اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) پاڪستان ۾ نجي اسڪولن پاران فِين ۾ تمام گهڻو وڌائڻ سبب والدين پنهنجي ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ وارو سلسلو ختم ڪري رهيا آهن. موتبر سمجهي ويندڙ سِول سروسز آف پاڪستان (سي ايس پي) سان لاڳاپيل انڪم ٽيڪس گروپ ۾ 19 گريڊ جي آفيسر، جيڪو پنهنجو نالو طاهر نه پيو ڪرڻ چاهي، ڇو ته سرڪاري ملازمن کي اهو اختيار حاصل نه آهي ته اهي ميڊيا سان ڳالهائي سگھن، جو چوڻ آهي ته ”مون ملڪ اندر اسڪولن جي نظام کي هلائيندڙ مشهور اداري جي انتظاميا کي چئي ڇڏيو آهي ته مان پنهنجي ٻن ٻارن کي سندن اسڪول مان ڪڍي رهيو آهيان، اهو قدم مون ان وقت کنيو جڏهن اسڪول جي انتظاميا مطالبو ڪيو ته مان پنهنجي ٻارن جي پڙهائيءَ عيوض ٻن مهينن جي فيءَ طور 1 لک روپيا جمع ڪرايان.
مون اسڪول جي انتظاميا تي واضح ڪيو ته فيس جي مد ۾ مان هڪ لک روپيا ادا ڪري نه ٿو سگھان، ان ڪري هو بيشڪ منهنجي ٻارن جا نالا ڪڍي ڇڏين“. ڄاڻايل سرڪاري آفيسر ٻڌايو ته اسڪول جي انتظاميا کي هن اها هدايت فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. واضح رهي ته نيوز لينز پاڪستان پاران اها ڳالهه پڻ ٻڌي وئي.
ان بعد، هڪ تفصيلي انٽرويو ڏيندي ڪاوڙيل سرڪاري عملدار چيو ته ”اسڪول جي انتظاميا هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن پروگرام جي نالي ۾، ڪڏهن موسيقيءَ جي پروگرام ته ڪڏهن پڪنڪ، ڪڏهن نئين سال جي پارٽي ۽ ڪڏهن وري والدين جي پارٽيءَ سبب ٻارن کي اضافي فيس جمع ڪرائڻ لاءِ چوندي رهندي آهي، جنهن ڪري مان عملي طور تي تنگ اچي چڪو آهيان.
مونکي يقين ٿي چڪو آهي ته پاڪستان ۾ نجي اسڪول صرف پيسو جوڙڻ واريون مشينون بڻيل آهن ۽ انهن پاران فين ۾ ڪيل واڌاري سبب پاڪستان ۾ تعليم حقيقي طور تي يرغمال ٿي پئي آهي. نجي اسڪولن جي هڪ هٽي قائم ٿي چڪي آهي ڇو ته شاگردن جي والدين وچ ۾ ڪو به رابطو نه آهي“.
اسلام آباد جي هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائيندڙ الطاف نوريءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايوته ”سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ميٽرڪ يا او ليول تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي. نجي شعبي جي ڀيٽ ۾ سرڪاري شعبي جا اسڪول نتيجا ڏيندڙ تعليمي ادارا آهن. نجي شعبي جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد هر سال سٺين مارڪن سان امتحان پاس ڪن ٿا“.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته ”حد ته اها آهي ته پاڪستان ۾ نجي سطح تي اسڪول ۽ ڪاليج هلائيندڙ هڪ ٻئي معروف اداري روٽ فائونڊيشن جو مالڪ پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول مان تعليم ڏياري رهيو آهي. سرڪاري ادارن ۾ تعليم سان گڏوگڏ ٻارن کي اخلاقي قدر مضبوط ڪرڻ بابت تربيت پڻ ڏني ويندي آهي“.
هن اهو پڻ چيو ته ڪجهه نجي اسڪول جن ۾ بِيڪن هائوس، سٽي اسڪول، فوربل، دي ايجوڪيٽرز شامل آهي، ۾ پڙهائيءَ بجاءِ غيرنصابي سرگرمين تي گھڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه نجي اسڪول ڳريون فيون ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنان اوڳاڙين ٿا ته والدين اهي برداشت ڪري به سگهن ٿا يا نه“.

