لاهور: ملڪ مان ويڙهه، انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ هلندڙ ”دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه“ وارين ڪارراوئين جي حوالي سان پاڪستان ۾ فارينسڪ سائنس وارين ثابتين جي اهميت ڏينهون ڏينهن نمايان ٿي رهي آهي.

سموري ملڪ اندر مسلسل دهشتگرد ۽ آپگهاتي حملا ٿيڻ فارينسڪ سائنس جي ماهرن لاءِ ڏوهه ٿيڻ واري هنڌ وٽان ملندڙ ثابيتن (جسماني عضون، بارودي مواد جي ٽڪرن ۽ ٻين سڃاڻپ وارن رخن) وسيلي ٿوري وقت اندر ئي مددگار ثابت ٿيندڙ نتيجن تي پهچڻ ڏکيو امتحان بڻيل آهي. اهڙين ثابتين کي مناسب انداز سان ڪٺو ڪرڻ ۽ درست فارينسڪ تجزئي جي مدد سان ئي دهشتگردن خلاف گھيرو تنگ ڪري سگھجي ٿو ۽ سندن لڪڻ وارن هنڌن توڙي سندن سهولتڪارن جي نشاندهي ڪري انهن آڌار عدالتن وسيلي کين سزا ڏياري سگھجي ٿي.

انهيءَ مقصد تحت پنجاب حڪومت پاران سال 2009 کان 2011 دوران 2.5 ارب روپين جي لاڳت سان ساڍا 6  ايڪڙ ايراضيءَ تي جديد ساز ۽ سامان واري پنجاب فارينسڪ سائنس ليبارٽري (پي ايف ايس ايل) قائم ڪئي وئي. ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود هڪ دستاويز مان پتو پئجي رهيو آهي ته، انهيءَ ليبارٽريءَ کي قائم ڪرڻ جو مکيه مقصد ڏوهارين خلاف ٿيندڙ جاچ، ڏوهه بابت ڪيسن ۾ ثابتين کي ترتيب ۾ آڻڻ ۽ ٻين ليبارٽرين کي فارينسڪ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڏوهن بابت ٿيندڙ جاچ ۾ مدد ڏيڻ خاطر تريبت فراهم ڪرڻ هيو ته جيئن عدالتي انصاف جي نظام کي موثر بڻائي سگھجي.

ڄاڻايل ليبارٽريءَ ۾ پهريون ڀيرو آڊيو وزيوئل تجزئي، ڪمپيوٽر فارينسڪ، ڪرائيم سِين اينڊ ڊيٿ سِين انويسٽيگيشن، ڊي اين اي ۽ سيرولاجي، فارينسڪ ڦوٽو گرافي، نارڪوٽيڪس، ٽاڪسيڪولاجي، ٽريس ڪيمسٽري، پولي گراف، فائر آرم (خودڪار هٿيار) اينڊ ٽول مارڪس، فنگر پرنٽس، پيٿالاجي ۽ ڪُئسچنڊ ڊاڪيومينٽس تي مشتمل 13 فارينسڪ شعبن کي هڪ ڇت هيٺ متعارف ڪرايو ويو.

ليبارٽريءَ بابت ويب سائيٽ تي ڏنل تفصيلن مطابق اهي شعبا انهيءَ ارادي تحت قائم ڪيا ويا ته ”جنهن هنڌ تي ڏوهه ٿئي ٿو اتان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن معرفت ثابتيون ڪٺيون ڪري ڪرمنل ۽ سِول ڪيسن جي اُڪلاءَ خاطر واردات جو تجزيو ڪندي مختصر وقت دوران فارينسڪ چڪاس جي بنياد تي ٺوس نتيجا مهيا ڪري سگھجن ۽ انهن نتيجن آڌار پنجاب صوبي جي ماڻهن جي مدد خاطر اهي نتيجا عدالتن ۾ ٿيندڙ ڪارروائيءَ دوران پيش ڪيا وڃن“.

