ڊيرا اسماعيل خان: قبائلي علائقي فاٽا جي انهن سوين لائق ۽ غريب شاگردن جن کي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن انهن ويڙهه جي لهر ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ ان جي مخالف رخ ۾ هلڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. جنهن بعد والدين جي مشاهدي ۾ آيو آهي ته، تعليم ئي اهو وسيلو آهي جنهن جي مدد سان ويڙهه وارن لاڙن کي روڪي سگھجي ٿو.

هڪ قبائلي چڱي مڙس محمد نور جو چوڻ هو ته، تعليم جو موقعو نه ملي سگھڻ جي ڪري ئي ويجهڙائيءَ واري ماضيءَ دوران پاڪستان جي قبائلي علائقن جا رهواسي سوين اڻپڙهيل نوجوان طالبان جي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويا.

قبائلي چڱي مڙس ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ويڙهه مان جند آجي ڪرائڻ جا جيڪي به حيلا وسيلا موجود آهن انهن مان تعليم ئي بهترين وسيلو آهي. جن نوجوانن کي اسڪالرشپ ڏني وئي آهي انهن کي به جيڪڏهن اها سهولت نه ملي ها ته ٿي سگھي ٿو ته اهي به تخريبڪارن سان گڏجي پون ها.

ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ نائين ڪلاس جي شاگرد نقيب الله جو چوڻ آهي ته، اسڪالر شپ ملڻ جي نتيجي ۾ منهنجو پيءَ منهنجي پڙهائيءَ وارن خرچن ڀرڻ کان آجو ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو آهي ته ”نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جيڪڏهن کيس اڳتي به اسڪالر شپ ڏيندي رهندي ته هو ڊاڪٽر بڻجي مفت طبي ڪيمپون لڳائي پنهنجي علائقي جي ماڻهڻ جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو.

نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اِي او) ڊاڪٽر شيرزاده خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”اسڪالر شپ ڏيڻ جي سلسلي ۾ اسان اهڙن غريب ٻارن کي ترجيح ڏني آهي جيڪي مستحق هئا ۽ اسڪول وڃي نه پئي سگھيا“.

فاٽا رسرچ سينٽر (ايف آر سي) پاران ”فاٽا ۾ تعليم مٿان پيل ويڙهه پسنديءَ جا اثر“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل تحقيقي جرنل مطابق ”تعليم انهن اهم شعبن مان هڪ آهي جنهن کي طالبان پاران خاص طور تي نشانو بڻايو ويو“. طالبان ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ رتوڇاڻ واري ويڙهاند کانپوءِ قبائلي پرڳڻو افراتفري ۽ بحران واري صورتحال کي ڀوڳي چڪو آهي.

”فزيشن فار سوشل ريسپانسبلٽي (پي ايس آر)“ نالي هڪ اداري مطابق، ميڊيا خبرون ڏيندي رهي آهي ته، گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سموري پاڪستان اندر تشدد جا جيڪي واقعا ٿيا انهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 80 هزار (تخريب ڪار، سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ عام شهري) مارجي چڪا آهن.

ڊاڪٽر شيرزاده خان چيو ته، ادارن مٿان سماجي ڀلائيءَ بابت جيڪي ذميواريون (ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽيز) لاڳو ٿين ٿيون انهن مطابق اين ٽي ايس شاگردن کي پهريان ئي ملڪ اندر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر اسڪالرشپس ڏيندي رهي ٿي.

هن اهو پڻ چيو ته ”قبائلي علائقا دهشتگرديءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل رهيا آهن. ان ڪري اسان فيصلو ڪيوسين ته انهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگرد اسڪالر شپ جي سهولت حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ حقدار آهن“.

ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ جي ڪري تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزارت سان لاڳاپيل هڪ سينيئر عملدار اين ٽي ايس جي اسڪالر شپ بابت راءِ ڏيندي چيو آهي ته ”فاٽا جي مستحق ۽ غريب ٻارن کي اين ٽي ايس پاران اسڪالر شپ ڏيڻ وارو قدم انتهائي ساراهه جوڳو آهي“.

