پشاور: افعاني پناهه گير سڪينه جڏهن پاڪستان آئي ته سندس ڄمار پنج سال هئي ۽ هاڻي هوءَ 40 سالن جي ٿي چڪي آهي. اهي سمورا سال هن پنهنجي خاندان سان گڏ 80 واري ڏهاڪي ۾ پشاور ڀرسان ۾ آباد ڪيل ”خراسان پناهه گير ڪيمپ“ ۾ گذاريا آهن.

سڪينه کي قالين اُڻڻ جي مهارت آهي ۽ انهيءَ هنر وسيلي ئي هوءَ پنهنجي گھرڀاتين جي جياپي لاءِ آمدني حاصل ڪندي آهي. قالين اُڻڻ جو هنر هن پنهنجي ڏاڏيءَ کان سکيو ۽ پنهنجي ٻارن کي به ان جي تربيت ڏئي ڇڏي اٿائين جيڪي هاڻي کيس انهيءَ ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا آهن.
سڪينه جو چوڻ هو ته ”ڪجهه مهينا اڳ تائين قالين جي في ميٽر اڻت عيوض کين 05 هزار روپيا مزدوري ملندي هئي پر اوچتو ئي اوچتو اجرت اڌو اڌ گھٽجي وئي“.

70 واري ڏهاڪي جي آخر ڌاران جڏهن سوويت يونين جي فوجن افغانستان تي چڙهائي ڪئي وئي ان جي نتيجي ۾ لکين افغاني پناهه خاطر پاڪستان لڏي آيا ۽ هتي اچڻ بعد وڏي وقت تائين قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواه صوبي جي مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل پناهه گير ڪيمپن ۾ زندگي گذارڻ لڳا.

وقت گذرڻ سان گڏ افغانين جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ مقامي ثقافت جا عنصر شامل ٿي ويا ۽ هو جيڪي هنر پاڻ سان گڏ کڻي آيا انهن ۾ قالين اُڻڻ وارو هنر نمايان آهي، انهيءَ هنر اچڻ جي ڪري هتي قالين جي صنعت ڪافي زور ورتو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ هتان جي قالين جي کپت وڌي وئي. قالين جي مقامي صنعت مرد توڙي سڪينه جهڙين عورت افغاني ڪاريگرن جي سهاري هلي رهي هئي جيڪي ڪئمپن ۾ ئي قالين اڻندا رهندا هئا.

دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل معاملن بابت پاڪستان ۽ افعانستان طرفان هڪ ٻئي مٿان الزام تراشي ڪرڻ واري رجحان کانپوءِ ويجهڙائيءَ وارن وقتن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ خرابيءَ جو اثر قالين جي صنعت تي به پيو ۽ هن صنعت سان لاڳاپو رکندڙ صورتحال به خراب ٿيڻ شروع ٿي. انهيءَ خدشي هيٺ ته افغان پناهه گيرن جون ڪميپون هشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهون ٿي سگھن ٿيون پاڪستان سخت موقف اختيار ڪندي افغانين کي واپس سندن ملڪ اماڻي ڪئمپن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پناهه گيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن (UNHCR) جي انگن اکرن مان پڌرو ٿيو آهي ته 2016 جي پهرين ڇهن مهينن دوران صرف 7 هزار 804 پناهه گير واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. جولاءِ کان آڪٽوبر 2016 واري عرصي دوران لڳ ڀڳ 02 لک 75 هزار پناهه گير واپس افغانستان پهتا انهن مان 90 سيڪڙو پناهه گير پاڪستان کان پنهنجي وطن ڏانهن آيا.

يو اين ايڇ سي آر جي معلوماتي دستاويز مان پتو پئجي رهيو آهي ته ”ڄاڻايل سال جي پهرين اڌ ۾ جيترا پناهه گير افغانستان پهتا انهن جي ڀيٽ ۾ سال جي آخر دوران آيل پناهه گيرن جو انگ 30 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ واپسيءَ واري انهيءَ عمل کي اڃان به وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته آڪٽوبر مهيني جي ٻئي هفتي دوران جيترا پناهه گير واپس افغانستان پهتا 2009 کانپوءِ انهن جو هفتيوار تعداد سڀ کان گھڻو آهي ۽ واپسيءَ وارن جي شرح ۾ اڃان به وڌيڪ اضافي جي توقع ڪئي پئي وئي.