انهيءَ ليبارٽريءَ واري منصوبي جي نگهباني ڪرڻ خاطر پنجاب حڪومت پاران ابتدا ۾ ڊي اين اي ۽ سيرولاجيءَ جي هڪ ماهر ڊاڪٽر محمد اشرف طاهر کي فارينسڪ ڪنسلٽنٽ طور 750 ڊالر (لڳ ڀڳ 78 هزار روپيا) روزانو واري معاوضي تحت مقرر ڪيو ويو. بعد ۾، 2011 دوران کيس ماهورا 12 لک روپيا پيڪيج تحت ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) طور مقرر ڪيو ويو.

ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود هڪ ٻئي دستاويز مان پتو پيو آهي ته، ليبارٽريءَ کي جديد طريقن ۽ رواجن موجب هلائڻ لاءِ سندس سڳي ڀاءٌ ڊاڪٽر محمد سرور جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون. ڊاڪٽر محمد اشرف طاهر جي هڪ ٻئي ويجهي مائٽ ڊاڪٽر محمد امجد کي ليبارٽريءَ جي اعليٰ عملدارن جي مدد ڪرڻ خاطر ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. پي ايس ايس ايل جي ٽن اعليٰ عهدن تي انهيءَ انداز سان مقرريون ڪري هڪ خاندان جي هڪ هٽي قائم ڪئي وئي.

بجيٽ دستاويزن مان پتو پيو آهي ته، درست، اعتبار لائق ۽ مستند فارينسڪ رپورٽن آڌار عدالتي انصاف واري نظام جي مدد لاءِ ليبارٽريءَ کي متحرڪ رکڻ خاطر حڪومت پاران مجموعي طور تي 5 سو ملازم، جن ۾ 317 آفيسر (ڊائريڪٽرز، فارينسڪ سائنسدان) به شامل آهن، ڀرتي ڪيا ويا. هلندڙ مالي سال 2016-17 دوران ليبارٽريءَ جي خرچن جي پورائي لاءِ 78 ڪروڙ 06 لک روپين جي بجيٽ مقرر ڪئي وئي.

باوجود ان جي، هاڻي اهڙيون رپورٽون به منظر عام تي اچڻ لڳيون آهن ته ڪيترن ئي شعبن متعلق پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ پاران مبينا طور تي اهڙيون ڪوڙيون ۽ جعلي رپورٽون جاري ڪيون ويون جن جي ڪري ڏوهارين خلاف داخل ٿيل ڪيسن جي اهليت متاثر ٿي. ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود هڪ رپورٽ مطابق، ڳڻتيءَ جوڳي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته پوليس پاران ضبط ڪيل منشيات جي ڪيسن ۾ ڄاڻايل منشيات جا جعلي يا ملاوٽ وارا نمونا ليبارٽريءَ ۾ چڪاس ڪرائڻ لاءِ جمع ڪرايا وڃن ٿا ۽ ليبارٽريءَ جي انتظاميا اهڙا نمونا بغير ڪنهن اعتراض جي قبول ڪري وٺي ٿي جن جي مدد سان منشيات جي اسمگلنگ توڙي وڪرو ڪرڻ وارن جوابدارن کي مدد حاصل ٿي پوي ٿي.

حد ته اها ٿي وئي آهي جو پوليس جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪاميٽيءَ پاران ڪجهه وڏي اهميت وارن ڏوهي ڪيسن ۾ به ليبارٽريءَ پاران جعلي ۽ هٿ ٺوڪيون رپورٽون جاري ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ساڳي ڪاميٽيءَ پاران وڌيڪ 65 ڪيسن ۾ پوليس پاران ليبارٽريءَ ۾ جمع ڪرايل جعلي ۽ هٿ ٺوڪين منشيات جي نمونن کي ضبط ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، جيتوڻيڪ انهيءَ فعل ۾ ملوث ليبارٽريءَ جي اهلڪارن ۽ نجي ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي پر جعلي ۽ هٿ ٺوڪيون رپورٽون جاري ڪري ڏوهارين خلاف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن تي اهڙيءَ ريت اثر انداز ٿيڻ واري رجحان سبب ڳڻتيءَ واري شديد لهر ڦهلجي وئي آهي.