فاٽا سيڪريٽريٽ ۽ شماريات واري بيورو پاران ڪرايل هڪ سروي مان واضح ٿيو آهي ته، فاٽا ۾ خواندگيءَ جي مجموعي شرح 33.3 سيڪڙو آهي ۽ 2013-14 دوران ملڪي سطح تي خواندگيءَ جي جنهن شرح جي ڪٿ ڪئي وئي، انهيءَ 58 سيڪڙو واري شرح جي ڀيٽ ۾ فاٽا واري شرح تمام گھٽ آهي.

ساڳيءَ ريت فاٽا ۾ بالغ فردن جي خواندگيءَ جي شرح 28.4 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ملڪي سطح جي شرح 57 سيڪڙو آهي. ان کان علاوه فاٽا ۾ صنفي فرق مطابق خواندگيءَ جي شرح کي ڏسبو ته ان ۾ به وڏو تفاوت موجود آهي. فاٽا جي مردن ۾ خواندگيءَ جي شرح 45 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح صرف 7.8 سيڪڙو آهي.

نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي سي ايس آر شعبي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ مديحه اسلم ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو آهي ته، اسانجي اداري پاران ابتدائي طور تي دهشتگرديءَ سبب سڀ کان گھڻي متاثر ٿيل ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ جي 589 شاگردن کي اسڪالرشپ وٺڻ جو موقعو ڏنو ويو.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”اسان مستحق شاگردن جي مالي حيثيت جي تفصيلن جي تصديق سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ ريت،  وزيرستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم جنهن کي ”محسود ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جي مدد سان ڪرائي سين“.

مديحه اسلم جو چوڻ هو ته، عام طور تي اين ٽي ايس پاران سموري ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي سندن ضرورت مطابق 1370 اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آهن، پر اپريل 2016 کان ضرورتن جي بنياد تحت فاٽا جي پهرين درجي کان ماسٽرز سطح جي مستحق شاگردن کي پهريون ڀيرو هڪ سال لاءِ اسڪالرشپ ڏني وئي آهي.

ڊاڪٽر شيرزاده خان جو چوڻ هو ته ”ابتدائي طور تي اسڪالرشپ لاءِ اسان 10 ملين روپين جي منظوري ڏني آهي ۽ اسان اسڪالرشپ ڏيڻ وارو عمل مستقبل ۾ به جاري رکنداسين“. هن واضح ڪيو ته ”اسڪالرشپ جاري رکڻ بابت اين ٽي ايس پاران اهليت جا سخت شرط مقرر ٿيل آهن ان مطابق صرف اهي مستحق شاگرد ئي تعليم جاري سگھندا جن جي تعليمي ڪارڪردگي بهتر نظر ايندي. اهليت جي هن معيار تي جيڪي شاگرد پورا لهندا اسان اهڙن ضروتمند شاگردن جي مدد جاري رکندا اينداسين“.

تعليم، تربيت ۽ اعليٰ تعليم جي معيار بابت پاڪستان حڪومت جي وفاقي وزارت پاران يونيسڪو پاڪستان ۽ يونيسيف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان ”ايجوڪيشن فار آل 2015“ بابت جائزي واري رپورٽ تيار ڪئي آهي.

رپورٽ نشاندهي ڪري آهي ته، پاڪستان ۾ تعليم جا محرڪ افسوسناڪ حد تائين گھٽتائيءَ جو شڪار آهن. رپورٽ اها معلومات به فراهم ڪري ٿي ته پاڪستان اندر پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ واري عمر جي ڪل ٻارن مان هڪ ڀاڱي ٽي ٻار اسڪولن ۾ داخل نه آهن ۽ ملڪ جي 42 سيڪڙو آبادي (جنهن جي عمر 10 سال يا ان کان مٿي آهي) اها اڻپڙهيل آهي.

ان کان علاوه رپورٽ ۾ اها نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته، قومي سطح تي 15 سالن يا ان کان مٿي واري عمر جون ٻه ڀاڱي ٽي عورتون پڙهي ۽ لکي نه ٿيون سگھن جڏهن ته 35 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪولن ۾ تعليم نه ٿيون پرائين.

