لاهور (دردانه نجم وٽان) پنجاب حڪومت پاران گهرو پورهيتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ وارين ڪوششن کي موجوده پورهئي بابت قانونن کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان حڪومتي سستيءَ کي شڪ جي نظرن سان ڏٺو پيو وڃي. واضح رهي ته اڻ تصديق ٿيل انگن اکرن موجب گهرو پورهيتن جو انگ اٽڪل 85 لک آهي.

پاڪستان ۾ ڪو به قانون سڌو سنئون گهرو پورهيتن سان لاڳاپيل ناهي پر سندن حقن بابت منيمم ويج ايڪٽ 1961 ۽ صوبائي ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي آرڊيننس 1965 ۾ ذڪر ٿيل آهي. منيمم ويجز ايڪٽ ۾ پورهيت جي وصف ۾ گهرو پورهيت جو ذڪر ٿيل آهي، جڏهن ته سوشل سيڪيورٽي آرڊيننس جي شق 55 اي ۾ چيل آهي ته پورهيت کي طبي سهولت فراهم ڪرڻ مالڪ جي ذميواري آهي.

واضح رهي ته گذريل پنج ڏهاڪن دوران وفاق توڙي صوبائي حڪومتن انهن قانونن تي عمل کي يقيني ناهي بڻايو. ليبر، 18هين آئيني ترميم 2010 کان اڳ وفاق جي ضابطي هيٺ هيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ڊسمبر 10، 2015 تي پنهنجي هڪ رولنگ ۾ پنجاب حڪومت کي حڪم ڪيو ته اها گهرو پورهيتن جي حوالي سان صوبي ۾ گهٽ ۾ گھٽ اجوري واري قانون 1961 تي عمل کي يقيني بنائي. اها رولنگ هڪ پورهيت صوبي خان پاران داخل ڪيل پٽيشن جي نتيجي ۾ سامهون آئي، اها پٽيشن مالڪن پاران گهرو پورهيتن کان غلامن وانگر ڪم ڪرائڻ خلاف داخل ڪئي وئي هئي. پنجاب حڪومت گهرو پورهيتن بابت پاليسي 2015 تي ڪم ڪري رهي آهي.

عوامي ورڪرز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق، نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران پورهيتن کي قانوني تحفظ نه ڏيڻ مان ئي ان جي نيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت لفظن جي حد تائين پورهيتن سان همدردي جون ڳالهيون ته ڪري ٿي پر سڀئي حڪومتون گهٽ ۾ گھٽ اجوري تي به عمل ناهن ڪرائي سگهيون.

فاروق طارق وڌيڪ چيو ته نجي شعبو گهٽ ۾ گهٽ اجوري واري قانون جي خلاف ورزي ڪندو رهيو آهي، ايتري قدر جو استادن کي پڻ صحيح پگهار نه پئي ملي ته اتي پورهيتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

ايشيا پئسيفڪ فورم آن وومين پاران 2013 ۾ ڪيل اسٽڊي موجب پنجاب ۾ 56 سيڪڙو گهرو پورهيتن کي ماهوار رڳو هڪ کان ٻه هزار روپيه ملن ٿا. اسٽڊي موجب گهرو پورهيو ڪندڙ اڪثر غريب گهراڻن جون عورتون هجن ٿيون، جن کي گهرو حالتون پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون.

لاهور جي اسڪيم موڙ واري علائقي ۾ گهر اندر ڪم ڪندڙ فرزانه بيگم ماهوار 4000 روپيه ڪمائي ٿي. فرزانه نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته کيس ان گهر ۾ ڪمرو به مليل آهي، ان ڪري مالڪن جي اميد هوندي آهي ته مان هر وقت سڏ ۾ سڏ ڏيان، جڏهن ته منهنجي 16 سالن جي ڌي پڻ ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي آهي.

