پشاور: سرڪاري اسڪولن بابت سالياني شمارياتي رپورٽ مان اهو انڪشاف ٿيو آهي ته، خيبرپختونخواه صوبي ۾ هزارين اسڪول اهڙا به آهن جيڪي بنيادي نوعيت وارين سهولتن  جن ۾  پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ ڪاڪوس شامل آهن، کان محروم آهن.

ايجوڪيشن مئنيجمنٽ انفارميشن سسٽم (EMIS) جي تازي سالياني رپورٽ 2014-15 ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ انهن اسڪولن جو تعداد 4 هزار 473 آهي جيڪي چارديواريءَ کان محروم آهن، 8 هزار 219 اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود نه آهي، 10 هزار 213 اسڪولن ۾ بجليءَ جي اڻهوند ۽ 3 هزار 900 اسڪولن ۾ ڪاڪوس تعمير ٿيل نه آهن.

رپورٽ ۾ خيبرپختونخواه صوبي جي 25 ضلعن ۾ قائم پرائمري، مڊل، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جو جائزو ورتو ويو آهي، جڏهن ته ان رپورٽ جي تياريءَ ۾ مسجد اسڪولن ۽ تعليم ڏيندڙ مدرسن کي شامل ناهي ڪيو ويو.

تعليم کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، صوبي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ان کان مختلف نوعيت وارا مسئلا پڻ موجود آهن جن ۾ استادن، ڪلاس رومن، فرنيچر، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليبارٽريون شامل آهن، جي پڻ کوٽ موجود آهي ۽ انهن سهولتن جي اڻهوند متعلق ڪي به سرڪاري انگ اکر موجود نه آهن.

تعليم کاتي ۾ مقرر هڪ سرڪاري آفيسر، ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب نالو راز ۾ رکندي ٻڌايو ته خيبرپختونخواه صوبي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران پنهنجي قيام جي ابتدائي ڏينهن ۾ اها دعويٰ ڪئي هئي ته نئين حڪومت صوبي جي تعليم واري شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻيندي پر سرڪاري انتطام هيٺ اسڪولن ۾ جيڪا صورتحال موجود آهي اها ته هڪ ٻي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي.

انهيءَ سرڪاري عملدار اهو پڻ چيو ته صوبي جي گاديءَ واري شهر پشاور سميت ڪيترن ئي ضلعن جا سرڪاري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن جنهن ڪري اهي اسڪول تعليم پرائڻ لاءِ غير مناسب جڳهه بڻيل آهن.

پشاور ضلعي جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاراما (ڇوڪرن لاءِ) انهن اسڪولن مان هڪ آهي جتي سهولتن جي اڻهوند آهي. اهو اسڪول پشاور جي پسگردائيءَ واري علائقي ۾ چارسده روڊ تي واقع آهي جتي فرنيچر ۽ استادن جي گھڻي کوٽ آهي. انهيءَ اسڪول جي پرائمري سيڪشن جي استاد محمد طاهر خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پرائمري سيڪشن ۾ پڙهندڙ 650 شاگردن لاءِ فرنيچر جو ڪو هڪ اسم به موجود نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڀئي ٻار پَٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا.

محمد طاهر خان جو چوڻ هو ته، پرائمري سيڪشن ۾ استادن ۽ ڪلاس رومن جي به کوٽ آهي. انهن ساڍا ڇهه سو شاگردن لاءِ 11 ڪلاس روم ڏنل آهن جنهن ڪري ٻارن کي سوڙهه ۾ ويهي پڙهڻو پوي ٿو. حڪومت پاران هڪ ڪلاس روم اندر 40 ٻار پڙهائڻ جو معيار مقرر ڪيو ويو آهي پر ان جي ابتڙ کين ڪجهه ڪلاسن ۾ هڪ سو کان به وڌيڪ ٻار ويهارڻا پون ٿا.

انهيءَ پرائمري استاد جو چوڻ هو ته شاگردن سان سٿيل اهڙن ڪلاس رومن اندر سهولتن جي اڻهوند واري ماحول ۾ شاگردن کي پڙهائڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇو ته پرائمري سيڪشن ۾ داخل سوين ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ صرف 11 استاد مقرر آهن.

طاهر خان وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب تعليم پرائڻ واري سلسلي ۾ ڪيتريون ئي پيچيدگيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. استاد لاءِ هر هڪ ٻار مٿان ڌيان ڏئي کيس سٺي طريقي سان پڙهائڻ انتهائي مشڪل ٿي پوي ٿو ۽ اهو ممڪن ئي نه آهي ته هر استاد هر هڪ ٻار کي توجهه ڏئي سگھي.

انهيءَ اسڪول جي ”استادن ۽ والدين جي ڪائونسل (پي ٽي سي) جي هڪ ميمبر زرشاد احمد فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ واري مسئلي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته حڪومت اسڪولن جي پي ٽي سيز کي محدود مالي وسيلا مهيا ڪري ٿي جنهن ڪري اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي.

صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم اسڪولن جي حالت به گھڻي سڌريل نه آهي. مردان ضلعي جي ڏورانهين علائقي ڳڙهي اسماعيل زئيءَ ۾ واقع گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر 3 ۾ شاگردن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر موجود نه آهي جڏهن ته استادن ۽ ڪلاس رومن جي کوٽ پڻ آهي.

