ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران 167 اڻ رجسٽرڊ مدرسن کي بند ڪرڻ ۽ 53 مدرسن جا ناتا دهشتگرديءَ ۾ ملوث گروهن سان جڙيل هجڻ واري نشاندهي کانپوءِ سنڌ حڪومت مدرسن جي رجسٽريشن متعلق جنهن بل جو مسودو تيار ڪرايو آهي تنهن جي پاڪستان جون مذهبي پارٽيون مزاحمت ڪرڻ لڳيون آهن.

سنڌ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي سينيئر عملدار ثناءُ الله عباسيءَ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو آهي ته ”ڊسمبر 2014 کان وٺي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل شروع ٿيڻ بعد سنڌ پوليس پاران 167 اڻ رجسٽرڊ مدرسن کي بند ڪرائڻ بعد سِيل ڪيو ويو آهي. مدرسن مان دهشتگردن جي خاتمي تائين پوليس پنهنجي اها ڪارروائي جاري رکيو ايندي.

ثناءُ الله عباسيءَ جو چوڻ هو ته اهو انتهائي ضروري ٿي پيو آهي ته سنڌ صوبي اندر موجود مدرسن جي رجسٽريشن جي سلسلي ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن دهشتگردن کي ملندڙ مدد آڏو بند ٻڌي سگھجي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ پوليس پاران جديد ڪيمرائن وسيلي صوبي جي 7 هزار 724 مدرسن جي جيو ٽيگنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جن مدرسن جي جديد انداز سان نگراني ڪئي پئي وڃي انهن مان 3 هزار 110 ته صرف ڪراچيءَ ۾ قائم آهن. هن ٻڌايو ته ان قسم جي نگرانيءَ وسيلي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها مدد پڻ ملي سگھندي ته اهي مدرسن ۽ انهن کي ملندڙ مالي مدد مٿان نظر رکي سگھندا. ثناءُ الله عباسيءَ جو چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته انهن سمورن مدرسن جي نشاندهي ڪن جن جا ناتا دهشتگرديءَ سان جڙيل آهن.

سي ٽي ڊي سنڌ وٽان حاصل ڪيل انگن اکرن پتو پوي ٿو ته، ڪراچيءَ ۾ موجود 30 مدرسن جا لاڳاپا دهشتگرد تنظمين سان جڙيل آهن، جڏهن ته حيدرآباد جي 12، سکر جي 6، لاڙڪاڻي جي 4 ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ موجود هڪ مدرسي جا ناتا دهشتگرد گروپن سان قائم ٿيل آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي مدد سان سي ٽي ڊي صوبي جي ڪل 33 مدرسن مٿان ڪڙي نظر رکي رهي آهي.

20 آگسٽ 2016 تي سنڌ حڪومت پاران قانونسازيءَ جو اعلان ڪندي صوبائي ڪابينا طرفان مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.
قانون بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب صديقيءَ ٻڌايو ته انهيءَ نوعيت جي قانونسازيءَ

متعلق اڳڀرائي وفاقي حڪومت پاران ڊسمبر 2014 ۾ لاڳو ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت عمل ۾ آندي پئي وڃي. قومي ايڪشن پلان تحت سنڌ صوبي ۾ قائم مدرسن جي حوالي سان جيڪي به معاملا سامهون اچي رهيا آهن هن بل وسيلي انهن سمورن کي حل ڪري سگھبو.

ساڄي ڌر سان تعلق رکندڙ ملڪ جي مذهبي سياسي پارٽين انهي تجويز ڪيل بل متعلق خدشن جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اهي ڄاڻايل بل تحت مدرسن جي نئين سِر رجسٽريشن نه ڪرائينديون. جميعت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي اڳواڻن پاران انهيءَ قانون خلاف مرحليوار احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ پهرين سيپٽيمبر 2016 واري ڏهاڙي انهي قانون خلاف ڪراچيءَ ۾ هڪ احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي.

جي يو آءِ (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته حڪومت پاران ڪجهه شرطن تحت مدرسن جي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي پر مدرسن جي رجسٽريشن جي سلسلي ۾ اسان ڪو به شرط قبول نه ڪنداسين، جڏهن ته ڪنهن به شرط کان آجا رهندي اسان مدرسن جي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ راضي آهيون.

انهيءَ سڄي معاملي جو مکيه نڪتو اهو آهي ته، صوبي جا ڪيترائي مدرسا پهريان موجود قانون تحت رجسٽر ٿيل آهن جن کي نئين قانون تحت نئين سِر رجسٽريشن ڪرائڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي. مجوزه نئين قانون تحت مدرسن کي چيو ويندو ته اهي رجسٽريشن ڪرائڻ کان اڳ سنڌ جي گھرو معاملن واري سيڪريٽري، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کان ڪو به اعتراض نه هجڻ (نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ) جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن.

