فاٽا ۾ ڪيسر جي سڃاڻپ ڳاڙهي سونُ طور ٿيڻ لڳي

0
1875

پشاور: قبائلي علائقن ۾ پهريان ڀَنگ جي پوکيءَ جو رواج عام جام هيو پر خيبرايجنسيءَ جي زرعي کاتي ان جي متبادل طور سموري دنيا ۾ مهانگي اگھ وڪرو ٿيندڙ مصالحن مان هڪ ڪيسَر

(ڪيسو ڦُل) جي پوکي ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. چترال مان ڪيسر جا گونچ آڻڻ خاطر پي سي ون ۾ 30 لک روپين جي رقم رکي وئي، اهي گونچ مارڪيٽ ۾ مهيا ڪيا ويا آهن جيڪي وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن جي معيشت جي مستقبل کي هٿي وٺرائڻ ۾ لاڀائتا ثابت ٿيندا.

ستن ايجنسين مان خيبرايجنسي پنهنجي تاريخي پسمنظر ۽ جاگرافيائي بيهڪ سبب فاٽا جي ٻين ايجنسين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نالو رکندڙ آهي. اها ايجنسي 2 هزار 576 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پاڪستان جي اتر ۾ ڦهليل آهي. جنهن جي آبهوا شديد گرميءَ، سخت سردين ۽ خشڪ بهار وارن ڏينهن تي ٻڌل هجي ٿي. فاٽا ۾ ترقيءَ بابت شمارياتي بيورو جي انگن اکرن مطابق فاٽا ۾ ڀنگ جو فصل پوکڻ جو رجحان گھڻو مقبول هيو ۽ لڳ ڀڳ 49 هزار ايڪڙن تي اهو فصل پوکيو ويندو آهي.

Saffron Flowers
Saffron Flowers : Photo by News Lens Pakistan

شروع ۾، خيبرايجنسيءَ جي هڪ آفيسر پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ خيبرايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي سهڪار سان ريجنل ڊويلپمينٽ پروگرام تحت مارڪيٽ ۾ متبادل فصل جي پيداوار آڻڻ خاطر ڪوششون شروع ڪيون ويون. ابتدائي تحقيق واري مرحلي دوران خيبرپختونخواه صوبي جي زرعي کاتي پاران انهن ڪوششن خاطر ڪو به سهڪار نه ڪيو ويو.

خيبرايجنسي زرعي کاتي جي آفيسر پاران سيپٽيمبر 2016 کان ”تيراهه واديءَ“ ۾ اڪيلي سِر تحقيق شروع ڪئي وئي. هن ابتدائي طور تي چترال کان ڪيسَر جي گونچن جو وڏو مقدار اتي پهچايو ۽ ”ميدان واديءَ“ ۾ درجينن ايڪڙ ايراضيءَ تي 15 لک روپين جي لاڳت سان انهيءَ فصل جي پوکي ڪرائي. ڪيسَر جي گونچن واري ٻيجاري کي آزمائشي مرحلي دوران مختلف نوعيت وارين 16 زمينن ۾ پوکيو ويو ۽ هارين کي ڪيسَر جا گونچ پوکڻ بابت زرعي کاتي پاران تربيت پڻ ڏني وئي.

ڪيسو ڦُل دنيا جو مهانگو ترين مصالحو آهي. سال جا ٻارنهن مهينا پيداوار ڏيندڙ ڪيسو ڦُل جا گل انتهائي سنهڙين ڏانڊين تي مشتمل هوندا آهن جيڪي وڏا ٿي ڪنول جي گل جيڏا ٿي ويندا آهن ۽ انهن جو رنگ تبديل ٿي ڳاڙهو ٿي پوندو آهي. ڪيسَر هڪ قابل قدر مصالحو آهي جيڪو مختلف ملڪن ۾ ڪيترن ئي کاڌن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيسو ڦل جي پوکي ٿڌن ۽ خشڪ بهار واري مند وارن ملڪن ۾ عام جام ٿيندي آهي.

