نوازشريف مستقبل ۾ حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ويڇن وڌڻ جو اڻ سڌو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
1014

اسلام آباد: ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن تي مشتمل بئنچ پاران ٻڌايل نااهليءَ واري سزا جي نتيجي ۾ برطرف ٿيل وزيراعظم ميان نوازشريف عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي عدالتن معرفت سندس برطرفيءَ جي رٿا جوڙڻ جو ذميوار فوجي اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏنو آهي.

هن پاران مسلسل اهڙيون تقريرون ڪرڻ مان اهو اشارو ملي رهيو آهي ته ويجهي مستقبل دوران سِول-ملٽري لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. جڏهن ته هن جي تقريرن مان اهو پيغام به مليو ته هو مستقبل ۾ جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ وارن قدمن جو رستو روڪڻ وارا اپاءَ وٺڻ خاطر وڏي پيماني تي ”ڳالهيون“ ڪرڻ چاهي ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم سڌن توڙي اڻ سڌن لفظن وسيلي ملڪ جي طاقتور اداري فوج کي جمهوري حڪومتن مٿان دٻاءُ وجهڻ توڙي جمهوري نظام جي خاتمي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي مداخلت جي ڪري ئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به هڪ وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري ناهي سگھيو.

نااهليءَ کانپوءِ اسلام آباد کان پنهنجي گھر ويندي هڪ تقرير ۾ نواز شريف چيو ته ”ملڪ جا ارڙهن وزيراعظم پنهنجو قانوني مدو پورو ڪرڻ کان ناڪام رهجي ويا جڏهن ته صرف چئن فوجي آمر حڪمرانن ڊگهي وقت تائين ملڪ مٿان حڪمراني ڪئي آهي“.

ميان نوازشريف اهو پڻ چيو ته ”سراسري حساب سان هر هڪ فوجي آمر اٺن سالن تائين ملڪ مٿان آمريت مڙهي رکي ان جي ڀيٽ ۾ چونڊيل وزيراعظمن کي سراسري طور تي صرف ٻه سال حڪومت ڪرڻ ڏني وئي آهي، ان مان پتو پئجي وڃي ٿو ته ملڪ سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي“. نواز شريف چيو ته پاناما لِيڪس ڪيس رڳو هڪ بهانو هيو ۽ ان معاملي کي ان ڪري اُلجهايو ويو ته جيئن ان جي آڙ ۾ ملڪ اندر سياسي بحران پيدا ڪيو وڃي.

”عوامي مينڊيٽ جي بحاليءَ“ لاءِ شروع ڪيل پنهنجي جدوجهد جو حوالو ڏيندي نوازشريف جو موقف هيو ته ”ووٽ جو تقدس هر صورت ۾ محفوظ ٿيڻ گھرجي“. ويجهڙائيءَ ۾ ئي پنهنجي پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ وڪيلن جي ميڙ کي خطاب ڪندي نوازشريف پنهنجي ”جدوجهد“ جي مقصد تان پردو کڻندي چيو ته ”ان جو مقصد اهو هوندو ته اهڙن سمورن هٿڪنڊن جي رستي روڪ ڪئي ويندي جن وسيلي چونڊيل حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو ۽ جمهوريتن کي پٽڙيءَ تان لاٿو وڃي ٿو“.

پنهنجي تقرير دوران انهيءَ عدالتي فيصلي، جنهن تحت کيس اقتدار کان ڌار ڪري گھر ڀيڙو ڪيو ويو، تي تنقيد ڪندي نوازشريف اهو پڻ چيو ته ”ڪنهن به جج کي اهو حق حاصل ناهي ته مونکي گھر ڀيڙو ڪري ۽ ملڪ جي ماڻهن جي ووٽ واري تقدس جي خلاف ورزي ڪري“.

سپريم ڪورٽ پاران 28 جولاءِ 2017 واري ڏهاڙي ميان نوازشريف ۽ سندس اولاد خلاف پاناما پيپرز جي بنياد تي داخل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي نااهل قرار ڏيندي کيس وزيراعظم جي عهدي تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جهڙيءَ ريت پاناما پيپرز ۾ ذڪر ٿيل هيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ نوازشريف کي آف شور ڪمپنين وسيلي لنڊن ۾ پُر آسائش ملڪيتون خريد ڪرڻ جو ملزم قرار ڏنو. عدالت کي اهو فيصلو ڪرڻ خاطر هڪ گڏيل جاچ ٽيم (جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم-جي آءِ ٽي) جو سهڪار حاصل رهيو ۽ اها جاچ ٽيم به سپريم ڪورٽ جي حڪم آڌار ئي قائم ٿي هئي جنهن ۾ فوج جي انتظام هيٺ ڪندڙ قومي جاسوسي اداري انٽرسروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) جا نمائندا به شامل هئا، پر باوجود ان جي، نوازشريف جڏهن وزيراعظم هيو ته ان وقت گڏيل جاچ ٽيم جي سِولين ميمبرن جي ساک ۽ ايمانداريءَ سان جاچ ڪرڻ بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا.

جيتوڻيڪ لنڊن ۾ مهانگيون ملڪيتون خريد ڪرڻ وارو ڪيس 07 مهينا هلندو رهيو پر شريف خاندان گڏيل جاچ ٽيم توڙي عدالت کي اهڙا ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگھيو جن آڌار اهو ثابت ٿي سگھي ته لنڊن وارين ملڪيتن جي خريداريءَ لاءِ پيسا قانوني انداز سان اماڻيا ويا.