اهو اين او سي حاصل ڪرڻ خاطر مدرسي جي انتطاميا پابند هوندي ته اهي مدرسي جي تعمير ۽ پرڏيهي طالبن متعلق سمورا تفصيل صوبائي حڪومت جي اختيارين کي فراهم ڪري. جڏهن ته مدرسن جي پرڏيهي طالبن کي وري هتي تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي ملڪن کان ڌار اين او سي حاصل ڪري جمع ڪرائڻو پوندو. قانون تحت مدرسي جي انتظاميا پابند رهندي ته چندي ۽ مالي امداد جا سمورا تفصيل به حڪومت کي فراهم ڪري.

راشد محمود سومرو اهڙي ڪنهن به قانوني طريقه ڪار ۾ حصو وٺڻ کان بلڪل انڪار ڪندي چيو ته مذهب جي تبليغ يا مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ کين اهڙي ڪنهن به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي. سنڌ حڪومت ساڻن واعدوڪيو هيو ته اهڙي نوعيت جي قانونسازي مذهبي پارٽين ۽ مذهبي اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد ڪئي ويندي.

راشد محمود سومرو اهو چتاءُ پڻ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي واعدي جو ڀرم رکڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي ته پوءِ هو پنهنجو احتجاج ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندا. مدرسن جا لاڳاپا دهشتگرد تنظيمن يا پابندي مڙهيل گروپن سان قائم هجڻ جي ترديد ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته ”انهيءَ قسم جا سمورا الزام بي بنياد آهن. هو دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي حمايت ناهن ڪندا .

مدرسن جي رجسٽريشن متعلق بل هڪ سال اڳ سنڌ اسميبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو پر مذهبي پارٽين جي سخت مخالفت سبب ئي ان جي منظوري عمل ۾ اچي ناهي سگھي.

سنڌ جي وڏي وزير جي مذهبي معاملن بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو جو چوڻ هو ته حڪومت پاران مذهبي اڳواڻن ۽ پارٽين سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون ويون پر اهي ڳالهيون ڪنهن به اتفاق راءِ تي پڄي نه سگھيون.

سنڌ حڪومت جي واپار ۽ صنعتن واري کاتي وٽان حاصل ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، صوبي ۾ ڪل 16 هزار ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان اڌ کان وڌيڪ رجسٽر ٿيل نه آهن.

اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي ميڊيا اسٽڊيز شعبي پاران 2012 ۾ ڪيل هڪ تحقيقي اڀياس ۾ چيل آهي ته اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جڏهن مدرسن جي شاگردن کي نظرياتي پرچار وسيلي انتهاپسنديءَ جي ترغيب ڏني وئي ۽ کين افغانستان ۾ موجود سوويت يونين جي فوج سان ويڙهه لاءِ اماڻيو ويو. ان لاءِ مدرسن جي ڇنڊڇاڻ انهيءَ دور کان وٺي ڪري سگھجي ٿي.

انهيءَ رپورٽ ۾ چيل آهي ته پاڪستان ۾ مدرسن جي سڌاري لاءِ کڄندڙ هر قدم ناڪام ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته مدرسن جي ڇنڊڇاڻ اڻپوري جاچ ۽ قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب مڪمل ناهي ٿي سگهي.

انهيءَ تحقيقي رپورٽ مطابق، 1947 ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ڪل 245 مدرسا موجود هئا جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اڄ پاڪستان اندر لڳ ڀڳ 50 هزار مدرسا کلي چڪا آهن. پاڪستان جا رجسٽر مدرسا امتحانن، نصاب، فين جي تعين ۽ ٻين ضروري اصولن خاطر پنج مختلف بورڊن سان الحاق رکن ٿا.

وفاق المدارس (مدرسن جي فيڊريشن) جي سربراهه محمد حنيف جالنڌريءَ به سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل قانوني مسودي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته 2004 ۽ 2010 ۾ پاڪستان جي حڪومت پاران واعدو ڪيو ويو هيو ته جيڪي به مدرسا پهريان موجود قانون تحت رجسٽر ٿيل آهن انهن کي ٻيهر رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ نه چيو ويندو. سنڌ حڪومت به اهڙو ئي واعدو ڪيو هيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي بابت وفاق المدارس سان مشاورت ڪئي ويندي پر ايئن نه ٿيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here