ڪراچي: 60 سالن جي پوڙهي عورت حاجره جي من ۾ اها اميد جاڳي پئي آهي ته گذريل ٽن سالن کان ڀارت جي جيل ۾ قيد سندس 18 سالن جو پٽ رشيد ملاح جلد آزاد ٿي ايندو.

حاجره جي اها اميد وڌيڪ پختي تڏهن ٿي، جڏهن پاڪستاني حڪومت طرفان ڊسمبر 2016 ۾ 439 ۽ جنوري 2017 ۾ وڌيڪ 219 ڀارتي ملاحن کي آزاد ڪيو ويو. حاجره ٻڌايو ته 2014 ۾ ڀارتي ڪوسٽ گارڊ جي اهلڪارن رشيد ۽ ان جي ٻيڙيءَ کي ان وقت حراست ۾ ورتو جڏهن هو عربي سمنڊ ۾ مڇي ماري رهيو هو.

ڏکاري لهجي ۾ ڳالهه ڪندي حاجره ٻڌايو ته، جن ڏينهن ڀارت جي والار هيٺ رهندڙ ڪشمير جي اڙيءَ واري علائقي ۾ تخريب ڪاريءَ جو واقعو ٿيڻ بعد ڪنٽرول لائين تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي ته ان ڇڪتاڻ کي سبب پٽ جي جلد آزاديءَ متعلق منهنجي اميد دم ٽوڙڻ لڳي هئي. واضح رهي ته 18 سيپٽيمبر 2016 واري ڏهاڙي دهشتگردن اڙيءَ ۾ ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ 19 زخمي ٿيا.

25 ڊسمبر 2016 آچر واري ڏهاڙي ۽  5 جنوري 2017 تي ايڌي فائونڊيشن ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم جا رضاڪار ملير لانڍي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد پنهنجي ملڪ ويندڙ 439 ڀارتي ملاحن کي نيڪ تمنائن سان سندن ملڪ رواني ڪرڻ لاءِ پهتا.

ايڌي فائونڊيشن جي پيٽرن اِن چيف فيصل ايڌيءَ ٻڌايو ته ايڌي فائونڊيشن پاران آزادي ماڻيندڙ هر هڪ ڀارتي ملاح کي 5 سو روپيا نقد، ڪپڙا ۽ ناشتو مهيا ڪيو ويو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته انهن ملاحن ڪراچيءَ کان واگها بارڊر تائين جيڪو سفر ڪيو ان جو خرچ به سندن اداري ڀريو.

ملير ڪراچيءَ ۾ واقع لانڍي جيل جي اختيارين مطابق، وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل حڪمنامي جي پوئواري ڪندي جيل مان 439 ڀارتي ملاحن کي آزاد ڪيو ويو.

فيصل ايڌيءَ ٻڌايو ته جيڪي ڀارتي ملاح آزاد ٿيا انهن کي واگھا بارڊر وٽ ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو. واگها بارڊر پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور کان 29 ۽ ڀارتي شهر امرتسر کان 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

پاڪستان فشر فوڪ فورم جو چيئرمين محمد علي شاهه پراميد آهي ته ڀارتي حڪومت به ساڳي نوعيت جو موٽ ڏيندي. هن کي يقين آهي ته موٽ ۾ هو به پاڪستاني ملاحن کي آزاد ڪندا. محمد علي شاهه چيو ته جيڪي ملاح ڀارت ۾ قيد آهن اهي معصوم آهن، انهن جا ڪي به خراب ارادا نه هيا، جياپي خاطر مڇي مارڻ سندن ڏوهه بڻجي پيو.

هن ٻڌايو ته، جڏهن به ڀارتي ملاحن جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ اچڻ جو اطلاع ملندو آهي ته پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (ايم ايس اي) ڀارتي ملاحن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ذميوار هوندي آهي، جواب ۾ ڀارت جا ڪوسٽ گارڊ، بي ايس ايف، ڪسٽم ۽ نيوي فوج سان تعلق رکندڙ اهلڪار پاڪستاني ملاحن سان ساڳيو سلوڪ ڪندا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايئن ته پاڪستان ۽ ڀارت پاران ٻه طرفي انداز سان حراست ۾ ورتل قيدين جي مٽا سٽا وارو عمل جاري رکيو ويندو هيو پر اُڙي حملي سبب اهو سلسلو رڪجي ويو. ڇڪتاڻ گھٽجڻ کانپوءِ ساڳيو عمل بحال ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڀارتي جيلن ۾ قيد پنهنجي مائٽن جي آزديءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن انهن لاءِ اها سٺي خبر آهي. شاهه ٻڌايو ته، پاڪستان جا 150 ملاح ۽ سندن 300 هوڙا به ڀارتي تحويل ۾ آهن.

پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق، پاڪستان جا 150 ملاح ڀارت ۽ ڀارت جا 87 ملاح، جن ۾ 27 ڊسمبر 2016 واري ڏهاڙي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي پاران گرفتار ڪيل 66 ڄڻا به شامل آهن، پاڪستان جي تحويل هيٺ آهن.

محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته، بنان ڪنهن ارادي جي سرحد ٽپي ايندڙن متعلق پاڪستان توڙي ڀارت جو ڪو به واضح قانون نه آهي، نه ئي سمنڊ اندر اهڙا ڪي نشان موجود آهن جن جي مدد سان ٻنهي ملڪن جي سرحد جو اندازو ٿي سگھي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ملاحن کي پنهنجين سرحدن ۾ غيرقانوني انداز سان ٽپي اچڻ، منشيات جي قانون، اسمگلنگ ۽ پاسپورٽ وارن قانونن هيٺ گرفتار ڪندا آهن. ملاحن جي گرفتاريءَ وارو عمل 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين هلندو پيو اچي.

محمد علي شاهه واضح ڪيو ته، 2008 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻه طرفي ٺاهه تي صحيحون ڪيون جنهن مطابق ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان قيدين جي لسٽن جي مٽا سٽا ڪندا رهندا ۽ قونصل خاني جي سطح تي ملاحن سان رابطي جي سهولت ڏيندا. ٻئي ملڪ هر ڇهن مهينن کانپوءِ جيلن ۾ قيد شهرين جي لسٽن جي مٽا سٽا ڪندا آهن. هڪ لسٽ پهرين جنوري ۽ ٻي پهرين جولاءِ تي هڪٻئي کي ڏني ويندي آهي.

پهرين جولاءِ 2016 تي پاڪستان جي هاءِ ڪميشن پاران ڀارتي اختيارين کي جيڪا لسٽ ڏني وئي ان مطابق 504 ڀارتي شهري پاڪستان جي جيلن ۾ قيد هئا انهن مان 460 ملاح هئا. ساڳي ريت پاڪستان جا 460 شهري ڀارتي جيلن ۾ قيد هئا جن مان 150 ملاح هئا.

پاڪستان پاران پنهنجي شهرين جي جيڪا لسٽ ڀارت حوالي ڪئي وئي ان جي موٽ ۾ ڀارتي اختيارين 460 مان  صرف 271 ماڻهن جي تصديق ڪئي جڏهن ته 189 ماڻهو اڃان به لاپتا آهن.

ڀارت ۾ لاپتا ٿي ويل پاڪستان جي 189 شهرين جي بازيابيءَ لاءِ انصار برني ٽرسٽ انٽرنيشنل پاران ويجهڙائيءَ ۾ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي وئي آهي. انصار برني پاڪستان سان تعلق رکندڙ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جڳ مشهور ڪارڪن آهي. انصار برني ٽرسٽ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ وڏي انگ ۾ پاڪستاني قيدين کي آزادي ڏيندا رهيا آهن. انهيءَ ٽرسٽ پاران مفت قانوني مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي.

محمد علي شاهه چيو ته، 1992 کان وٺي پاڪستان جا 65 ملاح لاپتا ٿيل آهن، انهن لاپتا ملاحن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به اتو پتو ناهي ملي سگھيو. ڀارتي اختيارين به انهن ملاحن جي سندن جيلن ۾ موجود هجڻ جي هميشهه ترديد ئي ڪئي آهي.

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز 29 جولاءِ 2016 تي سينيٽ جي ايوان کي آگاهي ڏني هئي ته گذريل پنجن سالن دوران ڀارتي اختيارين پاڪستان جي 450 ملاحن کي بغير اجازت جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري ڏوهه تحت حراست ۾ ورتو آهي.

انساني حقن جي ڪارڪن ۽ ”پاڪستان انڊيا پيپلز فورم فار پيس اينڊ ڊيموڪريسي“  جي جنرل سيڪريٽري جتن لال ديسائيءَ جو چوڻ هو ته، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ملاحن جي گرفتاري هڪ حساس مسئلي طور موجود رهندي پئي اچي.

