پشاور (اظهار يوسفزئيءَ وٽان) نوجوان ووٽرن جي حمايت سان اقتدار حاصل ڪندڙ پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جي عزم سان قائم ڪيل يوٿ سينٽر قائم ٿيڻ جي هڪ سال بعد ئي فنڊن جي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن.

:Photo by News Lens Pakistan/
:Photo by News Lens Pakistan/

خيبرپختونخواه صوبي جي 7 ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ 2014 دوران ڊسٽرڪٽ يوٿ سينٽر قائم ڪيا ويا هئا. خيبرپختونخواه صوبي جي موجوده حڪمران پارٽيءَ تحريڪ انصاف پاران نوجوانن ۾ نئين حوصلي جي آبياري ڪرڻ خاطر انهن سينٽرن کي قائم ڪرڻ جو واعدو پارٽيءَ جي انهيءَ منشور ۾ ڪيو ويو جنهن تحت 2013 جي عام چونڊن لاءِ هلايل مهم کي ترتيب ڏنو ويو.

2015 جي شروعات ٿي ته صوبائي حڪومت انهن سينٽرن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو. پشاور يوٿ سينٽر جي صلاحڪاري بورڊ جي ميمبر سميرا شمس نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته مارچ 2015 ۾ وڌيڪ سرگرميون ڪرڻ خاطر جڏهن هنن پروگرامن جا تفصيل جمع ڪرايا ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران ٻڌايو ويو ته يوٿ سينٽرن لاءِ جيترا فنڊ رکيا ويا هئا اهي استعمال ٿي چڪا آهن.

بجيٽ جي هڪ دستاويز موجب مالي سال 2016-17جي سالياني بجيٽ ۾ يوٿ سينٽرن لاءِ نوان فنڊ رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي پر اهي فنڊ اڳواٽ قائم سينٽرن ۾ سرگرميون ڪرڻ لاءِ نه پر نوان سينٽر اڏڻ خاطر رکيا ويا آهن. انهيءَ جي نتيجي ۾ اهي سينٽر جن کي فنڊن جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي انهن پاران پنهنجون سموريون سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن.

پي ٽي آءِ پاران خيبرپختونخواه ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ کان ستت پوءِ، نئين صوبائي حڪومت پاران مالي سال 2013-14 لاءِ جيڪا پهرين بجيٽ تيار ڪئي وئي ان ۾ 7 يوٿ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ 70 ملين روپيا رکيا ويا. انهيءَ حساب سان نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ جو موقعو ڏيڻ واري ارادي سان قائم ٿيندڙ هر هڪ سينٽر کيِ 10 ملين روپيا ڏنا ويا.

نيوز لينز پاڪستان پاران حاصل ڪيل مالي سال 2015-16 جي بجيٽ دستاويزن مطابق يوٿ سينٽرن لاءِ 50 ملين روپيا رکيا ويا. انهيءَ دستاويز ۾ اهو اشارو پڻ ڏنو ويو هيو ته خيبرپختونخواه صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 76 ”جوان سينٽر“ قائم ڪرڻ لاءِ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 950 ملين روپين جا واڌو فنڊ رکيا ويندا.

ان باوجود موجوده مالي سال 2016-17 جي بجيٽ دستاويزن مان پتو پئجي رهيو آهي ته نوان يوٿ سينٽرن قائم ڪرڻ لاءَ رقم رکي وئي آهي. جڏهن ته انهن سينٽرن ۾ سرگرميون جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ڪي واضح تفصيل موجود نه آهن.

فنڊن جي اڻهوند سبب انهن سينٽرن پاران نوجوانن جي ميلن، يوٿ فيسٽيولز، راندين جي مقابلن، بيمارين جي پکڙجڻ بابت ڄاڻ واري مهم، انٽرميڊيئيٽ ۽ ميٽرڪ جي شاگردن لاءِ فري ڪوچنگ ڪلاسن کان علاوه جيڪي ٻيون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون هيون اهي هاڻي بند ٿي چڪيون آهن. يوٿ سينٽرن پاران اهي سرگرميون مختلف کاتن جي ضلعي آفيسن کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ راندين واري کاتي جي سهڪار سان منعقد ڪيون وينديون هيون.

