لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) جيتوڻيڪ عورت اڳواڻن پاران پنهنجي پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت سان تحريري توڙي زباني سطح تي ٿيل رابطن دوران واضح ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد جلسي ۾ ٿيل بدسلوڪيءَ واري واقعي ۾
PTI-1PTI-2PTI-3سندن پارٽيءَ جا نوجوان ئي ملوث آهن، پر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ حڪومت ان باوجود اڃان تائين انهن ماڻهن جي سڃاڻپ بابت مونجهاري جو شڪار آهن، جن پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن سان اسلام آباد، لاهور ۽ بنونءَ ۾ ٿيل عوامي جلسن دوران هلڙبازي ڪندي جسماني ڇيڙ ڇاڙ ڪئي.
اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ ۾ 24 اپريل 2016 تي ٿيل جلسي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامي عورتن کي، عوامي اجتماع جي موقعي تي، هن مهل تائين جي سڀ کان بدترين جسماني ڇيڙ ڇاڙ جو نشانو بنايو ويو آهي. اهڙي قسم جو هڪ ٻيو واقعو، جنهن ۾ بدسلوڪيءَ جي شدت ڪجهه گھٽ هئي، لاهور ۾ چيئرنگ ڪراس وٽ پهرئين مئي 2016 تي ٿيل جلسي دوران پيش آيو. عورتن کي حراسان ڪرڻ واري عمل جو ورجاءُ بنون شهر ۾ ٿيل جلسي دوران پڻ ڏسڻ ۾ آيو. لاهور واري جلسي کان علاوه، جتي پي ٽي آءِ پاران عورتن کي حراسان ڪرڻ جو الزام مسلم ليگ (ن) مٿان لڳايو ويو، باقي جلسن دوران عورتن سان ٿيل بدسلوڪيءَ بابت ان حقيقت کي تسليم ڪيو ويو آهي ته، ان عمل ۾ پارٽيءَ سان لاڳاپيل مرد ڪارڪن ئي ملوث هئا.
نالو ڳُجهه ۾ رکڻ جي شرط تي، پي ٽي آءِ جي ميڊيا ونگ سان لاڳاپيل هڪ سينئر اڳواڻ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”اسلام آباد واري جلسي دوران عورتن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ميڊيا پاران ان جي هڪ رخ متعلق ڪي به تفصيل ناهن ڏنا ويا. روايتي طور تي عورتن جي ويهڻ لاءِ اسٽيج جي ڀرسان جڳهه رکي ويندي آهي، پر هن ڀيري عورتن جي ويهڻ جو انتظام پڇاڙيءَ واري حصي ۾ ڪيو ويو جتي ايف نائين پارڪ جي آخر ۾ حفاظتي جنگلا پڻ لڳل هئا“.
ان عورت اڳواڻ اهو پڻ ٻڌايو ته ”جڏهن عورت ڪارڪنن جا چولا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا ويا ته اهڙي صورتحال ۾ هٿ لڳائڻ، ڀاڪر پائڻ يا چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ ته معمولي ڏوهه لڳن ٿا. بدسلوڪيءَ جو شڪار ٿيل ڪيترين عورتن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان سڄي معاملي جو سڀ کان بدترين حصو اهو هيو ته اسٽيج تي ويٺل ان لقاءَ کي ڏسي پئي سگھيا، پر ڪنهن هڪ به ڪوئي تحرڪ نه ورتو. بدسلوڪيءَ متعلق شڪايتون انهن تائين پهتيون جن جي هٿن ۾ جلسي جي انتظامن جون واڳون ڏنل هيون پر اهي ڄڻ ته ٻوڙا هئا ۽ سڀ شڪايتون بيڪار ثابت ٿيون“.
جلسي جا انتظام ڪرڻ جي ذميواري اسلام آباد مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي ايم اين اي اسد عمر مٿان رکيل هئي. پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ”اهڙي واقعي بعد پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جلسن جي انتطامن لاءِ ذميوار قرار ڏنل انصاف ٽائيگر فورس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان سڄي خرابيءَ جا اهم ذميوار توصيف احمد ۽ زبير نيازي آهن، جن جي اکين سامهون بيهودگيءَ جو اهو بدترين واقعو پيش آيو پر پوءِ به انهن کي بخشيو ويو آهي. توصيف احمد، اسد عمر جو ساڄو هٿ سمجهيو ويندو آهي ۽ هن کي پارٽيءَ جو ڪو به عهدو مليل نه آهي. زبير نيازي پي ٽي آءِ جي نوجوانن واري ذيلي تنظيم جو پنجاب صوبي لاءِ صدر رهي چڪو آهي“.
پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ واضح لفظن ۾ چيو ته ”اسلام آباد واري جلسي ۾ جيڪي به ڇوڪرا هئا اهي سڀ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل هئا، ڪو به ڌاريو اتي موجود نه هيو. اهي سڀ اسانجا پنهنجا ماڻهو هئا جن عورتن سان بدسلوڪي ڪئي. جڏهن ته مان مڪمل يقين سان اهو چوان ٿي ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو مسلم ليگ (ن) جي حرفتن جو نتيجو آهي“. نيوز لينز پاڪستان پاران انهيءَ معاملي بابت اسد عمر سان رابطو ڪيو ويو ته جيئن هن جو موقف ڄاڻي سگھجي. هن زبير نيازيءَ کي ته سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪيو. جڏهن ته توصيف احمد لاءِ چيائين ته اسلام آباد واري جلسي جي انتظامن سان هن جو ڪوئي لاڳاپو نه هيو.
اسد عمر تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ”لاهور مان چونڊيل ايم پي اي شعيب صديقي جلسي جي بنيادي ڍانچي کي ترتيب ڏيڻ بابت ذميوار مقرر ڪيو ويو هيو ان سان گڏ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اسلام آباد مان چونڊيل يو سي چيئرمين علي اعواڻ مٿان سيڪيورٽي ۽ هر قسم جي سامان پهچائڻ جون ذميواريون رکيون ويون هيون“.
اسد عمر پاران ان ڳالهه جي ترديد ڪئي وئي ته ڪو عورتن جي ويهڻ جو انتظام جلسي جي پوئين حصي ۾ ڪيو ويو هيو. هن چيو ته ”حقيقت اها آهي ته عورتون اسٽيج جي صفا ويجهو ويٺل هيون“. اسد عمر پاران ان حقيقت کي تسليم ڪيو ويو ته ڇوڪرا عورتن کي ڌڪيندا رهيا پئي، ايتري تائين جو انهن اسٽيج تائين پهچڻ خاطر ڪنڊيدار تارن کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
اسد عمر موجب ته، انهن واقعن جي جاچ خاطر جيڪا انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي، ان پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيئن ئي ذميوارن جي سڃاڻپ ٿيندي ته پارٽي انهن خلاف قانوني قدم کڻندي، پر هن واضح ڪندي اهو پڻ چيو ته، حقيقيت ۾ اها ذميواري حڪومت جي آهي ته جوابدارن کي پڪڙ ۾ آڻي سندن خلاف ڪارروائي ڪري.
عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ليکڪن پاران عوامي اجتماعن جي موقعي تي عورتن سان ٿيندڙ ڇيڙڇاڙ وارن واقعن کي ”ننڍي زنا“ قرار ڏنو ويو آهي.
سياسي معاملن جي ماهر سعيد شفقت جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سياسي رواجن تحت، سياسي جلسن ۾ عورتن جي شرڪت ڪو نئون رجحان نه آهي، پر جلسن ۾ عام طور تي جيڪي عورتون شرڪت ڪنديون آهن، اهي پارٽين جي مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل هونديون آهن. پارٽين طرفان اهڙين عورتن ۽ سندن مرد ساٿين کي ڪجهه جلسن جي مخصوص ماحول ۾ پاڻ بچائڻ بابت اڳواٽ تربيت ڏني ويندي آهي. اهي عورتون مردن سان گڏجي ڊانس به ڪنديون آهن پر پوءِ به پاڻ کي محفوظ تصور ڪنديون آهن“.
سعيد شفقت ٻڌايو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ سان لاڳاپيل عورتون انتهائي بهادر آهن، ڇيڙڇاڙ ٿيڻ جي صورت ۾ اهي ٿڏي تي ئي مردن کي قابو ڪري وٺنديون آهن. اهو سڀ ان تربيت جو نتيجو آهي جيڪا مردن توڙي عورت ڪارڪنن کي برابريءَ جي صورت ۾ ڏني ويندي آهي“.
هن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”پي ٽي آءِ جي مقبوليت مٿئين وچولي طبقي جي بغاوت جو نتيجو آهي. ان بغاوت ۾ اهڙي قسم جي تربيت شامل ٿيل نه آهي، جيڪا ڪارڪنن جي رويي، خوداعتمادي ۽ اخلاقي قدرن کي سڌارڻ يا ٺاهڻ لاءِ گھربل هوندي آهي. پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ عورتن کي پارٽيءَ جي حمايت خاطر گھر کان ڪهي ايندڙ ڪارڪن بجاءِ شڪار تصور ڪيو ويندو آهي“.
