اسلام آباد: پاڪستاني ميڊيا طرفان هڪ مبينه جعلي دستاويز وسيلي پاڪستان جي حڪمران پارٽيءَ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي 37 پارليامينٽيرينز جا لاڳاپا فرقيوارانه تنظيمن ۽ دهشتگرد گروهن سان هجڻ جي نشاندهي ڪرڻ سبب جيڪا سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته انهيءَ معاملي پٺيان سولين ۽ فوجي انٽيليجنس ايجنسين جي پٺڀرائيءَ وارو ڪردار موجود آهي.

ٽن درجنن کان وڌيڪ سينيئر پارليامينٽيرينز جي نالن واري اها لسٽ اهڙي صحافيءَ پاران پنهنجي ٽاڪ شو دوران انڪشاف واري انداز سان پيش ڪئي وئي جنهن جي اها مخصوص ساک هر هنڌ تسليم ڪئي ويندي آهي ته گذريل ڪافي وقت کان هن جا فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا قائم ٿيل آهن. انهيءَ صحافيءَ پاران انهيءَ لسٽ جو تعلق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان جوڙيندي واضح ڪيو ويو ته اها سولين انٽيليجنس ايجنسي ”انٽيليجنس بيورو (آءِ يءَ) پاران تيار ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته موجوده وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ اهڙي ڪا به لسٽ سرڪاري سطح تي تيار ڪرائڻ جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران آءِ بيءَ کي حڪمران پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ پارليامينٽيرين جي فرقيوارڻين تنظيمن ۽ دهشتگرد گروهن سان مبينه لاڳاپن جي حوالي کان ڪا به لسٽ تيار ڪرڻ متعلق ڪا به هدايت جاري نه ڪئي وئي. مخالف ڌر جي ڪيترين ئي پارٽين انهيءَ لسٽ کي بنياد بڻائي اڳوڻي وزيراعظم مٿان الزام مڙهيو ته ”اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي نااهليءَ واري فيصلي کانپوءِ پارٽيءَ جي امڪاني ٽوڙ ڦوڙ ۽ فارورد بلاڪ ٺهڻ جو رستو روڪڻ خاطر اهڙي لسٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو“.

انهيءَ لسٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي 08 وزيرن جا نالا به شامل آهن جن ۾ قانون وارو وزير زاهد حامد به شامل آهي. هن کان علاوه تعليم واري وزير بليغ الرحمان، مواصلات واري وزير حافظ عبدالڪريم، توانائيءَ ۽ بجليءَ واري وزير اويس لغاريءَ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽيءَ جي وزير سڪندر حيات بوسڻ، ساڳي وزارت جي مملڪتي وزير اياز علي شاهه شيرازي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت جي مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجوءَ جا نالا به لسٽ ۾ ڏنا ويا آهن. جڏهن ته راندين واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسيءَ ۽ ٻن سينيٽرن جا نالا به لسٽ موجود آهن.

مبينه طور تي آءِ بيءَ سان جوڙي ويندڙ انهيءَ لسٽ ۾ حڪمران پارٽيءَ جي جن قانونسازن جا نالا ڏنا ويا آهن انهن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺبو ته آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ لڳندو ته جن ايم اين ايز جا نالا ڏنا ويا آهن اهي پارٽي پاليسين ۽ فيصلن مٿان کلئي عام تنقيد ڪندا ۽ انهن سان اختلاف ڪندا رهيا آهن.

لسٽ ۾ اهڙن سياستدانن جا نالا به شامل آهن جن 2002 ۾ مسلم ليگ (ن) کان رستا ڌار ڪندي پاڪستان مسلم ليگ (ق) قائم ڪئي ۽ ساڳيا ئي ماڻهو 2008 وارين چونڊن ۾ پنجاب جو اقتدار مسلم ليگ (ن) کي ملڻ ۽ 2013 ۾ نوازشريف جي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. لسٽ ۾ ڏنل ڪيترا ئي نالا ان حوالي سان به ميڊيا جي تبصرن ۾ گونجندا رهيا ته ايندڙ چونڊن کان اڳ اهي مسلم ليگ (ن) کي ڇڏي ڏيندا ۽ ڪيترن ايم اين ايز جا لاڳاپا فرقيواراڻين شيعا تنظيمن سان جوڙيا ويا ڇو ته انهن جو مذهبي پسمنظر شيعا عقيدي سان لاڳاپيل آهي.

انهيءَ ڊگھي لسٽ ۾ حڪمران پارٽيءَ جي جن ايم اين ايز جا نالا ڏنا ويا انهن جي حوالي کان چيو ويو ته اهي ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ”فارورڊ بلاڪ“ ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. اڪثر ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته آءِ بيءَ پاران اها لسٽ ”پارٽيءَ جي صفن اندر اتحاد برقرار رکڻ“ خاطر ۽ مسلم ليگ (ن) جي سياسي طاقت کي برقرار رکڻ خاطر ترتيب ڏني وئي.