ديسائيءَ چيو ته مڇي مارڻ کان علاوه ملاحن جو ٻيو ڪو به ارادو ناهي هوندو. ڇو ته مڇيءَ جو شڪار ڪري ئي هو پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا آهن. انهيءَ مسئلي بابت سيپٽيمبر 2008 دوران اسلام آباد ۾ ملاقات ڪندي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اتفاق ڪيو هيو ته هر هڪ ملڪ جي اٺن ريٽائرڊ ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي ويندي.

ديسائي اهو پڻ ٻڌايو ته، انهيءَ ڪميشن فيصلو ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي جيلن ۾ قيد ماڻهن تائين سفارتخاني جي قونصلر کي رسائي ڏني ويندي ته جيئن قيدين جي شهريت بابت معلومات جي تصديق پڻ ڪري سگھجي، انهيءَ نوعيت جو ڪم اڄوڪن ڏينهن ۾ بند پيل آهي هن مطالبوڪيو ته اها سرگرمي بحال ڪئي وڃي.

جتن لال نشاندهي ڪئي ته، ڀارتي حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اها پنهنجي سامونڊي حدن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي ملاحن جي مڇي مارڻ وارين ٻيڙين ۾ جي پي ايس سسٽم لڳائيندي ان کان علاوه سامونڊي سرحد جو احساس ڏيارڻ لاءِ ترندڙ پول ۽ لائيٽون پڻ پاڻيءَ مٿان تاريون وينديون ته جيئن ملاح پنهنجي سرحدن مان ٻاهر نڪري نه سگھن.

جتن لال ديسائيءَ چيو ته، اهڙا ملاح قيدي به موجود آهن جيڪي پنهنجي سزا به پوري ڪري چڪا آهن پر سندن شهريت جي تصديق نه پئي ٿئي. هن ٻڌايو ته رشيد ملاح به هڪ اهڙو ئي ڀارتي قيدي آهي جيڪو اهڙي نوعيت جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هن جي شهريت جي تصديق پاڪستاني اختيارين اڃان تائين ناهي ڪئي.

پي ايف ايف جي ترجمان ڪمال شاهه ٻڌايو آهي ته، رشيد ملاح کي ڀارتي عدالت پاران غيرقانوني انداز سان سرحدن ۾ داخل ٿي ايندڙن بابت قانون تحت ٽي مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي. رشيد ملاح کي 2014 ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن هن ڪراچي شهر کان 200 ناٽيڪل ميلن جي مفاصلي تي مڇي ماريندي سامونڊي سرحد پار ڪئي.

ملاحن جي گرفتارين بابت ايشين هيومن رائيٽس واچ جي سال 2010 بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مڇي مارڻ واري ٻيڙيءَ وسيلي ٻئي ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۾ لنگهي وڃڻ جي سزا ٿي سگھي ٿو ته ڪجهه مهينن واري هجي پر پاڪستان ۽ انڊيا جي ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي ڪري ملاح سزا پوري ڪرڻ کانپوءِ به ڪيترائي سال حراستي مرڪزن ۾ قيد ڪاٽيندا رهندا آهن.

رپورٽ ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته، سامونڊي سرحدن جي واضح نشاندهي نه هجڻ جي ڪري ملاح اڪثر ڪري غلطيءَ سان پنهنجي ملڪ جي حدن مان نڪري ٻئي ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جنهن ڪري سندن گرفتاري عمل ۾ آڻي سندن ٻيڙيون قبضي هيٺ رکيون وڃن ٿيون.

رپورٽ ۾ نشاندهي ٿيل آهي ته، ”سَر ڪِريڪ“ تڪراري علائقن مان هڪ آهي جتي ملاحن جون سڀ کان گھڻيون گرفتاريون ٿينديون رهن ٿيون.

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين چيو ته، عربي سمنڊ ۾ 17 ڪِريڪ آهن ”سر ڪِريڪ“ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪراري بڻيل آهي. ”اڪثر ملاح انهن مخصوص علائقي مان ئي گرفتار ٿيندا رهن ٿا“.

جتن لال ديسائيءَ جو چوڻ هو ته، ٻنهي ملڪن کي ”گرفتاري عمل ۾ نه آڻڻ“ واري پاليسي تيار ڪري عربي سمنڊ کي مڇيءَ جي شڪار خاطر سڀني لاءِ آزاديءَ سان کليل هجڻ واري ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ گھرجن. هن اهو پڻ چيو آهي ته ملاحن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ٻنهي ملڪن جي اختيارين کي گھرجي ته انهن کي واپس سندن ملڪن جي سرحدن ڏانهن اماڻي ڇڏين ۽ سرحدي حدن جي ڀڃڪڙيءَ بابت هڪٻئي کي اطلاع ڏيڻ گھرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here