ٿرپارڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڪنڀر) منو ڪولهيءَ نالي هڪ ننڍڙو هاري، اڄڪلهه پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ واري دعوت ڪرڻ بابت رٿابندي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ وسندڙ اقليتن جي سڀ کان وڏي آبادي، هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ اهو گھراڻو، انهيءَ قسم جي خوشيءَ جي لمحن کي وڏي وقت کانپوءِ ئي ملهائي سگھندو ڇو ته گذريل چئن سالن کان ننگرپارڪر ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ٻيا علائقا مسلسل ڏڪار جي ور چڙهيل هجڻ ڪري اتي وسندڙ ماڻهن لاءِ خوشيون ملهائڻ مشڪل ٿي پيو هيو.
اهڙي وقت ۾ برسات هڪ نعمت بڻجي آئي، جنهن ننگرپارڪر ۾ زندگيءَ جي اوج کي موٽائي آندو آهي ۽ ان سان گڏ ئي مقامي هارين کي پڻ بصرن جو بهتر فصل حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. منو ڪولهيءَ جو ٿاڪ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريگستان ۽ سنڌ جي ڏاکڻئين ضلعي ٿرپاڪر جي ننگرپارڪر تعلقي ۾ آهي.
هن سال بصرن جي پيدوار ڀلي ٿيڻ ڪري آمدني به سٺي ٿي آهي، اهو ئي سبب آهي ته منو ڪولهي فصل جي اپت مان ملندڙ پيسن جو هڪ وڏو ڀاڱو ڌيءَ جي شاديءَ تي خرچ ڪرڻ چاهي ٿو.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي منو ڪولهيءَ چيو ته ”منهنجا سمورا گھرڀاتي ڏاڍا خوش آهن، هو ڪنوار کي زيورن، ڪنوار لاءِ تيار ٿيندڙ روايتي شاهاڻي قسم جي ڪپڙن، گھاگھرن ۽ چوليءَ سميت ڏاج ۾ ڏنيون ويندڙ ٻيون شيون جهجهي تعداد ۾ ڏيڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن فصل جي پيداوار ڀلي نه ٿئي ها ته اسان شاديءَ جي تقريب ڪرڻ واري خيال کي عملي طور ممڪن بنائي نه سگھون ها“.
منو ڪولهي ۽ هڪ ئي گھر ۾ گڏيل خاندان جي صورت ۾ ساڻس گڏ رهندڙ سندس 5 ڀائر بصرن جي پوکيءَ، فصل جي ڪٽائي ۽ مارڪيٽ ۾ وڪري وارين 8 مهينن تائين جاري رهندڙ سرگرمين، جيڪي گذريل آگسٽ کان شروع ٿي، هلندڙ سال جي مارچ مهيني ۾ ختم ٿيون. ننگرپارڪر تعلقي جي ديهه ڪاسبو جي ڳوٺ راڻڪو ۾ آباد ان خاندان پاران 5 ايڪڙن تي بصرن جي پوکي ڪئي وئي هئي. ويجهي ماضيءَ ۾ بصرن جي پوکيءَ مان سٺي اپت ٿيڻ ڪري ئي منو ڪولهيءَ ۽ سندس ڀائرن هن سال بصرن جي پوکي وڌائي ڪئي هئي.
منو ڪولهيءَ ٻڌايو ته چار سال اڳ هنن صرف 2 ايڪڙن تي بصرن جي پوکي ڪئي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 700 مڻ بصرن جي پيداوار ٿي هئي. هن سال هنن پنجن ايڪڙن تي بصر پوکيا جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار وڌي 12 سئو مڻ ٿي، ان جي بدلي ۾ کين 6 لک روپين جي آمدني ٿي آهي“.