خيبرايجنسيءَ جي وادين ۾ ڪيسَر جي ڪامياب آزمائشي پوکيءَ جي نتيجي ۾ ججهي پيداوار لهڻ کانپوءِ هاڻي انهيءَ فصل جي پوکيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان جي گھڻي کان گھڻي پيداوار حاصل ڪري سگھجي.

خيبرايجنسيءَ جي زرعي کاتي جي آفيسر شمس الرحمان خٽڪ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”جيتوڻيڪ اهڙو تجربو ڪرڻ ڏکيو ڪم هيو، فصل جا ڪارآمد گونچ هٿ ڪرڻ به سولو ڪم نه هيو. بعد ۾ گوچن واري ٻج جو انتظام چترال مان ڪري ورتوسين“. شمس الرحمان خٽڪ پاليسين ۽ سيڪيورٽيءَ واري صورتحال جي ڪري پيل بندشن ۽ خدشن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال جي ڪري تجربن بابت تڪڙي اڳڀرائي ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون رهيون.

جيئن ته سڄي ملڪ اندر جيڪڏهن ڪيسَر جي پوکي ناياب نه به آهي تڏهن ته انتهائي ٿوري ضرور ٿئي ٿي. خيبرايجنسيءَ ۾ مختلف هنڌن تي ڪيسر جي پوکي شروع ٿيڻ بعد اها پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته ان جي ٻوٽن جي واڌ ويجهه ۽ ان جي پيداوار مقامي مارڪيٽ تائين پهچڻ ۾ واڌ ايندي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ڪيسر جي پوکي شروع ٿي سگھي ٿي. انهيءَ رجحان جي موٽ ۾ ماڻهن کي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ پچي راس ٿيل تازي معيار وارا ڪيسو ڦُل خريد ڪرڻ لاءِ ميسر ٿي سگھندا ڇو ته پيداوار کان ڇهه مهينا پوءِ تائين ڪيسو ڦُل جو عرق پيئڻ انتهائي مفيد سمجهيو ويندو آهي، ڇهن مهينن کانپوءِ ڪيسو ڦل پنهنجي اصلي خوشبو ۽ معيار برقرار رکي ناهي سگھندو.

Fields for Saffron
Fields for Saffron Cultivation are being prepared : Photo by News Lens Pakistan.

جيئن ته ڪيسو ڦُل جي پوکي اڃان به ابتدائي آزمائش واري عمل مان گذري رهي آهي ان ڪري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪيسر جي ٻوٽن مان ڦٽندڙ گلن جي سائيز وڏي هجي ۽ ان جي گونچن جو تعداد به گھڻو هجي. صحتمند گونچن جي سائيز ۽ وزن جي حوالي کان چيو پيو وڃي ته 25 گرام وزن وارن گونچن ۾ چئن کان وڌيڪ گل ڦٽي سگھندا آهن پر ان جو دارومدار زمين جي پيداواري صلاحيت ۽ آبهوا تي هوندو آهي. ڪيسَر جي ڪامياب تجرباتي پوکيءَ کانپوءِ خيبرايجنسيءَ جي زرعي کاتي کي سيڪيورٽي ادارن پاران ”سنٿيٽڪ ڀاڻ“ آڻڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي.

ڪيسر جي پوکيءَ لاءِ سيپٽيمبر مهيني کي موزون وقت قرار ڏنو ويو آهي انهيءَ مهيني ۾ پوکيءَ کانپوءِ ٻوٽو آڪٽوبر جي وچ کان نومبر جي وچ تائين گونچ ڪڍڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. شمس الرحمان خٽڪ چيو ته ”جيئن ته اها هڪ ڀيري واري سيڙپ آهي ان ڪري ٻوٽي جا گونچ ٻيهر 5 کان 10 سالن لاءِ پوکي سگھجن ٿا جڏهن ته ڪيسر جا پراڻا ٻوٽا نون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گل پيدا ڪري سگھندا آهن“.

مقامي هارين لاءِ ڪيسر جي پوکي عام رواجي ڪِرت نه آهي ان جي ڪري کين تربيت جي گھڻن موقعن مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ڪيسر جي ٻوٽن جي پوکيءَ متعلق گھڻي کان گھڻي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.