لِيڪ ٿيل انهيءَ لسٽ سبب حڪمران پارٽيءَ جي سياست ۾ ان وقت به وڏو ڏڦيڙ پيدا ٿيو جڏهن هڪ وفاقي وزير جنهن جو نالو انهيءَ لسٽ ۾ شامل ٿيل آهي انهيءَ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو احتجاجي بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته ٻين سمورن قانونسازن قومي اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ جو بائيڪاٽ ڪندي موقف اختيار ڪيو ته لسٽ سبب سندن بدناموسي ٿي آهي. انهيءَ اعتراضن ۽ دانهن واري صورتحال ۾ وڌيڪ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن انهيءَ لسٽ ۾ نالو هجڻ جي بنياد تي هڪ وزير جي زال کي آمريڪي اختيارين ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

پاڪستان ۾ چار انٽيليجنس ايجنسيون آهن جن مان ٻه سولين ۽ ٻه فوجي انتطام هيٺ هلندڙ آهن. فوج جي ڪنٽرول هيٺ رهندڙ ايجنسين ۾ ”انٽرسروسز انٽيليجنس“ (آءِ ايس آءِ* ۽ ”ملٽري انٽيليجنس“ (ايم آءِ) جڏهن ته ”انٽيليجنس بيورو“ (آءِ بي) سولين ايجنسي آهي جيڪا سڌيءَ ريت وزيراعظم کي جوابده آهي ۽ اسپيشل برانچ پوليس کاتي لاءِ ڪم ڪندي آهي.

عدالت پاران نواز شريف کي اقتدار مان هٽائڻ بعد حڪمران پارٽيءَ ۽ نوازشريف پاڻ به فوجي اسٽيبلشمينٽ ڏانهن مبهم اشارا ڪندي چيو ته انهن حڪمران پارٽيءَ کي غيرمستحڪم ڪرڻ ۽ مونکي اقتدار مان ڪڍڻ جي سازش ڪئي. تجزئي نگارن کي پختو يقين آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڃان به حڪومت، پارٽيءَ ۽ آءِ بي مٿان مڪمل اختيار حاصل آهي جڏهن ته آءِ ايس آءِ پنهنجي ذريعن ۽ حڪمت عمليءَ وسيلي ان سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي.

نوازشريف ويجهڙائيءَ ۾ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان، جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) ايوان بالا سينيٽ اندر اقليتي پارٽي آهي، ان باوجود هڪ اهڙو قانون منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن آڌار هو ٻيهر پارٽيءَ جو سربراهه مقرر ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

نوازشريف جي نااهليءَ وارو فيصلو اچڻ کان اڳ هلندڙ عدالتي ڪارروائيءَ وارن ڏينهن ۾ لِيڪ ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته وفاقي ڪابينا جي هڪ وزير خسرو بختيار، جنهن جو نالو پڻ نئين لسٽ ۾ شامل آهي، چئي رهيو هيو ته ”نوازشريف وزيراعظم رهي ٿو يا نه اسانکي ان جي ڪا به پراوهه ناهي پر هيءَ حڪومت ختم نه ٿيڻ گھرجي“.

هڪ ٻئي وزير اسد الرحمان وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران مختلف معاملن بابت نوازشريف مٿان کلئي عام تنقيد ڪئي. هڪ وزير جنهن جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي ۽ هن توڙي هن جي خاندان تازو ئي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ان متعلق خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته هو ٻيهر پنهنجي سابقه پارٽيءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.

سياسي تجزئي نگار حسن عسڪري رضويءَ جو چوڻ آهي ته ”انٽيليجنس ايجنسيون اهڙي قسم جي ڄاڻ پنهنجي سِر پاڻ يا ڪنهن ”باس“ جي حڪم تي گڏ ڪنديون آهن. هنن پاران ترتيب ڏنل اهڙي ڪا به لسٽ اگر منظرعام تي اچي به ويندي آهي ته هو صاف انداز سان ان کان لاتعلقي ظاهر ڪري وٺنديون آهن“. هن اهو پڻ چيو آهي ته گھڻي ڀاڱي امڪان اهي ئي آهن ته اها لسٽ نيشنل ايڪشن پلان تحت ترتيب ڏني وئي هوندي جڏهن ته ماضيءَ ۾ اسان اهو ڏسندا رهيا آهيون ته اليڪشن کٽڻ لاءِ سياستدان مقامي سطح تي اهڙن سمورن گروپن جي مدد حاصل ڪندا آهن جن وٽ سٺي تعداد ۾ ووٽرن جي حمايت موجود هوندي آهي.

