وزير اعظم جي خاندان تي ڪرپشن جا الزام: حتمي فيصلي جو انتظار

0
1288

اسلام آباد: جيئن ته پاڪستان جي موجوده وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ سندس خاندان جي ڀاتين پاران ڪيل مبينه ڪرپشن بابت اعليٰ سطحي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ وزيراعظم توڙي سندس پارٽيءَ پاران جاچ واري انهيءَ عمل خلاف بيان بازي ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي سياسي گرمي پدَ ۾ اضافي سبب ايندڙ ڏينهن ۾ تشدد ڀڙڪي پوڻ جا خدشا به جنم وٺڻ لڳا آهن.

ان کان علاوه جيڪا جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ان معاملي جي جاچ ڪري رهي هئي ان طرفان شڪايت ڪئي وئي هئي ته وفاقي حڪومت جا ادارا سندن ڪم ۾ ”رنڊڪون ۽ رڪاوٽون“ وجهندا رهيا آهن. جي آءِ ٽيءَ پاران اها شڪايت به ڪئي وئي ته ٽيم مٿان جاچ واري عمل بابت منفي نوعيت جي منظم ميڊيا مهم وسيلي دٻاءُ وڌو ويو، جنهن جي ڪري سندن ڪم ۾ “رخنو“ پيو. اهڙين شڪايتن بابت جي آءِ ٽي پاران ملڪ جي اعليٰ عدالت (سپريم ڪورٽ) وٽ 12 صفحن تي ٻڌل شڪايت جمع ڪرائيندي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جاچ جي انهيءَ عمل جي نگراني ڪري رهي هئي.

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جي آءِ ٽيءَ پاران انهن طريقن بابت جاچ ڪئي وئي جن تحت وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان پاران لنڊن جي مهانگي علائقي ۾ پُرآسائش فليٽ خريد ڪيا ويا. انهن ملڪيتن بابت گذريل سال پڌري ٿيل پاناما پيپرز ۾ انڪشاف سامهون آيا هئا. پاناما پيپرز جا دستاويز ”انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) پاران هڪ منصوبي تحت پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي بااثر سياستدانن جا نالا شامل هئا جن پنهنجي ملڪن کان ٻاهر قائم ٿيل آف شور ڪمپنين جي مدد سان غيرقانوني انداز سان ملڪيتون ٺاهيون آهن.

پاناما پيپرز جي پڌري ٿيڻ کان ڪيترا هفتا پوءِ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پاران انهيءَ معاملي جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي ۽ پٽيشنن جي سماعت مڪمل ڪندي عدالت پاران معاملي جي وڌيڪ جاچ خاطر اعليٰ سطحي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جاچ جو اهو عمل ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ جي سخت نگرانيءَ هيٺ رهڻ کانپوءِ طئي ٿيل وقت تحت 10 جولاءِ تي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جاچ ٽيم طرفان وزيراعظم ۽ ان جي خاندان مٿان لڳل الزامن بابت 10 جُلدن تي مشتمل رپورٽ وڌيڪ فيصلي خاطر سپريم ڪورٽ جي لاڳاپيل بئنچ وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جاچ واري وفاقي اداري فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي)، قومي احتساب بيورو (نيب)، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) جي نمائندن تي مشتمل هئي. ميڊيا ۾ اهي چوٻول به ٿيندا رهيا ته انهيءَ جاچ پٺيان عدالت معرفت آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ملوث آهن. جڏهن ته پاڪ فوج پاران اهڙين دعوائن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي وئي.

جي آءِ ٽي پاران شروع ڪيل جاچ جو عمل ان وقت حتمي مرحلي ۾ داخل ٿيو جڏهن وزيراعظم پاڪستان نواز شريف ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف کي پيشيءَ لاءِ طلب ڪيو ويو، جنهن بعد ميڊيا جي چوٻولن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو. جي آءِ ٽيءَ کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪو مدو ڏنو ويو هيو ان جي پڇاڙڪي هفتي دوران جي آءِ ٽيءَ پاران وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز کي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جا سمن جاري ڪيا ويا.. واضح رهي ته مريم نواز کي وزيراعظم نواز شريف جو متبادل جانشين به قرار ڏنو وڃي ٿو، ان کان علاوه وزيراعظم جي ٻنهي پٽن کي به ٻيهر حتمي بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو.

