پشاور: گھٽين ۾ گھمندڙ رُولو جانورن سان ماڻهو جيڪو خراب سلوڪ ڪندا آهن ڇا توهان اهو ڏسي، ڏسي ٿڪجي پيا آهيو؟ ڇا ڪاسائين جي دڪانن ۽ ڪچري وارن دٻن ٻاهران کاڌي جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ بکايل ٻِلين ۽ ڪتن کي ڏسي توهان جي دِل کي ڪڏهن جھٻو ايندو آهي؟ يا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته هڪ گُلِر (ڪتي جي ٻچڙي) کي به طبي علاج جي ضرورت هوندي آهي؟

توهان اهڙن رولو جانورن جيڪي ماڻهن جا ستايل، انهن کان مار کائيندا هجن اهڙن بدنصيب ڪتن ۽ ٻلين کي هاڻي پشاور ۾ سندن پالنا ۽ سار سنڀال لاءِ کليل مرڪز ۾ ڇڏي وڃي سگھو ٿا، جتي سندن پرگھور لڌي ويندي ۽ کين کاڌو ڏنو ويندو.

آمريڪي نزاد پاڪستاني شهريءَ زيبا مسعود ”لَڪ اينيمل پروٽيڪشن شيلٽر“ نالي اهو مرڪز پشاور ۾ قائم ڪيو آهي، جتي گھٽين ۾ خطرناڪ انداز سان زندگي گذاريندڙ رولو جانورن کي پناهه ڏني ويندي. زيبا مسعود دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ”نه صرف پشاور پر سموري خيبرپختونخواه صوبي ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون اهڙو هنڌ آهي جتي رولو جانورن کي پناهه ڏني ويندي. هي مرڪز قائم ڪرڻ جو واحد مقصد اهو ئي آهي ته بري ورتاءَ جو شڪار ٿيندڙ جانورن کي تحفظ ڏنو وڃي.

رولو جانورن لاءِ پناهه گاهه قائم ڪرڻ واروخيال زيبا مسعود کي تڏهن آيو جڏهن هوءَ ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان آئي ۽ ڏٺائين ته شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رولو جانورن سان روزانو ۽ هر وقت انتهائي خراب ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. ٻئي طرف زيبا مسعود جي مشاهدي ۾ اها ڳالهه پڻ آئي ته اهي ماڻهن لاءِ پڻ خطري جو سبب بڻيل آهن ۽ سندن چڪيل ماڻهن کي ”ڇتائپ“ جي بيماري لڳي سگھي ٿي.

خيبرپختونخواه صوبي ۾ طبي علاج جي سڀ کان وڏي مرڪز ”ليڊي ريڊنگ اسپتال“ ۾ روزانو جانورن جا ڏاڙهيل 30 ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا. ”ڊسٽرڪٽ هيلٿ انفارميشن سسٽم“ پاران ترتيب ڏنل رپورٽ مطابق هلندڙ سال جي جنوريءَ کان مارچ مهينن دوران خيبرپختونخواه صوبي ۾ ڪتن پاران ڏاڙهڻ جا 17 هزار 841 ڪيس درج ٿيا.

رپورٽ ۾ اهو به واضح ٿيل آهي ته 43 خطرناڪ ترين بيمارين ۾ ڪتي جي چڪ سبب ٿيندڙ بيماريءَ کي 23 نمبر مليل آهي. ڪتي چڪيل مريضن جو علاج خيبرپختونخواه جي بنيادي ۽ ثانوي نوعيت وارين اسپتالن ۾ ايمرجنسي شعبي پاران ڪيو ويندو آهي.

جيئن ته ڪتا انسانن لاءِ نقصانڪار پڻ آهن ان ڪري سرڪاري اختيارين وٽ انهن کي روڪڻ لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به حيلو وسيلو نه آهي، سواءِ ان جي ته کين زهر ڏئي ماريو ويندو آهي.

آگسٽ 2016 ۾ ڪتي جي چڪ سبب ٿيندڙ بيماريءَ ”ريبيز“ کي روڪڻ ۽ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري عمل تي ضابطو آڻڻ خاطر ڪراچيءَ ۾ اختيارين پاران 7 سو ڪتن کي زهر ڏئي ماريو ويو. پشاور جي ضلعي انتظاميا به ڪتن جي آباديءَ تي قابو پائڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ڪتي جي ڇڪ کان محفوظ رکڻ لاءِ گرمين جي مند ۾ ساڳيو عمل سرانجام ڏيندي رهندي آهي.

جانورن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ زيبا مسعود جو چوڻ هو ته سموري ملڪ ۾ رولو جانورن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو. ”اسانجي مرڪز ۾ جيڪي 30 جانور آندا ويا آهن اسان سڀني کي ويڪسين ڪئي آهي ته جيئن سندن آباديءَ تي ضابطو رکي سگھجي ۽ اهي نقصانڪار نه ٿي سگھن“.

