ڄاڻ نه هئي“.
غلام رسول ميمڻ کي چئن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. غلام نبيءَ چيو ته ”گھر جي ڪفالت ڪرڻ واري اڪيلي ماڻهوءَ جي وڇوڙي سبب گھروارن سان ڪهڙي نه ويڌن ٿي هوندي، پر اسانکي فخر آهي ته اسانجي ڀاءُ کي شهادت ملي آهي“.
ڪراچيءَ اندر پوليو ٽمين مٿان حملن جي شروعات 2012 کان ٿي آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 10 پوليس اهلڪار ۽ 7 رضاڪار مارجي چڪا آهن. پوليو مهم لاءِ ڪم ڪندڙ 7 هزار رضاڪارن جي حفاظت لاءِ 5 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
مقتول هيڊ ڪانسٽيبل عبدالستار جو لاش، سندس دوست اي ايس آءِ صورت خان پنجاب جي ضلعي منڊي بهاءُ الدين جي تعلقي ملڪ وال کڻائي ويو، هو گذريل 24 سالن کان پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو هيو.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اي ايس آءِ صورت خان چيو ته ”اهڙن حملن باوجود اسان ڊنل ناهيون، هيءَ نوڪري اسان ملڪ ۽ قوم خاطر ڪري رهيا آهيون، جان ته هونئن به الله کي ڏيڻي آهي“.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي صورت خان چيو ته ”دهشتگردن کان ڊڄي، نوڪري ڇڏي چوڙيون پائي اسان گھر ۾ لڪي ته نه ٿا سگھئون نه، اسان هنن جو مقابلو ڪنداسين، دهشتگرد جو نه ته ڪوئي مذهب هوندو آهي نه ئي ڪو نسل، هو ته بس دهشتگرد هوندو آهي“.
ڪراچيءَ ۾ پوليس اهلڪارن مٿان حملن جا اڪثر واقعا اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ٿيندا رهيا آهن، جتي پوليس ۽ رينجرز بندش پيل تنظيمن خلاف ڪارروايون پڻ ڪري چڪي آهن، جن ۾ بندش پيل طالبان تحريڪ ۽ لشڪر جهنگويءَ جا ڪيترائي ڪارندا مارجي پڻ چڪا آهن.

ايس پي اورنگي آصف عليءَ جو چوڻ آهي ته ”اصل ۾ هيءَ هڪ جنگ آهي ۽ اسان دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون“. آصف عليءَ وڌيڪ چيو ته ”مسئلو اهو آهي ته هڪ خاص ذهنيت ۽ نفرت جي سوچ رکڻ وارا ماڻهو ڪنهن طريقي سان ٻيهر سرگرم ٿيڻ شروع ٿين ٿا، اهي جنگي صلاحيتون رکندڙ آهن ۽ پنهنجي انهن صلاحيتن کي استعمال ڪندي هو رياست مٿان حملا ڪن ٿا، اهڙا واقعا جيئن ته اسان پهريان به ڏسندا رهيا آهيون ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ اسان انهن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيا آهيون“.
دهشتگردن جي حملي جو نشانو بڻيل ٽيم ۾ ڪانسٽيبل علي گوهر چاچڙ به شامل هيو، جيڪو خوشقسمتيءَ سان بچي ويو، ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ”مونکي، اسانجي ٻين ساٿين ٻڌايو ته اسان به واپس اچي رهيا آهيون ۽ اسان گڏجي ماني کائڻ لاءِ سندن انتطار ڪرڻ لڳاسين ته ايتري ۾ ئي اسانکي حملي جو اطلاع مليو، واقعي واري هنڌ پهتاسين ته اتي اسانجي دوستن جا لاش پيل هيا“.
علي گوهر چاچڙ جي ڊيوٽي اورنگي ٽائون جي يونين ڪائونسل نمبر 8 ۾ لڳل هئي، ساڳئي علائقي ۾ هو پهريان به ڊيوٽي ڪري چڪو آهي.

علي گوهر ٻڌايو ته ”شهدادپور ٽريننگ اسڪول مان چئن ڏينهن لاءِ اسانکي ڪراچيءَ آندو ويو هيو، اسانکي بلٽ پروف جيڪٽون مهيا نه ڪيون ويون، جيتوڻيڪ اسان کي اها پڪ ڏني وئي هئي ته هاڻي هر ٽيم سان گڏ چئن پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي ۽ کين بلٽ پروف جيڪٽون پڻ ڏنيون وينديون“.
هن جي موقف جي ابتڙ، ڊي آءِ جي فيروز شاهه واقعي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته ”سمورن اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽون مهيا ڪيون ويون هيون“.

