اسلام آباد: والدين، استادن ۽ سينئر شاگردن جو چوڻ آهي ته، ترڪ اداري جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن ۾ مقرر هڪ سو ملازمن کي پاڪستان مان نيڪالي ڏيڻ سبب نئين ڦڏي جنم ورتو آهي ۽ 11 سو شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي.

پاڪستاني حڪومت حڪم ڏنو هو ته، پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪول جا 108 استاد ۽ منتظم 17 نومبر تائين پاڪستان مان هليا وڃن، اهو حڪم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان جي دوري بعد ڏنو ويو. اسڪول جي عملي کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي.

هلندڙ سال جي جولاءِ مهيني کان اهي اسڪول بند ٿيڻ واري خدشي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيا ڇاڪاڻ ته انهن الزامن ۾ شدت ايندي رهي ته انهن اسڪولن کي ترڪيءَ جي هڪ مذهبي عالم فتح الله گولن جي شدت پسند تنظيم جو سهڪار حاصل آهي، جڏهن ته ان الزام ۾ به پختگي آئي ته 15 جولاءِ تي ترڪ صدر خلاف ٿيل ناڪام فوجي بغاوت کي ڀڙڪائڻ ۾ به فتح الله گولن ۽ ان جي تنظيم جو هٿ آهي.

پاڪ ترڪ اسڪول جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران تعليمي ۽ انتظامي عملي کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ متعلق خدشن جو اظهار ڪيو ويو. بورڊ جي چيئرمين عالمگير خان بيان جاري ڪندي اسڪولن جي عملي جو ڪنهن به ٻي تنظيم سان تعلق هجڻ جي ترديد ڪئي هئي.

عالمگير خان پنهنجي بيان ۾ اظهار ڪيو هو ته هن موقعي مان فائدو وٺندي اسان شاگردن ۽ سندن والدين کي، اسڪول جي استادن ۽ ٻئي عملي جو ڪنهن اوپري تنظيم سان ڳجهو تعلق نه هجڻ جي پڪ ڏيندي سندن اهڙي پريشانيءَ جو ازالو ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ کين اهڙي ڪنهن تنظيم يا ان جي سرگرمين خلاف پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ موقف جو يقين پڻ ڏيارڻ چاهيون ٿا.

اسڪول جي جن ملازمن کي ملڪ نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن کي پنهنجي گھرڀاتين سميت روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اهڙي حڪم تحت 450 ڄڻن کي ملڪ بدر ٿيڻو پوندو. اسڪول جي عملي ۾ شامل هڪ سينئر ملازم ٻڌايو ته، ملڪ بدر ڪيلن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي گذريل 20 سالن کان پاڪستان ۾ رهندا اچن پيا.

انهيءَ سينئر ملازم نالو راز ۾ رکڻ جي گذارش ڪندي اهو به ٻڌايو هو هاڻي الله جي رحم ۽ ڪرم تي آهن. سندن زندگيون خطري ۾ آهن. جيڪڏهن هو ترڪيءَ ويندا ته کين سڌو جيل اماڻيو ويندو ۽ ڪجهه ماڻهن کي ٿي سگھي ٿو ته ڦاهيءَ تي به لٽڪائي ڇڏين، ايئن ٿو لڳي ته ناڪام فوجي بغاوت بعد اردگان چريو ٿي پيو آهي.

پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪول ۽ ڪاليجز ترڪيءَ جي هڪ غير سرڪاري عالمي اداري ”پاڪ ترڪ انٽرنيشنل سي اي جي ايجوڪيشنل فائونڊيشن (پاڪ ترڪ آءِ سي ايف) پاران قائم ڪيا ويا. انهيءَ اداري پاران سڀ کان پهريون اسڪول اسلام آباد ۾ 1995 دوران کوليو ويو.

اهي اسڪول ابتدائي طور تي افغان پناهه گيرن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي مقصد سان کوليا ويا. وقت گذرڻ سان اهو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو. موجوده وقتن ۾ پاڪ ترڪ ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ ۾ 26 اسڪول قائم آهن.

انهن اسڪولن ۾ 11 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن ۽ اسڪولن ۾ 15 سو استاد مقرر ٿيل آهن جن مان 100 استاد ترڪيءَ جا شهري آهن. پاڪستان جي قانونن ۽ نصاب موجب گذريل 21 سالن کان انهن اسڪولن ۾ باقاعدي تعليم شروع ڪرڻ کان اڳ وارن درجن کان 12 ڪلاس تائين تعليم ڏني وڃي ٿي.

پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين جي تنظيم جي صدر عامر عبدالله چيو ته کين خدشو آهي ته ترڪيءَ جي حڪومت هنن اسڪولن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي. انهيءَ جي ڪري والدين ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهن. هُنن نظام کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏنو ته پوءِ ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي پر هن وقت تائين ته هو اهو ٻڌي رهيا آهن ته هي اسڪول هڪ اهڙي تنظيم جي انتظام هيٺ ڏنا ويندا جيڪا موجوده ترڪ حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪري رهي آهي.