انهيءَ اسڪول جي هڪ استاد حشمت خان ٻڌايو ته، اسڪول ۾ 130 شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ اچن ٿا جن لاءِ صرف ٻه استاد مقرر ٿيل آهن جڏهن ته فرنيچر جي اڻهوند سبب شاگرد زمين تي چادرون وڇائي ويهندا آهن ۽ اهي چادرون به شاگرد پنهنجي گھرن مان ساڻ کڻي ايندا آهن.

حشمت خان ٻڌايو ته اسڪول جي صرف ٻن ڪلاس رومن ۾ سمورن شاگردن کي ويهاري نه ٿو سگھجي ان ڪري اڌ جيترن شاگردن کي اسڪول جي پڌر ۾ ويهاري پڙهائيندا آهيون توڙي جو موسم اهڙو ناهي هوندو جو ٻارن کي کليل فضا ۾ ويهارجي ان ڪري سکڻ ۽ سيکارڻ وارو عمل مشڪلاتن جو شڪار رهندو آهي.

واضح رهي ته ملڪ جي آئين ۾ 2010 دوران جيڪا 18 هين ترميم آندي وئي ان تي عمل ٿيڻ جي نتيجي ۾ تعليم هاڻي مڪمل طور تي صوبن جي ذميواري آهي.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي سالياني تعليمي رپورٽ مطابق ”صوبائي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ جيڪي مالي وسيلا رکيا وڃن ٿا انهن ۾ مسلسل گھٽتائي اچي رهي آهي، مالي سال 2013-14 جي بجيٽ ۾ 29.3 سيڪڙو، مالي سال 2014-15 جي بجيٽ ۾ 24.5 سيڪڙو ۽ مالي سال 2015-16 جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مالي وسيلا 24.5 سيڪڙو گھٽ رکيا ويا آهن.

ان هوندي به خيبرپختونخواه حڪومت جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جا تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ متعلق حوصلا بلند نظر اچي رهيا آهن. انهيءَ ڊائريڪٽوريٽ جي اعليٰ سطحي ڪاموري ادريس اعظم جو چوڻ هو ته هو جنگي بنيادن تي اهڙا اپاءَ وٺي رهيا آهن جن وسيلي صوبي جي تعليم واري شعبي ۾ موجود مسئلن کي جلد ختم ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته، صوبي جي سمورن اسڪولن ۾ فرنيچر، ڪلاس رومن، چارديواري، ڪاڪوسن ۽ پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت 21 ارب روپيا رکيا آهن. هن ٻڌايو ته، سال 2015-16 دوران 15 ارب روپيا اسڪولن ۾ بنيادي نوعيت وارين ضرورتن جي پورائي خاطر ۽ 6 ارب روپيا ايندڙ مالي سال دوران خرچ ڪيا ويندا.

ادريس اعظم پاران ڏنل معلومات مطابق، پيرينٽس اينڊ ٽيچرز ڪائونسل معرفت هر هڪ نئين ڪلاس روم جي تعمير لاءِ  7 لک روپيا خرچ ڪيا ويندا ۽ سڄي صوبي ۾ 4 هزار نوان ڪلاس روم پهريان ئي اڏجي چڪا آهن.

ڪلاسن جي کوٽ متعلق هن جو چوڻ هو ته، ماضيءَ ۾ صوبي جي پرائمري اسڪولن ۾ 2 ڪلاس روم ۽ 2 استاد رکيا ويندا هئا پر هاڻوڪي حڪومت ان معيار کي بهتر ڪندي هر اسڪول ۾ 6 ڪلاس روم ۽ 6 استاد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ادريس اعظم اهو پڻ ٻڌايو ته، نومبر جي پهرين هفتي دوران اهڙي ئي هڪ اسڪول جو افتتاح ڪوهاٽ ۾ ٿي چڪو آهي.

هن جو چوڻ هو ته، حڪومت انهيءَ ڳالهه کان چٽيءَ ريت واقف آهي ته اسڪولن ۾ استادن جي به کوٽ آهي ان ڪري مختصر وقت دوران هزارين نون استادن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. حڪومت پاران ويجهڙائيءَ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ 2018 جي آخر تائين صوبي ۾ اهڙو هڪ به اسڪول باقي نه رهندو جتي استادن جي کوٽ هوندي.

ادريس اعظم وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي آگاهه ڪيو ته، 83 هزار کان وڌيڪ استادن کي برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان ٽريننگ ڏياري ويندي ۽ ٽريننگ جو اهو عمل ترت شروع ٿي ويندو.

هڪ غير سرڪاري ۽ غير منافع بخش اداري ”سينٽر فار گورننس اينڊ پبلڪ اڪائونٽبلٽي“ جي پروگرام مئنيجر ملڪ مسعود احمد جو چوڻ هو ته اسڪولن جي سڌاري لاءِ هلندڙ ڪم جي رفتار تمام سست آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ هن حڪومت جي تعليم جي شعبي اندر ڪارڪردگي ڪنهن حد تائين بهتر آهي ان هوندي به اها ڪارڪردگي پي ٽي آءِ جي دعوائن تي پوري نه ٿي لهي.

تعليم جي شعبي ۾ ڪجهه اهڙا محرڪ آهن جن ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي پر تعليم جي هر هڪ محرڪ ۾ 2017 تائين انقلابي تبديليون آڻڻ واري ڳالهه پوري ٿيندي نظر نه پئي اچي، خاص ڪري فرنيچر جو پورائو ٿيندي نظر نه پيو اچي ڇو ته اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ ان مقصد خاطر جهجها مالي وسيلا به گھربل آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here