انهن شاهدين آڌار يو اين ايڇ سي آر پاران پنهنجي اندازن کي نئين سِر ترتيب ڏنو پيو وڃي ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته 2016 دوران 02 لک 21 هزار بجاءِ 03 لک 65 هزار پناهه گير واپس افغانستان پهچندا“.

An Afghani Handicraft: Photo by News Lens Pakistan

پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين رهائش کانپوءِ هنرمند افعاني پناهه گيرن جي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسيءَ سبب قالين ۽ هٿ جي هنرن جي ٻي صنعت حقيقي معنائن ۾ تباهه ٿي چڪي آهي ۽ واپاري خريدارن جي گھرج پوري ڪري نه پيا سگهن. انهيءَ صنعت جي زوال جي عڪاسي ”اڪنامڪ سروي رپورٽ سال 2015-16“ ۾ به هن ريت ڪئي وئي آهي ته ”مالي سال 2016 جي مارچ کان جولاءِ واري ٽه ماهيءَ دوران 74.027 ملين ڊالر ماليت جا قالين ۽ غاليچا ڏيساور اماڻيا ويا.

جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ هڪ سال اڳ ساڳي عرصي دوران 92.924 ملين ڊالر ماليت جا قالين ۽ غاليچا ڏيساور اماڻيا ويا هئا ان حساب سان هڪ سال دوران انهن شين جي واپار ۾ 20.34 سيڪڙو جي گھٽتائي ڏٺي وئي آهي. جڏهن ته تعداد جي حساب سان قالينن ۽ غاليچن جي واپار ۾ 26.53 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ٿي“.

سال 2016-17 جي اڪنامڪ سروي آف پاڪستان ۾ به اهو منفي رجحان جاري رهڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. انهيءَ سال جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته 2017 جي جولاءِ کان مارچ واري عرصي دوران قالينن ۽ غاليچن جي ڏيساور اماڻجڻ ۾ وڌيڪ 17.3 سيڪڙو گھٽتائي ڏٺي وئي جڏهن ته انهن اسمن جو ملڪ کان ٻاهر اماڻيل تعداد به 3.6 سيڪڙو گھٽتائيءَ جو شڪار ٿيو.

جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن سان ”فري ٽريڊ ايگريمينٽ“ وارن ٺاهن تحت رعاتين جون لسٽون تيار ٿيل آهن ۽ هٿ سان اڻيل قالين انهن لسٽن جي پابنديءَ کان آجا آهن ڇو ته ڏيساور ۾ مشينن مان اڻيل قالينن جي گھڻي کپت نه آهي“.

خيبرپختونخواه چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءِ جي ايڪسپورٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مظهر الحق چيو آهي ته ”هنرمند پورهيتن جي کوٽ ڏيسار ۾ قالينن جي طلب ۽ رسد تي منفي اثر وڌو آهي. هن کان اڳ 99 سيڪڙو افغاني عورتون قالين اُڻڻ واري صنعت سان لاڳاپيل هيون پر هاڻي سندن واپس افعانستان هلئي وڃڻ سبب اها صنعت ئي زوال پذير ٿي پئي آهي“.

مظهر الحق اهو به چيو ته لاهور جا اهي واپاري جيڪي افغانين کان قالين تيار ڪرائي ملڪ کان ٻاهر اماڻڻ وارو ڪاروبار ڪندا هئا انهن هاڻي ٻيا ڪاروبار کولي ورتا آهن ڇو ته هو جن ڪاريگرن کان ڪم وٺندا هئا اهي افغانستان هليا ويا. جڏهن ته سرڪاري توڙي نجي شعبي پاران اهڙيون ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون جن وسيلي قالين اڻڻوارو هنر مقامي ماڻهن کي به سيکاريو وڃي ها.

ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته قالين وڪرو ڪرڻ وارن جي ايسوسيئيشن لاهور ۾ قائم ٿيل آهي جڏهن ته پشاور قالين اڻجڻ جي آماجگاهه هيو. جرمنيءَ ۾ اسان ڪيترن سالن تائين بهترين قالين اڻڻ جو ايوارڊ کٽيندا رهياسين پر هاڻي صنعت ئي جيئن ته ختم ٿي چڪي آهي ته اسان جي جاءَ ٻيا ملڪ والاري رهيا آهن“.