عامر عبدالله اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن ترڪيءَ جي حڪومت هنن اسڪولن کي پنهنجي انتظام ۾ ورتو ته ان جو مطلب هوندو ته پوءِ هي تعليمي سرشتو هڪ سياسي پارٽيءَ جي ڌر ٿي ويندو ۽ ان سان اسڪولن جي قيام پٺيان جيڪو نظريو موجود هيو ان کي نقصان رسندو ۽ اها صورتحال مقامي قانونن جي برخلاف پڻ ٿي پوندي.

عامر عبدالله حڪومت تي زور ڀريو ته اها پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڇو ته اسڪولن جي سوين ملازمن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ سان هزارين شاگردن کي ٻين اسڪولن ڏانهن واجهائڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو.

جولاءِ مهيني کان ترڪيءَ جي حڪومت پاڪستان مٿان اهو دٻاءُ وجهندي رهي آهي ته انهن اسڪولن کي بند ڪيو وڃي يا اسڪولن جي موجوده انتظاميا کي تبديل ڪيو وڃي.

پاڪستان جي وفاقي حڪومت سميت ٻين ملڪن مٿان فتح الله گولن جي حمايتي تنظيم جي انتظام هيٺ هلندڙ ترڪ اسڪول بند ڪرڻ يا انهن خلاف قدم کڻڻ متعلق جيڪو دٻاءُ وڌو پيو وڃي اهو ترڪ صدر اردگان جي انهيءَ عالمي مهم جو حصو آهي جنهن تحت هو پنهنجي سياسي مخالفن کي جڪڙ ۾ آڻڻ چاهي ٿو.

اهڙي مهم شروع ٿيڻ کانپوءِ ترڪيءَ جي حڪومت فتح الله گولن جي حمايت ڪرڻ جي شڪ هيٺ هزارين ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ۽ هزارين ماڻهن کي ملازمتن مان نيڪالي پڻ ڏني آهي.

ناڪام فوجي بغاوت کان ستت پوءِ ترڪ پرڏيهي وزير ابتدائي طور تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هتان جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪ ترڪ اسڪولن جو سمورو سرشتو بند ڪيو وڃي ۽ ان جي عملي ۾ شامل ترڪ شهرين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي.

ان هوندي به ترڪ حڪومت جي اهڙن قدمن جي پاڪ ترڪ اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن، سندن والدين ۽ استادن پاران مزاحمت ڪئي وئي. پهرين آگسٽ 2016 واري ڏهاڙي ترڪيءَ جو هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پاڪستان جي دوري تي پهتو ۽ ان وفد گهر ڪئي ته ترڪ حڪومت پاران فتح الله گولن جي تحريڪ خلاف جيڪو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ان جي حمايت ڪرڻ سان گڏ پاڪستان ۾ موجود ترڪ اسڪولن کي بند ڪري ان جي عملي کي ملڪ بدر ڪيو وڃي.

جڏهن ته ترڪيءَ ۾ جيڪا به صورتحال جنم وٺندي رهي آهي ان متعلق پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولز جي انتظاميا واضح طور تي اها ترديد ڪندي رهي آهي ته هنن اسڪولن ۽ ان جي عملي جو فتح الله گولن جي سياسي سرگرمين ۽ تنظيم سان ڪو به تعلق نه آهي. فتح الله گولن اڄڪلهه آمريڪا ۾ جلاوطنيءَ واري زندگي گھاري رهيو آهي ۽ هو موجوده ترڪ حڪومت جو اڳوڻو اتحادي به رهي چڪو آهي.

پاڪ ترڪ اسڪول جي هڪ عملدار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي انهيءَ صورتحال متعلق پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ناڪام فوجي بغاوت ۽ ترڪيءَ جي ڪنهن سياسي مهم سان سندن ڪو به تعلق ناهي رهيو.

ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته، ترڪ اسڪولن جي عملي کي ملڪ بدر ڪرڻ سان پاڪستاني ٻارن کي گھڻو ڏک ٿيندو. ڏکڻ ايشيا متعلق ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر چمپا پٽيل، پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ کانپوءِ، هڪ بيان وسيلي چيو آهي ته ”پاڪستان ۾ 24 ملين ٻارڙا اسڪولن ۾ تعليم پرائڻ کان محروم آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولز اينڊ ڪاليجز مان تدريسي عملي ۽ ٻين ملازمن کي ملڪ بدر ڪرڻ سان پاڪستاني ٻارن کي رنج پهچايو ويندو.

قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر ۽ محقق اي ايڇ نير ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته بهترين طريقو اهو آهي ته اردگان حڪومت پاران پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪول سسٽم مٿان انتهاپسنديءَ کي هٿي وٺرائڻ متعلق جيڪي الزام لڳايا ويا آهن پاڪستان جي حڪومت انهن الزامن جي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪري.

حقيقت اها به آهي ته پاڪستان اندر ڪيترائي ٻيا ادارا توڙي مدرسا انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ جي پرچار ڪندي ان کي زور وٺرائي رهيا آهن ۽ انهن خلاف ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪ ترڪ اسڪولن خلاف ڪارراوئي ڪرڻ هڪ انوکو قدم هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here