ٽي سو هاري خاندانن تي ٻڌل راڻڪوڳوٺ جي ڪل آبادي 2 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ منو ڪولهيءَ جو گھر ئي اهو اڪيلو گھر ناهي جتي وهانءَ جي خوشيءَ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. راڻڪو ۽ انهيءَ تَرَ جي ٻين ڳوٺن ۾ وسندڙ هارين برساتن وسيلي زمينون ريجائڻ ۽ فصلن جي پوکيءَ بابت عمل هيٺ آندل نون طريقن جي مهربانيءَ سان زرعي اپت ۾ واڌ واري رجحان مان فائدو ورتو آهي، ان سان گڏ ئي اڃ جي ستايل علائقي ٿرپارڪر ۾ بارشن جي پاڻيءَ کي گھڻي وقت تائين ذخيرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ به نيون حرفتون عمل هيٺ آنديون ويون آهن.
ننگرپارڪر جي ڳوٺ ”اوڻ“ جي رهواسي رامُو مل ميگھواڙ وٽ به ٻڌائڻ لاءِ لڳ ڀڳ ساڳي ڪهاڻي آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي راموءَ ٻڌايو ته ”4 سال اڳ مون صرف 4 ايڪڙن تي پوکي ڪئي ۽ هن سال مون 22 ايڪڙن تي فصل جي پوک اپائي آهي، جنهن مان مونکي 7 لک روپين جي آمدني ٿي آهي“.
راموءَ ويجهي مستقبل متعلق ڪيل پنهنجي رٿابنديءَ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ”مان سوچيان پيو ته پنهنجي گھر کي ڪشادو ڪيان“. گاري ۽ وڻن جي سڪي ويل پنن سان ٺهيل ٻن ڪمرن واري گھر کي ڪشادو ڪرڻ کان علاوه رامو اهو پڻ چاهي ٿو ته اسڪول ويندڙ سندس پٽ پنهنجي تعليم کي جاري رکندا اچن. راموءَ جو چوڻ آهي ته ”مونکي 2 پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.
زراعت جي ڪري خوشحالي يا مالي صورتحال بهتر نه ٿئي ها ته ٻارن کي تعليم ڏياري سگھڻ به ممڪن نه بڻجي سگھي ها“.
ننگرپارڪر جي مختيارڪار غلام ياسين پنهور مطابق، 2012 ۾ هڪ هزار ايڪڙن تي ٿيل پوکيءَ جي ڀيٽ ۾ هن سال ننگرپارڪر ۾ بصرن جي پوک 2 هزار ايڪڙن تي ڪئي وئي. جيتوڻيڪ سڄي مند دوران بصرن جي في مڻ جو اگهه 5 سئو کان هڪ هزار روپين جي وچ ۾ هيٺ مٿي ٿيندو رهيو، ان هوندي به بصرن مان اپت 15 ملين روپين جي ٿي آهي“.
سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ کان 530 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ننگرپارڪر سنڌ صوبي جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ۾ واقع آهي. آباديءَ متعلق لڳايل اندازن مطابق ننگرپارڪر ۾ وسندڙ ماڻهن جو انگ 80 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪي انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 90 سيڪڙو ماڻهو ته غربت واري ليڪ کان به هيٺ واري حيثيت رکندڙ آهن. سنڌ جي صوبائي حڪومت پاران، ننگرپارڪر جي حيثيت هڪ اهڙي علائقي طور تسليم ڪندي جيڪو آبپاشيءَ جي نظام کان محروم آهي، انهيءَ علائقي ۾ ”زراعت لاءِ برساتن جي گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ لاءِ ڊيم اڏڻ جي قدرتي خاصيت موجود هجڻ“ جو اعتراف ڪيو ويو.
انهيءَ علائقي جي هڪ تجزيه نگار ڀارو مل آمراڻيءَ جو چوڻ هو ته بصرن جي پوک کي پچي راس ٿيڻ لاءِ تمام گھٽ پاڻي گھربل هوندو آهي، ان ڪري ئي ٿرپارڪر جي وارياسي پر زرخيز زمينن لاءِ بصرن جي پوکي گھڻي موذون آهي“. اهو هڪ عام خيال آهي ته ٿرپارڪر دنيا جو واحد ريگستان آهي جيڪو زرخيز پڻ آهي.