آمريڪن سوسائٽي فار ڪرائيم ليبارٽري ڊائريڪٽرز ليبارٽري ايڪريڊٽيشن بورڊ (ASCLD-LAB International) جي ISO 17025:2005 جي عالمي معيار وارن ضابطن تحت پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ جي انتظاميا پابند آهي ته رابطي ۾ ايندڙ صارفين جي مفاد خاطر معيار کي هر صورت ۾ برقرار رکي.

ليبارٽريءَ سان لاڳاپيل فارينسڪ شعبي جي هڪ عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ”جيئن ته پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ کي عالمي سطح جي مڃتا وارن اصولن تحت چڪاس ۽ رپورٽون جاري ڪرڻ وارو ڪم ڪرڻو آهي پر حقيقت اها آهي ته ليبارٽريءَ جون اڪثر رپورٽون اسڪريننگ واري طريقي آڌار اندازا لڳائي تيار ڪيون وڃن ٿيون. مناسب چڪاس آڌار جڙندڙ ٺوس رپورٽن جو تعداد تمام گھٽ هوندو آهي.

مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي گھٽ ڄاڻ هجڻ جي ڪري ابتدائي تجزئي وارين رپورٽن کي حتمي رپورٽ ڄاڻائي سندن حوالي ڪيو ويندو آهي، انهيءَ طريقي سان عدالتي انصاف واري نظام جي مدد ڪرڻ بجاءِ ان سان ٺڳي ڪئي پئي وڃي“. ساڳئي عملدار جو چوڻ هو ته، پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ ۾ ثابتين جي چڪاس لاءِ جيڪي طريقا عمل هيٺ آندا وڃن ٿا اهي شارٽ ڪٽ يا گھڻي محنت کان بچڻ وارا هوندا آهن. اهو سمورو عمل بغير ڪنهن نگرانيءَ جي ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن به ٽين ڌر کي ان جي نگراني ڪرڻ جو اختيار حاصل نه آهي.

ڪيسن سان جڙيل ثابتين جي وقت سِر چڪاس نه ٿيڻ جو مسئلو به موجود آهي. ان سلسلي ۾ هٿ آيل انگن اکرن مطابق، ليبارٽريءَ جي 13 شعبن ۾ لڳ ڀڳ 6400 ڪيس رولڙي ۾ پيل آهن. انهن ڪيسن سان لاڳاپيل 739 خودڪار هٿيار ۽ اوزران جا نمونا، ڊي اين اي ۽ سيرولاجيءَ جا 5540، منشيات جا 70 ۽ ٽريس ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل 50 نمونا ليبارٽريءَ ۾ التويٰ هيٺ پيل آهن. هڪ دستاويز مان معلوم ٿيو آهي ته ليبارٽريءَ پاران 16 سو ڪيس ثابتين جي وڌيڪ کوجنا نه ٿي سگھڻ ۽ مبينا طور تي ثابتين وارن نمونن ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿيڻ جي ڪري بنان نتيجي بند ڪيا ويا آهن.

اختيارين کي گھرجي ته پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ مان ثابتين جي چڪاس تي ايندڙ لاڳت جي حساب سان ان جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ تي به ڌيان ڏنو وڃي. جڏهن ته پوليس مٿان اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ڏوهه ٿيڻ بعد تڪڙو رد عمل ڪندي واردات واري هنڌ کي محفوظ رکڻ تي وڌيڪ وسيلا خرچ ڪن ۽ ثابتين جي اهميت برقرار رکڻ واري نڪتي تي ڌيان ڏين. پوليس اهلڪارن خاص ڪري جاچ ڪرڻ وارن آفيسرن جي قابليت ۾ اضافو ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن.