انهن طريقن ۽ قانونن، جن جي مدد سان مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگھجي ٿو، متعلق نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سماجي ڪارڪن ۽ لوڪ ورثه جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فوزيه سعيد چيو ته ”عوامي هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف ٻه قانون موجود آهن. پروٽيڪشن اگينسٽ حراسمينٽ آف وومين ايٽ ورڪ پليس ايڪٽ 2010 جنهن تحت انهن معاملن کي اڪلائي سگھجي ٿو جيڪي نوڪريءَ واري هنڌ تي عورت کي حراسان ڪرڻ بابت هجن. جڏهن ته پاڪستان پينل ڪوڊجي شق 509 تحت اهڙن معاملن بابت قدم کڻي سگھجن ٿا جيڪي عوامي هنڌ تي عورتن کي حراسان ڪرڻ متعلق هوندا آهن، انهن عوامي هنڌن ۾ مارڪيٽ، عوامي ٽرانسپورٽ، گھٽيون ۽ پارڪ شامل آهن.
پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق 509 ۾ چيل آهي ته ”ڪو به شخص جيڪو ڪنهن عورت جي حرمت جي توهين ڪرڻ واري ارادي سان، ڪوئي لفظ ادا ڪري، ڪوئي آواز ڪڍي يا اشارو ڪري، يا ڪا نيت رکندو هجي، ڪا شئي ڏيکاري، اهڙي ارادي سان ڪوئي لفظ چوي يا آواز ڪڍي جيڪو ٻڌڻ ۾ اچي، يا اهڙي قسم جو اشارو يا ڪا شئي ڏسڻ ۾ اچي، يا ڪنهن عورت جي ذاتي معاملي ۾ سندس خواهش جي ابتڙ ڪو به دخل ڏئي“.
ڊاڪٽر فوزيه چيو ته ”سياسي جلسي ۾ اهڙي ڪنهن حرڪت جو شڪار ٿيندڙ عورت پي پي سي 509 تحت جوابدار کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگھي ٿي“. ڊاڪٽر فوزيه افسوس جو اظهار ڪندي اهو پڻ چيو ته، پاڪستان جون سياسي پارٽيون پنهنجي آفيسن اندر ڪم ڪار وارن هنڌن تي عورتن کي حراسان ٿيڻ کان بچائڻ واري قانون کي لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به دلچسپي ظاهر نه ٿيون ڪن. ڊاڪٽر فوزيه سعيد اهڙي رويي جي مذمت ڪندي چيو ته، ان قانون متعلق جيستائين سنجيدگي نه ڏيکاري ويندي ۽ ڪا به سياسي پارٽي جيستائين پاڻ پي پي سي جي شق 509 تي عمل نه ڪندي تيستائين ڪو ٻيو به ان تي عمل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاريندو.
هن اها دعويٰ ڪندي چيو ته، اهو ڪو پهريون واقعو ناهي جيڪو پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ٿيو ته عورتن سان ڇيڙڇاڙ ۽ بدسلوڪي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي ڌرڻي وارن ڏينهن دوران اسان اڪثر ڪري اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌندا رهياسين. ڊاڪٽر فوزيه سعيد جو چوڻ هو ته ”اڃان تائين ان واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهوءَ کي ظاهر ناهي ڪيو ويو. اهو انتهائي ضروري آهي ته پي ٽي آءِ ذميوارن جي گرفتاريءَ ۾ مدد فراهم ڪري. جيستائين پارٽيءَ ۾ اندروني سطح تي جاچ واري ڪاميٽي جوڙڻ جو معاملو آهي، ته اهو معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جو اهو انتهائي سولو طريقو آهي.
لاهور واري پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عورتن سان ٿيل بدسلوڪيءَ جو الزام مسلم ليگ (ن) مٿان لڳڻ واري معاملي بابت نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر عظميٰ بخاريءَ چيو ته هي اهو وقت آهي ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي وجود بابت خوداحتسابيءَ وارو عمل لاڳو ڪرڻ گھرجي. پي ٽِي آءِ جا ڪارڪن عورتن سان بدسلوڪيءَ جا عادي آهن. لاهور ۾ عورتن سان ٿيل ڇيڙڇاڙ سان اسان جو ڪوئي تعلق نه آهي. عمران خان ۽ سندس ساٿين کي گھرجي ته اسانجي پارٽيءَ مٿان آڱر کڻڻ بجاءِ هو پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت ڪن“.
پنجاب حڪومت پاران انهيءَ واقعي جي جاچ شروع ڪرائي وئي آهي ۽ سب انسپيڪٽر بشريٰ پاران اهڙي واقعي جي فريادي بڻجي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي.
لاهور ۾ واقع فورمين ڪرسچن ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ شهري ترقيءَ جي ماهر ڊاڪٽر امداد حسين جو چوڻ هو ته معاشري اندر مرد اخلاقي بيچينيءَ جو شڪار ٿيل آهن. هن هڪ نقطو واضح ڪندي چيو ته .جڏهن کان عورت، مرد جي محڪوميت وارو روايتي رويو ڇڏي وڌيڪ آزاديءَ وارو مقام حاصل ڪيو آهي ته مرد کي عوامي جڳهن تي پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here