زيبا مسعود جو مڙس جاويد خان به جانورن سان لڳاءُ رکندڙ شخص آهي ۽ رولو جانورن لاءِ مرڪز ٺاهڻ واري ڪم ۾ زال جو هٿ ونڊائي رهيو آهي. جاويد خان جو چوڻ هو ته ”اسان ٻين جانورن کي به هن مرڪز ۾ تحفظ ڏيڻ خاطر وڌيڪ سهوليتون مهيا ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون ته جيئن هتي ايندڙ جانورن کي مناسب سک ملي سگھي“.

جاويد خان جي ڳالهين مطابق رولو ڪتن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ تي روزانو 10 کان 15 ڊالر خرچ اچي ٿو ۽ جانورن کي خوراڪ ۾ گوشت، ڊبل روٽي ۽ ڪتن جو مخصوص کاڌو ڏنو وڃي ٿو. هن جو چوڻ هو ته، هن مرڪز ۾ سهولتن جي واڌ خاطر اسان کي مالي مدد ۽ رضاڪارن جي َضرورت آهي ڇو ته زيبا هي مرڪز ٽي مهينا اڳ قائم ڪيو.

اسان مقامي ماڻهن کي به هن ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي مالي مدد، جانورن جي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ يا رضاڪاراڻي انداز سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين. هن مرڪز لاءِ مالي مدد گڏ ڪرڻ خاطر ”سيو دي اينيملز اِن پشاور“ جي نالي سان چندي واري مهم هلائي وڃي ٿي ۽ ان مهم جي نتيجي ۾ هن مهل تائين 487 ڊالر گڏ ٿيا آهن.

ٻنهي زال مڙس پاران فيس بوڪ تي ”لڪي اينيمل پروٽيڪشن شيلٽر- LAPS“ جي نالي سان پيج هلايو پيو وڃي. جتي روزانو جي معمول وارين سمورين سرگرمين جي ڄاڻ رکي وڃي ٿي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي سٺي ڪم جي ڄاڻ ملي ۽ اهي جيڪڏهن هتي اچي مرڪز جو جائزو وٺڻ چاهين ته سندن حوصلو وڌائي سگھجي. جاويد خان ٻڌايو ته ”سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ردعمل مثبت آهي يا جيڪي ماڻهو هن مرڪز ۾ ذاتي طور به هلي اچن ٿا اهي اسانجي حوصلي افزائي ڪندا رهن ٿا“.

جانورن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪارڪنن جي راءِ آهي ته رولو جانورن بابت قانونن جي عدم موجودگي به هن معاملي ڏانهن حڪومت جي غيرسنجيدگيءَ جو واضح مثال آهي.

ورلڊ وائيلڊ لائيف فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) پاڪستان جي سربراهه حميره عائشه جو چوڻ هو ته چئني صوبن ۾ صرف گھرن اندر پالجندڙ جانورن بابت ”پريوينشن آف ڪروئلٽي آن اينيملز ايڪٽ (پي سي اي اي) 1890“ قانون لاڳو ٿيل آهي ۽ اهو به هاڻي مدي خارج ٿي چڪو آهي. جڏهن ته پنجاب صوبي انهيءَ حوالي کان هڪ قدم اڳتي وڌائيندي انهيءَ قانون تحت ”سوسائٽي فار پريوينشن آف ڪروئلٽي (ايس پي سي اي) ٽو اينيملز“ قائم ڪئي آهي.

1890 جو اهو قانون صرف گھرن اندر پلجندڙ جانورن جي حقن جو احاطو ڪري ٿو جنهن ۾ جانورن سان خراب ورتاءُ ڪرڻ وارن لاءِ سزائن ۽ ڏنڊ جو ذڪر به ٿيل آهي. اهو قانون 1959 کان اسلام آباد کان علاوه باقي سموري پاڪستان ۾ لاڳو ٿيو ۽ اسلام آباد مٿان هي قانون 1981 ۾ لاڳو ڪيو ويو.

ننڍي کنڊ جي انگريز حڪومت پاران ترتيب ڏنل انهيءَ قانون ۾ هن مهل تائين 03 ڀيرا ترميمون ڪيون ويون. آخري ترميم 15 ڊسمبر 1937 تي ڪئي وئي، پر آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان ۾ اقتدار ماڻيندڙ حڪومتن هن قانون ۾ ڪا به تبديلي متعارف ناهي ڪرائي. جنهن ڪري قانون ۾ رکيل 50 کان 5 سو روپين وارو ڏنڊ اڃان به ساڳيو 1937 جي دور وارو برقرار آهي.

جانورن جي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ حميره عائشه جهڙن ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته اهو ئي سبب آهي جو ڄاڻايل قانون پنهنجو موثر ڪردار وڃائي چڪو آهي. ان کان علاوه قانون تي موثر انداز سان عمل ڪرائڻ جو به ڪو طريقه ڪار موجود نه آهي. حميره جو چوڻ هو ته ”قانون کي موثر ڪرڻ لاءِ ڏنڊ کي وڌائڻو پوندو ۽ اهڙا قدم کڻڻا پوندا جو هي قانون چئني صوبن ۾ سرگرم انداز سان لاڳو ٿيندو رهي“.

Leave a Reply