پرائمري سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ صنفي نوعيت جي برابريءَ جي شرح 0.82 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ اهو ڪاٿو به لڳايو ويو آهي ته ملڪ جا 6.7 ملين ٻار اسڪولن ۾ تعليم ناهن پرائي رهيا ۽ انهن ۾ اڪثريت ڇوڪرين (62 سيڪڙو) جي آهي.

دستاويزن مطابق، اين ٽي ايس جو قيام جولاءِ 2002 ۾ تڏهن عمل هيٺ آيو، جڏهن حڪومت پاڪستان پاران نيشنل ايجوڪيشن پاليسي (1998-2010) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ (آءِ ٽيءَ) بابت پاليسي تيار ڪرڻ خاطر ملڪي سطح تي هڪ ٽيسٽنگ سروس جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

هي ادارو ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي اهليت جي بنيادن واري معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاطر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. يونيورسٽين توڙي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي تعليم ڏيندڙ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ داخلا خاطر اين ٽي ايس پاران ورتي ويندڙ ٽيسٽ ۽ ان جو معائنو ڪرڻ هاڻي هڪ شرط طور لاڳو ٿي چڪي آهي.

وارث خان نالي هڪ قبائليءَ جنهن جي پٽ کي اسڪالرشپ ملي آهي، ماضيءَ کي ياد ڪندي ٻڌايو ته ”اهڙن اڻ ڳڻين ٻارن جيڪي دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جي ڪري دربدر ٿيا انهن کي هاڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو هٿ آيو آهي“.

هن ڏکارو لهجو اختيار ڪندي ٻڌايو ته ”مونکي پنجن پٽن جو اولاد آهي پر مان کين تعليم ڏياري نه سگھيس ڇو ته 7 سال اڳ پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻئي هنڌ رهڻ جي ڪري مونکي ٻين ڪيترن ئي اصافي خرچن کي برداشت ڪرڻو پئجي ويو“.

وارث خان چيو ته، اين ٽي ايس جيئن ته فين جي ادائيگيءَ جي سلسلي ۾ مالي سهڪار فراهم ڪيو آهي ان ڪري منهنجو پٽ ۽ ڀائيٽو هاڻي اسڪول وڃي سگھندا.

هڪ قبائليءَ محمد نواب جي پٽ کي به اسڪالر شپ ملي آهي. محمد نواب چيو آهي ته جن ٻارن کي اسڪالر شپ جو فائدو حاصل ٿيو آهي انهن ۾ گھڻائي اهڙن ٻارن جي آهي جيڪي يتيم يا انتهائي غريب آهن ۽ وٽن اهڙي مالي گنجائش موجود نه هئي جو هو تعليم حاصل ڪري سگھي.

هن معاملي بابت راءِ ڏيڻ لاءِ فاٽا سان تعلق رکندڙ پوليس جي ريٽائرڊ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) رحمت خان سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هيو ته ”اين ٽي ايس پاران مستحق شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ وارو فيصلو مناسب وقت تي مناسب قدم آهي“. رحمت خان اهو پڻ چيو ته، مان پراميد آهيان ته اها اسڪالر شپ هڪ مثبت تبديليءَ وارو انقلاب آڻڻ جو سبب بڻجندي.

اين ٽي ايس سان لاڳاپيل مديحه اسلم ٻڌايو آهي ته ”آڪٽوبر 2016 تائين سٺي ساک رکندڙ سهڪاري توڙي شراڪت دار ادارن ۽ تنظيمن جا 14.5 ملين اميدوار اين ٽي ايس جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ حصو وٺي چڪا آهن“.

اسڪالر شپ مان فائدو وٺڻ واري شاگرد نقيب الله جو چوڻ آهي ته ”مونکي پنهنجي اسڪول جي ٽن مهينن جي فيس اڳواٽ ڀري ڇڏڻ جيتري رقم ڏني وئي آهي، ان کان علاوه مونکي ڪجهه خرچي پڻ ملي آهي“.

ڊاڪٽر شيرزاده خان عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ڪندڙ ٻين مخير ادارن کي به تاڪيد ڪئي آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ ملڪ توڙي قوم جي وسيع تر مفادن خاطر مستحق ٻارن کي تعليم ڏيارڻ واري ڪم ۾ هٿ ونڊائين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here