25 جون 2017 واري ڏهاڙي لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم نواز شريف تندُ ۽ تيز لهجي ۾ ڳالهائيندي جي آءِ ٽيءَ طرفان ڪئي ويندڙ جاچ جي اهميت مڃڻ کان انڪار ڪندي سندس ۽ سندس خاندان جي ڀاتين جا نالا آف شور ڪمپنين سان جوڙڻ کي کِل جوڳو عمل قرار ڏنو. لنڊن ۾ پنهنجي رهائشگاهه ٻاهران صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو هيو ته ”پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو احتساب نه آهي. اهو عمل مذاق کانسواءِ ڪجهه به نه آهي“. هن اهو به چيو هيو ته ”جي آءِ ٽيءَ پاران ثبوت هٿ ڪرڻ خاطر اسانجي بدترين دشمنن کي سڏايو پيو وڃي ، ان مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو ڇا ٿا چاهن“.

وزيراعظم جي بيان کان به اڳ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيترائي وزير عوامي هنڌن تي ڪيل تقريرن دوران جي آءِ ٽي مٿان زباني حملا ڪندا رهيا جنهن بعد ميڊيا ۾ ان حوالي کان بحث ۾ وڌيڪ اضافو آيو.

سياسي سائنسدان ۽ ملڪ جو مشهور تجزئي نگار ڊاڪٽر حسن عسڪري رضويءَ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو مشاهدو ڪندي چيو آهي ته ”جي آءِ ٽي جي ٻڌڻين سان گڏ گڏ سياسي صورتحال به ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي رهي. محسوس ايئن ٿيندو رهيو ته وزيراعظم کي اهو يقين ٿي چڪو هيو ته جي آءِ ٽيءَ جي رپورٽ سندس حق ۾ نه ايندي اهو ئي سبب آهي ته هو بار بار هڪ منظم انداز واري مهم وسيلي جي آءِ ٽيءَ جي ساک متعلق اعتراض اٿاريندا رهيا“. جي آءِ ٽيءَ بابت سخت اعتراض ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا جڏهن وزيراعظم جي نياڻي ڪيپٽن( رٽائرڊ) صفدر کي پيشيءَ لاءِ طلب ڪيو ويو. وزيراعظم پاران اهو موقف به رکيو ويو ته جاچ دوران اگر هن ۽ سندس خاندان خلاف الزام ثابت به ٿيا ته اهي قبوليت جوڳا تسليم نه ڪيا ويندا.

ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل هڪ سماعت دوران، جي آءِ ٽي جاچ جي نگهباني ڪندڙ سپريم ڪورٽ بئنچ ۾ شامل هڪ جج جسٽس اعجاز الاحسن پاران راءِ ڏني وئي آهي ته ”اسان ڄاڻون ٿا ته سپريم ڪورٽ ۽ جي آءِ ٽيءَ مٿان حملا ڪرڻ لاءِ ميڊيا وسيلي منظم مهم هلائي وئي. اسان کي ان بابت سڀ خبر آهي ۽ جي آءِ ٽيءَ کي ڏنل ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي ويندي“. معزز عدالت جي هڪ ٻئي جج جسٽس اعجاز افضل پنهنجي الڳ راءِ ۾ چيو ته ”ميڊيا نه ته اسانجي ڪم ڪرڻ واري طريقي کي طئي ڪري سگھي ٿي نه ئي اسانجي اختيارن واري دائري جي وضاحت ڪري سگھي ٿي. اسانکي ان جي ڪا به پراوهه نه آهي ته ميڊيا ڇا ٿي چوي يا ڪهڙيءَ ريت اسانجي ڪم کي ٽوڙڻ مروڙڻ چاهي ٿي. اسان پنهنجو ڪم ڪنهن به دٻاءَ کانسواءِ ڪندا رهنداسين“.