پوليس جي جاچ وارن اهلڪارن کي ثابتيون ڪٺيون ڪرڻ لاءِ جديد سامان ۽ اوزار توڙي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اهي واردات واري هنڌ وکريل ثابتين کي ڪٺي ڪرڻ وقت انهن جي زيان کي روڪي سگھن. جاچ واري عمل جي نگراني ڪندڙ آفيسرن کي ان ڳالهه جو ڌيان رکڻ گھرجي ته ٺوس مواد ئي فارينسڪ جاچ خاطر اماڻيو ويو آهي اهڙي طريقي سان ئي غيرضروري دير ۽ خرچن کان بچي سگھجي ٿو.

پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ جي عملدار جي راءِ آهي ته، فارينسڪ سائنسدانن جي قابليت متعلق سندن ڪم جي اصولن ۽ معيار جي ضابطن کي لاڳو ڪندي گھٽ کان گھٽ معيار بابت اصول طئي ڪري انهن اصولن آڌار ئي ثابتين جي چڪاس توڙي رپورٽون جاري ڪرڻ وارو ڪم اڪلايو وڃي. جڏهن ته بچاءَ وارن وڪيلن ۽ عدالتي آفيسرن کي گھرجي ته اهي فارينسڪ رپورٽن جي معيار کي پرکڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪن اهڙي ڄاڻ آڌار اهي فارينسڪ رپورٽن جو تقابلي جائزو وٺي سگھندا ۽ جعلي رپورٽن توڙي رپورٽن ۾ موجود خامين جي نشاندهي به ٿي سگھندي.

ڄاڻ جي عدم موجودگيءَ سبب فارينسڪ رپورٽن ۾ موجود غلطين جي في الحال ڪير به نشاندهي نه پيو ڪري. حڪومت کي گھرجي ته جعلي ۽ هٿ ٺوڪين رپورٽن کي روڪڻ خاطر نگرانيءَ جو موثر نظام قائم ڪري ته جيئن اهڙي نظام جي مدد سان غلط ڪاريون ڪندڙ ليبارٽريءَ جي عملي خلاف سخت قانوني قدم به کڻي سگھجن.

پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي پوليس طارق سليم ڊوگر جو چوڻ هو ته ”حڪومت کي گھرجي ته اهڙيون ليبارٽريون ڊويزنل سطح تي به قائم ڪيون وڃن ڇو ته ڪجهه ڪيسن ۾ ڏوهي واردات ڏورانهن علائقن ۾ ٿيڻ سبب واقعي جون شاهديون ڪٺيون ڪرڻ، انهن کي ليبارٽري تائين پهچائڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ گھڻو وقت ۽ وسيلا ضايع ٿي وڃن ٿا. هن انهيءَ ضرورت تي به زور ڀريو آهي ته حڪومت کي گھرجي ته پوليس اهلڪارن کي موثر انداز سان شاهديون ڪٺي ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ کان علاوه عوام ۾ به اها جاڳرتا ڦهلائڻ گھرجي ته اهي ڏوهي واقعي کانپوءِ ثابتيون ڪيئن محفوظ رکي سگھن ٿا.

موجوده وقتن ۾ فارينسڪ ليبارٽريءَ جو پوليس کاتي سان لڳ لاڳاپو ڪمزور آهي جنهن جي ڪري جاچ دوران حقيقتن کي سامهون آڻڻ ۾ رخنو پوي ٿو“. طارق سليم ڊوگر اهو پڻ چيو آهي ته، ڏوهه جي واقعن کي موثر ثابتين جي بنياد تي روڪڻ جي سلسلي ۾ پوليس سان گڏ عدالتي آفيسرن جي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ جي به ضرورت آهي.