ايڇيسن ڪاليج لاهور، لاهور گرامر اسڪول، بيڪن هائوس اسڪول سسٽم، دي سٽي اسڪول ۽ لاڪاس جهڙن اسڪولن کي ملڪ اندر اسڪولن جو نظام هلائيندڙ 5 وڏن ادارن طور تسليم ڪيو وڃي ٿو.
اسلام آباد جي هڪ ٻئي سرڪاري تعليمي اداري ۾ ليڪچرار طور ڪم ڪندڙ شڪيل احمد جو چوڻ آهي ته ”اهي والدين جن جا ٻار نجي اسڪولن ۾ تعليم پرائين ٿا اهي نجي اسڪولن جي ڳرين فيسن سبب هر وقت هڪ ذهني دٻاءَ هيٺ رهن ٿا. فوربِل اسڪول سسٽم ٻه سال اڳ اي ليول جي هر هڪ شاگرد کان ماهوار في طور 25 هزار روپيا وصول ڪندو هيو. باوجود اهڙي حقيقت جي ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي نصاب ۾ ڪو گھڻو فرق به نه آهي“.

فروٽ وڪرو ڪندڙ هڪ دڪاندار دلاور نعيم جون ٻه نياڻيون سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيون آهن. هن جي خواهش آهي ته هو کين نجي اسڪول ۾ تعليم ڏياري پر جيئن ته هو نجي اسڪولن جي ڳري فيس ادا ڪرڻ جي قابل نه آهي ان ڪري پنهنجي خواهش تي عمل ڪرڻ کان لاچار آهي.
دلاور نعيم جي راءِ آهي ته ”جڏهن سٺي آمدنيءَ وارا ماڻهو ئي نجي اسڪولن جي في ڀري نه ٿا سگھن ته پوءِ هڪ عام ماڻهو ته پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي“.
راولپنڊيءَ ۾ گارمينٽس جو دڪان هلائيندڙ 40 سالن جي سليم عباسيءَ ڳري فيس سبب پنهنجي ٻارن کي نجي اسڪول مان ڪڍي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي سليم عباسيِءَ ٻڌايو ته ”مان پنهنجي هڪ ٻار جي پڙهائيءَ لاءِ دي ايجوڪيٽر اسڪول کي ماهوار 3000 روپيا في ادا ڪندو هيس جڏهن ته مون پنهنجي ٻارن کي جنهن سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي اهو فيءَ جي مد ۾ هڪ روپيو به وصول نه ٿو ڪري“.

گذريل ڪجهه هفتن دوران پنجاب جي حڪومت، آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن (اي پي پي ايس ايف) ۽ مشهور نجي اسڪولن جي نمائندگي ڪندڙ اداري پاڪستان ايجوڪيشن ڪائونسل (پي اِي سي) وچ ۾ فين جي واڌ وارو معاملو شدت اختيار ڪري چڪو آهي.
اي پي پي ايس ايف ۽ پي اِي سي پاران پنجاب صوبي ۾ واقع پنهنجا اسڪول مارچ جي 8 ۽ 9 تاريخ کان بند رکيا ويا ته جيئن پنجاب حڪومت تي دٻاءُ وجهي ان کي نجي اسڪولن جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان روڪي سگھجي.
ان کان علاوه اي پي پي ايس ايف ۽ پي اِي سي پاران پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز بل 2015 خلاف به احتجاج کي تيز ڪيو ويو آهي، ان بل تحت نجي اسڪول سالياني بنياد تي فين ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو نه ڪري سگھندا، پر جيڪڏهن اهي (نجي اسڪول) فين ۾ اضافي جي ضرورت کي محسوس ڪندا ته ان لاءِ کين حڪومت کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي.
ابراهيم انيس نالي هڪ شهريءَ جا 3 ٻار نجي اسڪول ۾ تعليم پرائين ٿا، هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”اڪثر والدين نجي اسڪولن پاران بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي فيس ۾ ٿي ويندڙ واڌ سبب پريشانيءَ جو شڪار رهن ٿا پر هڪ مسئلو اهو به آهي ته ڇڙوڇڙ ٿيل والدين جو ڪو گڏيل پليٽ فارم نه هجڻ سبب اهي ان مسئلي متعلق ڪو اجتماعي آواز به اٿاري نه ٿا سگھن“.
آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن (اي پي پي ايس ايف) جي صدر ڪاشف مرزا، هن کان پڇيل سوالن جا جواب اِي ميل وسيلي ڏيندي لکيو ته ”اي پي پي ايس ايف پنجاب پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز (پروموشن اينڊ ريگيوليشن) بل 2015 کي رد ڪري ٿو“. اهو بل تازو ئي پنجاب اسيمبليءَ پاران منظور ڪيو ويو آهي.
نيوز لينز پاڪستان پاران پي پي ايس ايف کان حاصل ڪيل دستاويزن ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن انهن انگن اکرن جو تجزيو جيڪڏهن تنگ نظريءَ سان ئي ڪيو وڃي تڏهن به نجي اسڪول، پنجاب صوبي جي 60 سيڪڙو ۽ سڄي پاڪستان جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آهن.