جي آءِ ٽيءَ پاران شڪايتن بابت جيڪا رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. ان جي ڪاپي ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود آهي. ان ڪاپيءَ جي جائزي وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته جي آءِ ٽيءَ پاران جن ڳالهين جي شڪايت ڪئي وئي آهي انهن مان 90 سيڪڙو مواد اخباري ڪٽنگز، جي آءِ ٽي جي جاچ ۽ دائره اختيار بابت تنقيدي مضمونن، حڪومتي ڪارندن، عام تجزئي نگارن ۽ ٽي وي ٽاڪ شوز جي اينڪرپرسنز پاران ڏنل راين، ميڊيا، سياست ۽ سول سوسائٽي گروپن سان لاڳاپيل فردن پاران ڪيل ٽوئيٽس تي مشتمل آهي. انهيءَ شڪايت ۾ حڪومت مٿان الزام لڳايو ويو آهي ته اها ميڊيا وسيلي مهم هلائي احتساب واري ڪم ۾ رخنو ۽ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

جي آءِ ٽيءَ پاران سپريم ڪورٽ وٽ شڪايت جمع ڪرائيندي اها استدعا به ڪئي وئي ته ”سرڪاري ادارن جي انهن آفيسرن ۽ ڪارندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي جي آءِ ٽيءَ جي ڪم ۽ سپريم ڪورٽ بابت ميڊيا وسيلي سرِعام رايا ڏئي رهيا آهن“.

سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بئنچ آڏو جي آءِ ٽيءَ پاران ميڊيا ڪوريج جي شڪايت ڪندي چيو ويو ته ”ميڊيا جيڪي خبرون نشر ڪري رهي آهي انهن جي ڪري جاچ واري عمل ۾ رڪاوٽون پيش اچي رهيون آهن“.
اخباري ڪٽنگز ۽ ميڊيا ٽاڪ شوز جي مانٽيرنگ سان گڏ جي آءِ ٽيءَ پاران انهن واٽس اپ پيغامن ۽ فيس بوڪ وسيلي جاري ڪيل پڌراين کي به شڪايتي رپورٽ جو حصو بڻايو ويو جن وسيلي جي آءِ ٽيءَ مٿان تنقيد ڪئي وئي.

جي آءِ ٽيءَ پاران وزيراعظم جي ڌيءُ جي ان ٽوئيٽ بابت به شڪايت ڪئي وئي جنهن ۾ قران پاڪ جي هڪ آيت جو حوالو ڏنل هيو ان ٽوئيٽ متعلق چيو ويو ته ان ۾ اهڙي ڳالهه ٿيل آهي جنهن سان سپريم ڪورٽ ۽ جي آءِ ٽيءَ جي اهميت گھٽائڻ جي ڪوشش ٿيل هئي.

جي آءِ ٽيءَ پاران جن ”مشڪلاتن“ جو ذڪر ڪيو ويو اٽارني جنرل اشتر اوصاف انهن مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ”جي آءِ ٽيءَ کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي مانيٽرنگ ڪري وقت ضايع ڪرڻ بدران الزامن پٺيان لڪل حقيقتن جي نشاندهي ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي“.

ڊاڪٽر حسن عسڪري رضوي ان ڳالهه جو قائل آهي ته ”پاڪستان ۾ ميڊيا وسيلي افراتفري ڦهلائڻ هاڻي ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ان جي چڱيءَ ريت پروڙ 1970 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف محسوس ڪئي وئي جنهن بعد اها هلندي رهي آهي. ان هوندي به هن ڀيري اسان متضاد راين تي ٻڌل انهيءَ افراتفريءَ ۾ نواڻ محسوس ڪري رهيا آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي موجودگيءَ جي ڪري به اها وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳي آهي.

ڊاڪٽر حسن عسڪري رضويءَ اهو به چيو آهي ته ”جي آءِ ٽيءَ جي رپورٽ جيڪڏهن وزيراعظم جي حق ۾ نه آئي ته ميڊيا وسيلي سامهون ايندڙ متضاد راين تي ٻڌل افراتفريءَ واري ماحول ۾ ايندڙ ڏينهن دوران وڌيڪ شدت اچڻ جا امڪان آهن ۽ ان جي ڪري ملڪ اندر سياسي وڳوڙ ٿيڻ جو خدشو به موجود آهي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here