ڀارو مل وڌيڪ چيو ته ”حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ بصرن سان گڏ ٻيا فصل جِيرو، پٽاٽا ۽ ٽماٽا به پوکي سگھجن ٿا ڇو ته انهن جي پوکيءَ لاءِ گھڻي پاڻيءَ جي ضرورت ناهي پوندي. ان سان نه صرف غربت جي ماريل هن ڏيهه جي آبادگارن ۽ هارين کي مالي فائدو حاصل ٿيندو پر ائين ٿيڻ سان هتان جي ماڻهن کي تازيون ڀاڄيون پڻ ملي سگھنديون، جنهن ڪري ڏڪار جي ستايل هن ڏيهه جي ماڻهن جو غذا وارو مسئلو پڻ حل ٿي پوندو.
سنڌ حڪومت پاران تيار ڪرايل هڪ دستاويز ۾ موجود انگن اکرن مطابق ”ننگرپارڪر ۾ ساليانو بنيادن تي سراسري برسات پوڻ بابت جيڪا معلومات مختلف هنڌن تان گڏ ڪئي وئي آهي، ان موجب علائقي ۾ 1926 کان 2009 تائين 340 ملي ميٽر يا 13.4 انچ برسات پوندي رهي آهي“. ساڳيءَ ريت سرڪاري انگن اکرن وسيلي اهي تفصيل پڻ مليا آهن ته ڏڪار وارن گذريل چئن سالن 2012، 2013، 2014 ۽ 2015 دوران ننگرپارڪر ۾ ترتيبوار 365، 741، 155 ۽ 350 ملي ميٽرمينهن رڪارڊ پيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙي علائقي ۾، جيڪو پاڻيءَ جي کوٽ سبب مستقل طور ڏڪار جي وَرِ چڙهندو رهندو آهي، اتي قدرتي بارشن مان گھڻي کان گھڻو فائدو وٺڻ جون ڪوششون ڪندي، ڏڪار وارين حالتن ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي. واضح رهي ته هي علائقو گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڏڪار جي ور چڙهندو پيو اچي.

علائقي ۾ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري سماجي تنظيم ”ٻانهن ٻيليءَ“ جي مقامي نمائندي خان محمد مريءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”ٿرپارڪر ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن؛ هڪ برساتن وسيلي ۽ ٻيو جَر مان پاڻي ڪڍڻ آهي. اهو ڪاٿو اڳ ۾ ئي لڳل آهي ته اهڙي سال دوران جنهن ۾ برساتون جهجهيون پونديون آهن، ته انهن برساتن مان حاصل ٿيندڙ پاڻي تمام گھڻو هوندو آهي ۽ ٿرپارڪر جي علائقي ۾ هڪ سال دوران زراعت، 1.2 ملين ماڻهن جي پيئڻ ۽ 4 ملين چوپائي مال جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ به بچي پوندڙ پاڻيءَ وسيلي 0.15 هيڪٽر واڌو زمين تي به زرعي فصل اپائي سگھجن ٿا“.
سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي پاران 2007 ۾ ”سمال ڊيمز آرگنائيزيشن“ قائم ڪئي وئي، جنهن جي ذميوارين ۾ شامل آهي ته ٿرپارڪر ۾ ننڍن ڊيمن جي تعمير ۽ پاڻيءَ کي روڪڻ وارا بند ٻڌڻ جوڪم سرانجام ڏئي.
ننگرپارڪر ۾ مقرر ٿيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر خالد نواز ڏهر مطابق، پاڻي ذخيرو ڪرڻ خاطر 7 هنڌن تي تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، انهن ۾ رانپور بند، کاروڙو بند، مالجي بند، ڀوڏيسر ٽينڪ، توٻريو ٽينڪ ۽ لکيءَ جو واديو شامل آهن. جڏهن ته اهڙن ئي چئن ٻين منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي. حڪومت جي اهڙين ڪوششن کان علاوه ڪجهه غيرسرڪاري سماجي تنظيمون پڻ ننگرپارڪر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي ذخيري واريون سهولتون تعمير ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
ڪارونجهر جبل ۽ ٻين علائقن ۾ ڪل 13 ننڍا ڊيم تعمير ڪيا ويا آهن جن مان 4 ٻانهن ٻيلي نالي اين جي او پاران تعمير ڪرايا ويا آهن. ٻانهن ٻيليءَ جي مقامي نمائندي خان محمد مريءَ ٻڌايو آهي ته ”ٿرپارڪر واري علائقي ۾ جَرَ جو پاڻي 85 سيڪڙو کارو آهي. جنهن جي ڪري ڪارونجهر جبل ۾ قائم ڪيل ننڍا ڊيم جَر جي کاري پاڻيءَ کي مٺي پاڻيءَ ۾ بدلائڻ جو واحد وسيلو آهن ۽ انهن ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ وري برساتن جي پاڻيءَ تي ئي ڀاڙڻو پوندو آهي“.