عوامي ڄاڻ خاطر پڌرايون جاري ڪرڻ بابت پاڪ فوج جي اداري انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ وسيلي نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف هنلدڙ پاناما پيپرز ڪيس سان لاڳاپيل اهڙي هر تاثر ۽ الزام کي رد ڪندي واضح ڪيو ويو ته ”پاڪ فوج صرف ۽ صرف اعليٰ عدالت جي حڪم مطابق پنهنجا نمائندا جي آءِ ٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ واسطي عدالت جي ماتحتيءَ ۾ ڏنا“.

نوازشريف پاران عدليه ۽ فوج مٿان ڪيل زباني حملن جي مذمت ڪندي مخالف ڌر جي پارٽين چيو آهي ته نوازشريف کان پنهنجي برطرفي برداشت نه پئي ٿئي ۽ ان ڪري ئي هو اهڙا بيان ڏئي پيو ته جيئن کيس بحال ڪيو وڃي.

نوازشريف ۽ سندس ٻارن اعليٰ عدالت جي فيصلي بابت نظرثانيءَ جون ڌار ڌار اپيلون به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ امڪان اهي آهن ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نظرثانيءَ جي انهن درخواستن جي ٻڌڻي شروع ٿي ويندي. نوازشريف پاران جمع ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت کيس عهدي تي بحال ڪري ۽ لنڊن ۾ ملڪيتن جي خريداريءَ بابت پيسن اماڻڻ وارن طريقن جو پتو لڳائڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ بابت حڪم کي به معطل ڪري.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ مرڪزي اڳواڻ نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”موجوده بحران جي نتيجي ۾ نوازشريف سياسي طور تي وڌيڪ سگھارو اڳواڻ ٿي سامهون آيو آهي. هاڻي اسان وڌيڪ سخت شرطن سان نروار ٿي اينداسين ته جيئن ملڪ کي غيرجمهوري طريقن سان هلائڻ وارن سمورن عملن ۽ طريقن کي ختم ڪري ڇڏيئون“.

مخالف ڌر جي پارٽين خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف مٿان تنقيد ڪندي مسلم ليگ (ن) جي انهيءَ اڳواڻ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي ”ڪجهه قوتن“ جي ”اشارن تي ڪڏندڙ“ قرار ڏيندي چيو ته ”انصاف خاطر هاڻي اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين“. انهيءَ اڳواڻ واضح انداز سان ”فوجي اسٽيبلشمينٽ“ ڏانهن اشارو ڪرڻ کانسواءِ چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو ميان نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، هن ڀيري به ميان نوازشريف خلاف هڪ سازش ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن دوران اسان اهڙي سازش ڪرڻ وارن جا نالا منظرعام تي آڻينداسين.

اسلام آباد مان ڪم ڪندڙ ٿنڪ ٽينڪ اداري ”پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي“ (پلڊاٽ) پاران سياسي صورتحال بابت پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”حڪومت ۽ فوج جي لاڳاپن واري حوالي سان سڀ ٺيڪ آهي واري صورتحال نه آهي“. رپورٽ ۾ حوالو ڏنل آهي ته ”ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا پاران ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستيءَ بابت عوامي پڌرائي به جاري ڪئي وئي. عام حالتن ۾ فوج پاران اهڙا بيان جاري ناهن ڪيا ويندا“.

پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته ”ويجهي مستقبل ۾ حڪومت ۽ فوج جا لاڳاپا بگڙڻ جو خدشو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بحران پيدا ٿي پوندو“.

ملڪ ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ برک قانوندان عاصمه جهانگير، شريف فيمليءَ خلاف هلايل پاناما ڪيس واري ”جي آءِ ٽيءَ“ ۾ ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبرن کي شامل ڪرڻ تي اعتراض واريندي چيو ته ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ جي نمائندن معرفت پاناما ڪيس جي جاچ ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ جا پير ته موجود آهن“.

عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جمهوري انداز سان مستحڪم ٿيندڙ پاڪستان چاهيون ٿا ته پوءِ اسانکي اهي هڙئي واٽون بند ڪرڻيون پونديون جيڪي اڳوڻا فوجي آمر ڇڏي ويا آهن ۽ انهيءَ مقصد لاءِ اسان سڀني کي هڪ آواز ٿي اٿڻو پوندو“. هن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي فوج سياست ۾ اچڻ چاهي ٿي ته ان صورت ۾ اسان پنهنجن حقن تان ته دستبردار نه ٿينداسين ۽ اسان سندن بندوقن کي پنهنجي آواز ۽ قلم سان شڪست ڏينداسين.

”قانوني جي حڪمرانيءَ خاطر ملڪ جي دفاعي بجيٽ کي راز ۾ رکڻ بجاءِ پارليامينٽ اندر بحث هيٺ آڻڻو پوندو ڇو ته هي اسان سڀني جو ملڪ آهي“. عاصمه جهانگير گذريل ڪيترن ئي سالن کان عدليه جي ڪردار ۽ فوج جي سياست ۾ ملوث هجڻ تي تنقيد ڪندي حيرت واري انداز سان چيو ته پاڪستان ۾ صرف سياستدانن جو احتساب ئي ڇو پيو ٿيندو رهي ۽ اها خبر به بعد ۾ پوندي ته ”پاناما ڪيس جو فيصلو ملڪ لاءِ ڪهڙا انيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو“.

ٻئي طرف ملڪ جي مخالف ڌر وارين پارٽين تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن نوازشريف پاران گھر مان ويهي حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻي ڪندو رهندو ۽ برطرفيءَ جي ”پلاند“ طور عدليه توڙي هڪ اداري جي حيثيت ۾ فوج جو ڪردار محدود ڪرڻ لاءِ آئين توڙي قانونن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ حڪمران پارٽيءَ خلاف عوامي ميڙ منعقد ڪيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here