سميرا شمس جو چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جي ڪري صوبي جي نوجوانن جو بهتر تشخص ڌنڌلائجي ويو هيو ۽ اميد جي عزم کي برقرار رکڻ لاءِ اهڙي نوعيت جون صحتمند سرگرميون انتهائي ضروري آهن.

هن جو چوڻ هو ته، نامناسب سرگرمين ۾ نوجوانن جي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ واري عمل کي روڪڻ خاطر نوجوانن لاءِ مثبت سرگرمين جو هجڻ هڪ انتهائي اهم جُز آهي ته جيئن دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل حرڪتن ۾ سندن شموليت کي روڪي سگھجي. صحتمند سرگرميون ان ڪري به اهميت واريون هونديون آهن ته انهن جي مدد سان نوجوانن جي قابليتن کي نِکاري سگھبو آهي. صرف پشاور شهر جي يوٿ سينٽر وسيلي شهر جي 15 کان 29 سالن جي ڄمار وارن 500 نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ مصروف رکيو ويندو هيو.

پاڪستان جي ڪل آباديءَ ۾ 15 کان 29 سالن جي نوجوانن جو تناسب 32 سيڪڙو آهي (عالمي بينڪ پاران 2013 ۾ لڳايل اندازي مطابق انهن جو تعداد 182 ملين آهي)، انهن مان 15.6 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ باقي ڇوڪرا آهن. اهي انگ اکر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاپوليشن اسٽڊيز پاران 2013 ۾ جاري ڪيا ويا. ملڪي آباديءَ ۾ نوجوانن جي ايتري وڏي تعداد کي نظر ۾ رکندي سياسي پارٽيون نوجوانن سان لاڳاپيل معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳيون آهن ۽ خاص ڪري اليڪشن وارن ڏينهن ۾ سندن مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جهڙيءَ ريت 2013 وارين عام چونڊن وقت ٿيو.

خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جي سڌسماءَ بابت صلاحڪار مشتاق غنيءَ جو چوڻ هو ته، سٺي يوٿ پاليسي نه هجڻ ڪري يوٿ سينٽرن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ وارو عمل گذريل ٻن سالن کان روڪيو ويو آهي. صوبائي حڪومت پاران يوٿ پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن وچيڪ چيو ته جڏهن هو هڪ يوٿ پاليسي جوڙي وٺندا ته پوءِ يوٿ سينٽرن کي پنهنجون سرگرميون بحال ڪرڻ خاطر مالي وسيلا مهيا ڪرڻ وارو عمل به بحال ٿي ويندو.

هن اهو پڻ چيو ته، يوٿ پاليسيءَ وسيلي اها چٽي نشاندهي به ٿي سگھندي ته کين نوجوانن جي ڪهڙي آباديءَ تي ڌياڻ ڏيڻو آهي. ان تحت اهو طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي ته کين يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان وڌيڪ ڌياڻ ڏيڻ گھرجي يا انهن نوجوانن تي توجهه وڌيڪ ڏنو وڃي جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ کان لاچار آهن يا وري ڪاليج جي شاگردن کي اوليت ڏيڻ گھرجي.

”موٽيويٽيڊ يوٿ آرگنائيزيشن“ جي سربراهه محمد رفيق جو چوڻ هو ته، يوٿ سينٽرن جي سمورين سرگرمين جو دارومدار حڪومت پاران ملندڙ فنڊن تي آهي ۽ فنڊن جي کوٽ سبب سرگرميون بند پيل آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خيبرپختونخواه صوبي ۾ نوجوانن جي ترقيءَ بابت سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ گھرجي.
محمد رفيق اهو پڻ چيو ته يوٿ سينٽر نوجوانن لاءِ اهڙيون نرسريون به ثابت ٿي سگھن ٿا جتان هو صوبي جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگھن ٿا. صوبي جي نوجوانن کي، خاص ڪري اهي جيڪي شهرن جي ڀروارن علائقن سان واسطو رکن ٿا انهن کي سينٽرن وسيلي هنري ۽ فني سکيا مهيا ڪري کين ڪارائتو شهري بڻائي سگھجي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here