ساڳيءَ ريت ٿر جي علائقي ۾ ڪم ڪندڙ غيرمنافعي بخش سماجي اداري ”ٿر رورل ڊولپمينٽ پروگرام“ (ٽي آر ڊي پي) پاران 2012-13 دوران ٽن مختلف ڳوٺن ڪاسبو، سُک پور ۽ سبوسڻ ۾ ٽي ڪچا ڊيم ٺاهيا ويا آهن.
ٽي آر ڊي پيءَ جي نمائندي علي جوڻيجو ٻڌايو ته ”گذريل ٻن سالن دوران ٽي آر ڊي پيءَ پاران جوڙايل ڊيمن جي آسپاس جَر جي پاڻيءَ جي سطح بهتر ٿي آهي، جيتوڻيڪ برساتون گھڻيون نه پيون آهن“. رامو مل ميگھواڙ، خان محمد مري ۽ علي جوڻيجي جي ڳالهين سان سهمت ٿيندي، پنهنجي کوهه جو مثال ڏيندي چيو ته ”7 سال اڳ جَر جو پاڻي 70 فوٽن جي اونهائيءَ تي هيو پر گذريل سال مينهن کانپوءِ هاڻي کوهه مٿي ڀرجي آيو آهي“.

سرڪاري توڙي سياسي اختياريون برساتن جي مدد سان زراعت وڌائڻ وارن طريقن کي همٿائي ناهن رهيون. سنڌ جي حڪمران سياسي پارٽيءَ مٿان ڏڪاريل ڏيهه ۾ وسندڙ ماڻهن کي ڪيترن سالن کان پاڻي، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ سبب شديد تنقيد ٿيندي رهي ٿي، پر حڪمران جماعت جي نمائندي سينيٽر تاج حيدر نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”برساتي پاڻيءَ وسيلي فصلن جي پوکي ڪرڻ مسئلي جو مستقل حل نه آهي ڇو ته آبپاشيءَ جي مقصدن خاطر برساتون اعتبار جوڳو وسيلو نه آهن“.
سينيٽر تاج حيدر موجب، ٿرپارڪر جيئن ته جَر جي پاڻيءَ جي ڪنهن به کوٽ کي منهن نه پيو ڏئي، ان ڪري جَر جي کاري پاڻيءَ وسيلي ئي زراعت کي هٿي وٺرائڻ گھرجي. سندس چوڻ هو ته ”اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر جو هڪ ٻيو تعلقو) ۾ جَر جي کاري پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ واري ڪاميابي اسانجي مشاهدي ۾ آئي آهي. ان ڪري اسانکي پنهنجو سمورو ڌيان ان تي رکڻ گھرجي ڇو ته ان ۾ اسانکي ڪاميابي حاصل ٿي آهي“.
منو ڪولهيءَ ٻڌايو آهي ته ”بصرن جو فصل انتهائي ڀلو لهڻ جي ڪري، ڪارونجهر ۽ آسپاس جي شهرن مان ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ گھڻي گھٽجي وئي آهي. هن ڀيري اسانجي ڳوٺ راڻڪو مان ته ڪو لڏي ناهي ويو. هونئن ماڻهو صوبي جي بيراجي ضلعن جي مختلف علائقن ڏانهن لڏي وڃڻ تي هِريل آهن جتي وڃي هو مزدوريءَ تي زمينن ۾ هارپو ڪندا آهن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here