دستاويز ٻڌائين ٿا ته ”سموري ملڪ ۾ 1 لک، 73 هزار 110 نجي اسڪولن قائم آهن ۽ انهن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن جو تعداد 2 ڪروڙ، 38 لک، 39 هزار 431 آهي. جڏهن ته انهن اسڪولن ۾ 15 لک استاد پڻ ڪم ڪري رهيا آهن“.
ڪاشف مرزا جو چوڻ آهي ته ”حڪومت پاران انهن تعليمي ادارن سان مڪمل طور تي ڪاروباري اداري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، نجي اسڪول حڪومت کي 33 سيڪڙو انڪم ٽيڪس، 17 سيڪڙو جي ايس ٽي، 3 سيڪڙو سپر ٽيڪس، 6 سيڪڙو سوشل سيڪيورٽي ۽ مليڪتن جي ڪمرشل استعمال عيوض ڳري پراپرٽي في ادا ڪن ٿا“.
جڏهن ته ابراهيم انيس جو چوڻ هو ته ” تعليم کاتي سميت حڪومت جا لاڳاپيل ادارا طاقتور ٿي ويل ”نجي اسڪولن جي مافيا“ خلاف قدم کڻڻ کان لنوائي رهيا آهن“.

هوڏانهن ڪامران ملڪ سان رابطو ڪيو ويو، جيڪو پي اِي سي جي نمائندگي ڪندو آهي، چيو ته ”نجي اسڪولن جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽيءَ بل جي مسودي ۾ ترميمون ڪرڻ بابت جيڪي سفارشون ڏنيون انهن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ئي پنجاب حڪومت مٿي ڄاڻايل بل منظور ڪرائي ورتو آهي.
بل منظور ڪرڻ وقت فِيس اوڳاڙڻ سان واسطو رکندڙ معاملن بابت نجي اسڪولن پاران جيڪي صلاحون ڏنيون ويون، پنجاب حڪومت انهن کي ڪا به اهميت نه ڏني. حڪومت پاران نئون قانون زميني حقيقتن کي بنهه نظرانداز ڪندي منظور ڪرايو ويو آهي“.
اهي ٻئي تنظيمون جيڪي نجي اسڪولن جي نمائندگي ڪن ٿيون، انهن پاران چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبي مطابق قانون ۾ ترميم ڪندي سندن خدشن جو خاتمو نه آندو ته هو احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏيندا.
اسلام آباد سان تعلق رکندڙ هڪ تعليمدان مجيب شيخ جو چوڻ آهي ته ”نجي اسڪولن ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ جاري آهي ان جو نقصان صرف ۽ صرف والدين ۽ انهن جي ٻارن کي ٿي رهيو آهي.
حڪومت کي گھرجي ته مناسب رويي واري حڪمت عملي اختيار ڪندي نجي اسڪولن سان لاڳاپيل معاملن کي حل ڪري ڇو ته ڏورانهن علائقن سان واسطو رکندڙ والدين لاءِ فڪر ڪرڻ واري واحد ڳالهه صرف اها آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريندا رهن ۽ تعليم ڏيارڻ جو واحد ذريعو نجي اسڪول ئي آهن“.

ڪاشف مرزا جو چوڻ آهي ته ”نجي اسڪولن جي فِين ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي آهي اها سراسري طور تي 10 کان 12 سيڪڙو مشڪل سان ٿئي ٿي. مثال طور آگسٽ يا سيپٽمبر 2015 ۾ فين ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي اها حقيقت ۾ عملي طور تي ان ريت لاڳو ٿي رهي هئي ته پرائمريءَ کان اڳ واري درجي جا ٻار پرائمري سطح، پرائمريءَ وارا مڊل، مڊل وارا سيڪنڊري ۽ سيڪنڊريءَ وارا ان کان مٿين درجي وارن ڪلاسن ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويا ته انهن جي درجن ۾ تبديلي اچڻ سبب سندن فيس به وڌي وئي“.

نيوز لينز جيڪي دستاويز حاصل ڪيا انهن ۾ اها ڳالهه پڻ درج ٿيل آهي ته ملڪ جي 1 لک 73 هزار نجي تعليمي ادارن ۾ عورتن جو هڪ تمام وڏو تعداد ملازمتن سان واڳيل آهي.
پنجاب جي تعليم واري وزير رانا مشهود سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سڀ ڪوششون بي فائده ثابت ٿيون ۽ هن سان رابطو ٿي نه سگھيو.
جڏهن ته ڪاشف مرزا حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته حڪومتجيڪڏهن اسانجي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي ته نجي اسڪولن خاص ڪري شاگردن مٿان ان جا الاهي خراب اثر پوندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here