ڪراچيءَ ۾ گذريل ٻن سالن کان دهشتگرد تنظمين، ڀتاخورن ۽ سياسي پارٽين جي ٽارگيٽ ڪلرز خلاف به آپريشن هلندڙ آهي، اهڙي آپريشن دوران گذريل 16 مهينن ۾ 95 پوليس اهلڪار مارجي چڪا آهن.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه دوران سپاهي علي گوهر چاچڙ جو چوڻ هيو ته ”ڊيوٽيءَ وقت هنن سان هڪ مقامي پوليس اهلڪار جو گڏ هجڻ ضروري آهي. اسانکي ته رستن ۽ گھٽين جي به خبر نه آهي، هر پوليو ٽيم سان گڏ جيڪي پوليس اهلڪار ساڻ ڪيا ويا هئا، اهي سڀ جا سڀ ٻين شهرن جا هيا“.

آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا، ٽريننگ تي اماڻيل اهلڪارن کي خطرناڪ علائقن ۾ موڪلڻ وارن الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ”ڪجهه جوان پوليو ڪارڪنن جي تحفظ واري ڊيوٽيءَ لاءِ ويل هئا ۽ ڪجهه اهلڪار ٻين شهرن مان گھرايا ويا هئا، جڏهن ته ڄاڻايل علائقي ۾ ايترو خطرو هجڻ بابت ڪوئي اندازو نه هيو، آئنده ڪوشش ڪنداسين ته اهڙي قسم جي غفلت نه ڪئي وڃي“.

مقتول سپاهي حاجي اسماعيل، پنهنجي پٽ ذيشان لاءِ هيرو هيو، هو خواهشمند هيو ته سندس پيءُ پوليس ۾ سٺي عهدي تي مقرر ٿئي. حاجي اسماعيل کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي ۽ ذيشان سندس ٻيون نمبر پٽ آهي، جيڪو هن وقت ٻارهين درجي ۾ تعليم پرائي رهيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي صورتحال جي ڪري ذيشان پنهنجي پيءُ کي ڪڏهن ڪڏهن نوڪري ڇڏي ڏيڻ جو مشورو به ڏيندو هيو، پر ذيشان جي چوڻ مطابق ته هو سندن اها ڳالهه ڄڻ ته ٻڌندو ئي نه هيو.
ذيشان جو چوڻ آهي ته ”هو نوڪريءَ تي وڃڻ وقت اڪثر اهو چوندو هيو ته مان پنهنجي جان هٿن تي رکي وڃي رهيو آهيان، خبر ناهي ته واپس اچان به الائي نه. اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هيو ته اسان جو پيءُ اسان کان ايئن وِڇڙي ويندو“.
واضح رهي ته پوليو ٽيمن مٿان حملا شروع ٿيڻ بعد پوليو ٽيمن کي پوليس جي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻه مهينا اڳ گھربل تعداد ۾ پوليس اهلڪار موجود نه هجڻ سبب پوليو مهم ٻن ڏينهن تائين ملتوي پڻ ڪئي وئي هئي. القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن کي پاڪستان اندر مارڻ واري واقعي بعد پوليو ٽيمن مٿان حملن ۾ واڌارو ٿيو، ان حوالي سان ڪجهه اهڙا اطلاع پڻ سامهون آيا ته پوليو ويڪسين جي بهاني سان اسامه بن لادن جي گھر تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن هڪ پوليو رضاڪار عابده، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”هر پوليو ٽيم سان گڏ ٻه پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي علائقا وڌيڪ حساس قرار ڏنل آهن اتي ٻن کان وڌيڪ اهلڪار به ڏنا وڃن ٿا. مرد پوليس اهلڪار گھرن اندر وڃڻ وقت تحفظ لاءِ گڏ ناهن هوندا، ان ڪري جيڪڏهن عورت پوليس اهلڪار به مقرر ڪيون وڃن ته تمام سٺي ڳالهه ٿيندي، ڇو ته مرد پوليس اهلڪارن جي ڪوشش اها هوندي آهي ته قطرن پيارڻ وارو ڪم جلد کان جلد ٿي وڃي پر ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن ڪوئي پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪار ڪندو آهي ته پوءِ گھر اندر وڃي به قطرا پيارڻا پون ٿا“.
هلندڙ سال 2016 دوران سنڌ ۾ پوليو جا 3 جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ پوليو جا ڪل 8 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب ”2011 تائين پاڪستان دنيا جي انهن 4 ملڪن ۾ شامل هيو جتي اڃان تائين پوليو جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. جڏهن ته 2012 ۾ پاڪستان دنيا جي انهن 3 ملڪن ۾ شامل هيو جتي پوليو جو وائرس هاڻي به موجود آهي. ٻين ملڪن ۾ افغانستان ۽ نائيجيريا شامل آهن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here