هوڏانهن روما رشيد ٻن گهرن ۾ ٿانو ڌوئي مشڪل سان 4200 روپيه ڪمائي ٿي. هن چيو ته سندس والدين مري ويا آهن ۽ هوءَ ڪڏهن به اسڪول ناهي وئي، تنهنڪري وٽس گهرن ۾ ڪم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي.

واضح رهي ته ڪنهن به گهريلو عورت کي سندن بابت قانون سازيءَ جي خبر نه هئي.

آل پاڪستان وومينز ايسوسيئيشن (اپوا) جي چيف آپريٽنگ آفيسر در شهوار، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ان قانون کي پنجاب اسيمبليءَ مان پاس ٿيندي ٿيندي سال لڳي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته گهرو پورهيتن جي رجسٽريشن، تربيت ۽ نوڪريون پيدا ڪرڻ کانسواءِ کين مڃتا نه ملندي. هن ٻڌايو ته تربيت لاءِ جن به گهرو پورهيتن سان ڪم ڪيو آهي انهن مان 90 سيڪڙو وٽ شناختي ڪارڊ ئي نه هئا.

تربيت واري شعبي سان لاڳاپيل عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته شروع ۾ هڪ پورهيت عورت جي تربيت تي 24 هزار خرچ ڪيا ويا جيڪي بعد ۾ گهٽجي 13 هزار تي اچي ويا ۽ گهڻي ڀاڱي فنڊ ليپ ٽاپ اسڪيم ڏانهن منتقل ٿي ويا.

ليبر ويلفيئر ڊائريڪٽوريٽ جنرل پنجاب جي ڊائريڪٽر لا اينڊ پاليسي غلام عباس چيمه، نيوزلينز پاڪستان سان مڃيو ته اسٽاف، ٽرانسپورٽ، فنڊن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ آهي. چيمه ٻڌايو ته پنجاب ۾ فيڪٽرين جو تعداد 4 هزار کان وڌي 16 هزار تي پهتو آهي پر ليبر آفيسر اڃان تائين 83 آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ دڪانن جي تعداد جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر اتي به رڳو 73 ليبر انسپيڪٽر آهن. اسان گهرو پورهيتن جي مسئلن گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر اسانجو اسٽاف تربيت يافته ناهي ۽ ان حالت ۾ گهرن جي نگراني تمام وڏو چئلينج آهي.

سپريم ڪورٽ جي وڪيل شميم الرحمان جو خيال هو ته پنجاب حڪومت گهرو پورهيتن جي قانوني تحفظ جي حوالي سان ڪو گهڻو اڳتي نه ويندي ڇاڪاڻ ته اها صلاح مشوري تي يقين نه ٿي رکي ۽ تڪڙ ا حل ڳولڻ کي ترجيح ڏئي ٿي.

پنجاب انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ 2010 تحت پنجاب ۾ پهريون ڀيرو گهرو پورهيتن جي يونين 20 هين ڊسمبر 2014 ۾ جوڙي وئي، جنهن ۾ هن وقت 225 عورتن سميت 235 ميمبر آهن ۽ ان جي صدر روما ۽ نائب صدر ثمينه فاروق آهي. ثمينه، نيوزلينز کي چيٽنگ دوران ٻڌايو ته گهرو پورهيتن لاءِ قانون سازي وقت وٺندڙ عمل آهي ڇو ته اسان هن مهل پاليسي جوڙڻ واري مرحلي ۾ آهيون.

پنجاب حڪومت جي انٽيگريٽيڊ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جاويد گل جو چوڻ هو ته اهو وڏو شعبو آهي ۽ اهو ريگيوليٽ ٿيندو ته غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته منيمم ويج جي لاڳو ٿيڻ سان عام گهراڻا اها پگهار نه ڏئي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته ان صورت ۾ حڪومت گهرو پورهيتن کي ننڍا قرض ڏئي ۽ کين ڪاروبار جي ڌارا ۾ شامل ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here