حسن عسڪريءَ جو چوڻ آهي ته ”اگر انهيءَ دستاويز جي سرڪاري طور تي به مالڪي ڪئي ويندي تڏهن به ذاتي طور تي مونکي ڪا به حيراني نه ٿيندي ڇو ته جيتوڻيڪ هيءَ لسٽ حقيقي نه آهي ان هوندي به هن لسٽ جو ڪو نه ڪو پسمنظر وارو بنياد ضرور هوندو يا هن معاملي سان لاڳاپيل اهڙا حڪم سرڪاري سطح تي ضرور جاري ٿيا هوندا ۽ ڪنهن انهيءَ معاملي جو ڀانڊو آخر ڦوڙي وڌو“. هن جي راءِ آهي ته پاڪستان جون سياسي حڪومتون عام طور تي سولين ايجنسين کي ئي حڪومت ۽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل معاملن تي ضابطو رکڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن ته جيئن پارليامينٽيرينز جي وفاداريءَ ۽ اقتدار کي برقرار رکيو وڃي.

اها به هڪ عام ڳالهه آهي ته انٽيليجنس ايجنسيون ٽيليفون ٽيپ ڪنديون آهن، پنهنجي حدف جو پيڇو ڪنديون آهن ۽ سندن سرگرمين جو رڪارڊ رکنديون اينديون آهن. هن جو چوڻ آهي ته ”جيتوڻيڪ هيءَ لسٽ سامهون آئي آهي پر پوءِ بهٿيندو ڪجهه به ڪو نه“.

لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ هڪ ڀيرو ٻيهر لسٽ مطابق دهشتگرد گروهن سان لاڳاپا هجڻ بابت جن قانونسازن جا نالا منظرعام تي آيا انهن قانونسازن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان هوندي به وفاقي وزير رياض پيرزاده مطالبو ڪيو ته ”اسان مطالبو ڪيون ٿا ته هن دستاويز ۽ ان جي سچائيءَ بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي. حڪومت کي گھرجي ته پرڏيهي کاتي کي خط لکي سچ ٻڌائي ته جيئن اسان جي ساک بحال ٿئي. انهيءَ لسٽ کي ترتيب ڏيندڙ يا سازش ڪرڻ واري جي نشاندهي هر صورت ۾ ڪئي وڃي“. هن پنهنجي پارٽيءَ کي به هن لسٽ جي نتيجي ۾ سخت سياسي نتيجا طاهر ٿيڻ بابت به خبردار ڪيو.

سياسي ۽ دفاعي معاملن جي تجزئي نگار زاهد حسين جي راءِ آهي ته ”هن معاملي سان به لڳي ٿو ته ڪي ڳالهيون جُڙيل آهن. هن قسم جون لسٽون پاڪستان ۾ پهريان به فاش ٿينديون رهيون آهن. ماضيءَ ۾ به اسان اهڙا عمل ٿيندي ڏسي چڪا آهيون. آءِ بيءَ کي سياسي حڪومتون پنهنجي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ استعمال ڪنديون آهن. آءِ بيءَ جهڙي سولين ايجنسيءَ کي وزيراعظم سياسي نگرانيءَ لاءِ استعمال ڪندا رهندا آهن“. هن چيو ته آءِ بيءَ کي اهڙي لسٽ ترتيب ڏيڻ جي ذميواري جيڪڏهن ڏني به وئي ته مونکي ان تي ڪا به حيرت نه ٿيندي ڇو ته اهڙن پارليمينٽيرينز مٿان اقتداري رمزن خاطر نگراني رکي ويندي آهي.

انهن سڀني ڳالهين هوندي به هي اهم ترين سوال پنهنجي جڳهه تي موجود آهي ته آءِ بيءَ مان اها لسٽ ڪيئن چوري ٿي منظرعام تي آئي؟ ان مان طاهر ٿئي ٿو ته انٽيليجنس ايجنسين وچ ۾ هڪ ٻئي کي نيچو نِوائڻ واري ”پراڪسي وار“ هلندڙ آهي ۽ ميڊيا به هن معاملي تي ورهايل ۽ انهيءَ پراڪسي وار جو حصو آهي.

زاهد حسين جو چوڻ آهي ته اگر اسان لسٽ ۾ ڏنل نالا کڻنداسين ته انهن جي نگرانيءَ هيٺ هجڻ تي حيرت نه ٿيندي ڇو ته اهي ايم اين اي متحرڪ ۽ پارٽيءَ اندر اختلافي راءِ رکڻ وارا آهن. اهم ڳالهه اها آهي ته ڄاڻايل لسٽ هٿ جي گھڙيل آهي يا حقيقي پر ان سان لاڳاپيل معاملن جو انهيءَ حوالي کان باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺڻ گھرجي ته لسٽ سامهون اچڻ سان حڪمران پارٽيءَ اندر اختلاف ۽ ٽوڙ ڦوڙ ۾ اضافو ٿئي ٿو يا نه. هن پنهنجي ڳالهه سهيڙيندي چيو ته ڏسڻو اهو آهي حڪومت لاءِ شرمساريءَ جو سبب بڻجي پيل انهيءَ لسٽ واري خبر جي نتيجي ۾ نتيجا حاصل ٿي سگھيا يا اها خبر ڪنهن پنهنجي مذموم مقصدن لاءِ هلائي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.