هن ٻڌايو ته ڀارت ۽ ترڪيءَ پاران افغان ڪاريگرن کي سهولتون ۽ مالي سهڪار ڏنو پيو وڃي ۽ اهي ملڪ ئي هاڻي پاڪستان جي جڳهه تي عالمي مارڪيٽن ۾ قالين جو واپار ڪرڻ لڳا آهن. اهو سڀ افغانستان متعلق اسانجي غلط پاليسين جو نتيجو آهي“.

پورهيتن جي اجرت ۾ گھٽتائي متعلق مظهرالحق جو چوڻ هو ته قالين اڻڻ وارن پورهيتن کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گھٽ اجرت ملڻ لڳي آهي ڇو ته مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ قالينن جي عالمي مارڪيٽ ۾ کپت ۽ گھرج هاڻي گھڻي گھٽجي وئي آهي . حقيقت اها آهي ته دنيا اندر استعمال هيٺ ايندڙ هر چوٿون قالين پاڪستان مان اماڻيل آهي ۽ اهي انگ اکر ئي هن صنعت متعلق گھڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا“.

ٻئي طرف زريءَ جهڙين افغاني عورتن لاءِ قالين اُڻڻ ئي آمدنيءَ جو واحد وسيلو آهي. زريءَ چيو ته ازبڪ، ترڪمان ۽ فارسي ڳالهائيندڙ افغاني قبيلن ۾ ڪمائڻ جي ذميواري عورتن مٿان هوندي آهي ۽ مرد صرف ٻارن جي پالنا توڙي ٻين گھريلو ڪمن ڪارين جهڙوڪ صفائيءَ سٿرائيءَ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ ذميوار سمجهيا ويندا آهن.

”هينڊي ڪرافٽس سوسائٽي آف خيبرپختونخواه“ جي ايگزيڪيوٽو ميمبر ۽ ”وومن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري“ پشاور جي وائس پريذيڊنٽ اقبال بانوءَ چيو ته ”هڪ ڪاروباري عورت جي حيثيت ۾ هنر مند ماڻهن جي وڏي انگ ۾ افغانستان هلئي وڃڻ سبب مونکي ذاتي طور تي به ڳرو مالي نقصان ٿيو آهي“.

اقبال بانوءَ جي راءِ هئي ته گذريل 30 سالن کان افغاني اسانجي معاشري ۾ رهي رهيا هئا سندن واپسيءَ سبب هنرن ۽ ڪاريگريءَ جي صنعت کي وڏو نقصان پهتو آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان هن پراڻي شهر واري حصي ۾ قائم هٿ جي هنر سان تيار ٿيل ناياب شين واري مارڪيٽ جو جائزو ورتو پر اهو ڏسي کيس صدمو پهتو ته مارڪيٽ جا اڪثر دڪان هاڻي افعانين جي واپسيءَ سبب بند پيل آهن.

هن اهو پڻ چيو ته پاڪستاني افعاني شين کي تيار ڪرڻ جا اهل نه پر صرف انهن کي خريد ڪرڻ جي لائق ٿي سگھن ٿا. ڇو ته افغاني سخت محنتي ماڻهو آهن. سندن عورتون ڪپڙن تي ٽاڪڻ لاءِ سهڻي ڀرت واريون پٽيون تيار ڪنديون هيون جيڪي مان به ڏيساور موڪليندي هئس. پاڪستان جون عورتون اهڙو ڀرت ڀري نه ٿيون سگھن ڇو ته اهڙو ڪم افعاني ثقافت ۽ معاشري جي سڃاڻپ آهي.

اقبال بانو ٻڌايو ته افعاني عورتون تمام گھٽ اجرت تي به هٿ سان تيار ٿيندڙ شيون مهيا ڪنديون هيون ڇو ته هو هتي پناهه گير هئا ۽ کين ڪو به ٻيو تحفظ حاصل نه هوندو هيو. هو جياپو برقرار رکڻ خاطر گھٽ اجرت تي به محنت ڪندا رهندا هئا.

” سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي“ (SMEDA) ۾ وومن انٽرپرينيورشپ ڊولپمينٽ مينيجر طور ڪم ڪندڙ نبيلا فرمان چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ادارا افعانين کان قالين اڻڻ توڙي هٿ جا ٻيا هنر مقامي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪرائي وٺن ها ته اهو هڪ عظيم ڪم ٿي پوي ها. اهو ڪم هاڻي به ممڪن آهي پر ان لاءِ حڪومت پاران سنجيده قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي هنرمند بڻائي ملڪي معيشت جي ڀلائيءَ وارو ڪم ڪري سگھجي“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.