پاڪستان ۾ فارينسڪ سائنس جي شعبي ”اوڊونٽالاجيءَ“ جي اڪيلي سائنسدان ڊاڪٽر همايون تيمور بيگ جو چوڻ آهي ته ”ڏوهارين کي سزائون ڏيندڙ انصاف جي سرشتي ۾ فارينسڪ سائنس اڄڪلهه انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ جوابدار کي ڏوهي قرار ڏيڻ لاءِ ثابتين جو اهم ڪردار هوندو آهي. ثابتيون مختلف طريقن سان هٿ ڪري سگھجن ٿيون اهي جينيٽڪ، ڪيميائي، ڏندن جي مواد توڙي آڱرين جي نشانن وسيلي به هٿ اچي سگھن ٿيون. ثابتيون، جاچ دوران گھڻن رخن کان مددگار ثابت ٿي سگھن ٿيون. پاڪستان اندر پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ وسيلي ثابتين جي جديد انداز سان کوجنا ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي پر ليبارٽريءَ جي صلاحيت کي بهتر ڪرڻ ڏانهن گھٽ ڌيان هجڻ ۽ ان جي بانيڪارن طرفان بيقاعدگين وارو رجحان سبب اها ليبارٽري جنهن مقصد لاءِ قائم ڪئي وئي اهو پورو ناهي ٿي رهيو“.

ڊاڪٽر همايون تيمور پنجاب فارينسڪ سائنس ليبارٽريءَ جي اختيار ڌڻين کي ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته فارينسڪ سائنس ايجنسي بنيادي طور تي هڪ ليبارٽريءَ جي طرز تي قائم ڪئي وئي آهي پر ليبارٽريءَ لاءِ سيڪيورٽيءَ جا اهڙا طريقا لاڳو ڪيا ويا آهن ڄڻ ته اها آمريڪا جي دفاع واري وزارت پينٽاگون هجي. هن نشاندهي ڪندي ٻڌايو ته پي ايف ايس ايل جي ڊائريڪٽر جنرل وٽ ٻن ملڪن جي شهريت آهي اها ڳالهه حڪومت پاران لاڳو ڪيل قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

ڊاڪٽر همايون پي ايف ايسل اي جي ڊائريڪٽر کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هو فارينسڪ سائنس سان لاڳاپيل ٻين ماهرن کي ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ واري راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ڇو ته کيس خوف آهي ته جيڪڏهن ٻيا ماهر هتي آيا ته سندس غلط ڪارين جو پينڊورا باڪس کلي ويندو. ڊاڪٽر همايون تنقيد ڪندي چيو ته پي ايف ايس ايل جا اڪثر ملازم جن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، وٽن انهن عهدن تي ڪم ڪرڻ جي اهليت ئي موجود نه آهي جڏهن ته ليبارٽريءَ جي ڪيترن ئي ملازمن کي پرڏيهه مان اهڙي تربيت وٺڻ لاءِ اماڻيو پيو وڃي جنهن جي ڪا به مڃتا ناهي هوندي.

ڊاڪٽر همايون تيمور جي راءِ هئي ته ”اهڙو ڪو به طريقو موجود نه آهي جنهن تحت پنجاب فارينسڪ ليبارٽريءَ پاران جاري ٿيندڙ رپورٽن جي ٻيهر چڪاس ڪري سگھجي جنهن جي ڪري پاڪستان جي عدالتي نظام مٿان سواليه نشان لڳي وڃن ٿا ڇو ته ميڊيڪو ليگل ڪيسن بابت ٽن سطحن وارو جيڪو ڍانچو موجود آهي ان تحت ڊاڪٽرن جي رپورٽ کي ته فارينسڪ ماهر مختلف سطحن تي جاچي سگھندا آهن پر فارينسڪ ليبارٽريءَ جي رپورٽن ۾ ايئن نه پيو ٿئي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here