خيبرايجنسيءَ جي زرعي کاتي سان لاڳاپيل هڪ ٻئي آفيسر فيصل اقبال ٻڌايو ته ”مقامي هارين کي هن فصل جي پوکيءَ تي راضي ڪرڻ ۽ کين تريبت ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته هو اهو سمجهندا رهن ٿا ته اهو فصل هڪ وڏي وڻ جي شڪل ۾ اُسرندو آهي“. هن اهو پڻ ٻڌايو ته سراسري طور تي ڪيسر جي 10 گرام پيداوار عيوض آبادگار مقامي مارڪيٽ مان 6 کان 10 هزار ڪمائي سگھي ٿو ان جو مطلب اهو ٿيو ته آبادگار ڪيسر جي في ڪلو عيوض 2 کان 3 لک روپيا به ڪمائي سگھي ٿو.

انتظام ڪاريءَ وارين مشقن مطابق، هڪ هيڪٽر ايراضيءَ تي ڪيسر جي پوکي ڪرڻ جي نتيجي ۾ 02 کان 03 ڪلو جي پيداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي. پر انهن ٻوٽن جا ٻج ۽ گونچ حاصل ڪرڻ به مهانگا آهن ۽ ابتدائي طور تي هڪ ايڪڙ لاءِ گھربل ڪيسر جي ٻوٽي جون ڏانڊيون هٿ ڪرڻ تي 80 کان 90 هزار جي لاڳت اچي وڃي ٿي. مقامي هارين لاءِ ايتري سيڙپ ڪرڻ معمولي ڳالهه نه آهي.
هڪ هاريءَ مقامي سطح تي ڪيسر جي پوکي ڪري سگھڻ کي بهترين موقعو قرار ڏيندي چيو ته زرعي کاتي جي تعاون سان ڪيسر جا ٻوٽا پوکڻ ۽ پيداوار حاصل ڪرڻ جو بهترين تجربو ٿيو آهي. هن انهيءَ اميد جو به اظهار ڪيو ته انهيءَ فصل جي پوکيءَ سان هارين کي مستقبل ۾ وڌيڪ معاشي فائدا ملڻ جي اميد آهي.

شمس الرحمان خٽڪ جو چوڻ هو ته ”ڪيسر جي وڌيڪ معياري ٻوٽن جي پوکي ۽ بهتر پيداوار جي حاصلات خاطر انهن ملڪن کان مدد وٺڻ جي ضرورت آهي جتي اهو فصل وڏي وقت کان پوکجي رهيو آهي ان سان گڏ ئي اها به ضرورت آهي ته سرنديءَ وارا هن فصل جي پوکي وڌائڻ خاطر به سيڙپ ڪن“.

فاٽا ۾ ڪيسر جي پوکيءَ سان نه صرف مقامي مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ٿينديون پر پرڳڻي جي معيشت ۾ پڻ خوشحالي اچي سگھي ٿي. اهو پهريون ڀيرو ناهي جو فاٽا قومي معيشت ۾ بهتريءَ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪڻڪ جي مجموعي ملڪي پيدوارا جي سلسلي ۾ به گذريل سال فاٽا جو حصو 36 سيڪڙو کان وڌي 44 سيڪڙو تي پهتو. جڏهن ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران عالمي سطح تي ملهائجندڙ ”خوراڪ واري عالمي ڏينهن“ جي مناسبت سان فاٽا جي هارين کي بهترين هاريءَ طور چونڊيو ويو انهن جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخواه ۽ پنجاب جا هاري پوئتي رهجي ويا.

موجوده وقتن ۾ مختلف پاليسين تحت فاٽا مٿان ڪجهه پابنديون پيل آهن جنهن جي ڪري اها ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته انهن پاليسين جو نئين سِر جائزو ورتو وڃي. جڏهن ته ڪيسر جي پوکيءَ جهڙن موقعن ملڻ سان فاٽا جي ماڻهن کي ملڪي مارڪيٽن لاءِ مقامي سطح تي معياري فصل پوکڻ جا وڌيڪ موقعا ملي پوندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here