پشاور (رپورٽ: شيراز اڪبر) قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز وٽ عملي جي کوٽ سبب خيبرپختونخواه صوبي ۾ قديم آثارن جو اُملهه ورثو منظر عام تي اچڻ کان محروم رهندو پيو اچي.

آرڪيالاجي ڊائريڪٽوريٽ جي بالا عملدارن مطابق، صوبي ۾ قديم آثارن جا 6 هزارن کان وڌيڪ ماڳ موجود آهن، پر انهن ماڳن جي کوٽائيءَ لاءِ جيتري عملي جي ضرورت آهي سا موجوده تعداد ان کان گھڻو گھٽ آهي.

ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز جي سربراهه عبدالصمد خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ ۾ هن وقت 4 انجنيئر ۽ 12 آرڪيالاجسٽ يا فيلڊ آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته کين وڌيڪ هڪ سو انجنيئر ۽ 300 آرڪيالاجسٽن يا فيلڊ آفيسرن جي ضرورت آهي. هن اهو پڻ چيو ته، سندن اداري ۾ ڪيوريٽرز، اسسٽنٽ ڪيوريٽرز، گيلري اسسٽنٽس، رسرچ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ رسرچ آفيسرن جي پڻ اڻهوند آهي.

عبدالصمد خان ٻڌايو ته قديم آثارن جي هڪ ماڳ جي سار سنڀال خاطر گھڻن ئي ماڻهن تي ٻڌل ٽيم جي ضرورت پوندي آهي. 18 ترميم جي منظوريءَ کانپوءِ قديم آثارن کي سنڀالڻ جون ذميواريون ۽ اختيار صوبائي حڪومت جي حوالي ڪيا ويا، نه ته ان کان اڳ ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز وفاقي انتظام هيٺ ڪم ڪري رهيو هيو. ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته 2010 ۾ اختيارن جي منتقليءَ کانپوءِ هن مهل تائين کين ڪا ترقي به ناهي ڏني وئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اداري ۾ جيتوڻيڪ نَون ملازمن جي شديد ضرورت آهي پر هن مهل تائين نون ملازمن جي ڀرتيءَ لاءِ نيون جايون پيدا ناهن ڪيون ويون.

ڊائريڪٽوريٽ ۾ گيلري اسسٽنٽ طور ملازمت ڪندڙ نوازالدين ٻڌايو ته، گذريل 10 سالن کان وٺي اداري ۾ جيترا به ملازم ڪم ڪري رهيا آهن تن کي هڪ دفعو به ترقي ناهي ڏني وئي. هو به گذريل 8 سالن کان ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڊائريڪٽوريٽ ۾ سندن جيڪي ٻيا ساٿي ملازمت ڪري رهيا آهن اهي سڀئي ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.

خيبرپختونخواه صوبي جي سياحت، راندين، آرڪيالاجي، نوجوانن جي معاملن ۽ ميوزيمن بابت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري طارق خان ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز پاران اداري ۾ 8 سو ملازمتون پيدا ڪري نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ گھربل مالي وسيلا مهيا ڪرڻ خاطر هڪ سمري خزاني واري کاتي ڏانهن اماڻي وئي پر صوبي جي خزاني واري کاتي مالي مشڪلاتن جو عُذر ڄاڻائيندي ان سمريءَ تي عمل ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته خزاني کاتي پاران اهڙي ئي هڪ سمري مالي سال 2015-16 ۾ به رد ڪئي وئي هئي.

ان جي باوجود طارق خان ملازمن جي کوٽ واري معاملي متعلق سوال پڇڻ تي ڪاوڙ واري انداز سان جواب ڏيندي چيو ته صوبي جي ٻين کاتن ۾ موجود صورتحال جيان اهو هڪ عام مسئلو آهي ۽ ان کي تمام گھڻي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ گھرجي. طارق خان چيو ته، خزاني واري کاتي پاران مالي سال 2015-16 ۽ 2016-17 دوران ٻه دفعا ملازمن جي ڀرتيءَ متعلق سفارشن کي رد ڪندي چيو ويو ته آهي سفارشون نئين سِري سان جمع ڪرايون وڃن کيس اميد آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڀرتين واري تجويز قبول ڪئي ويندي.

راندين، نوجوانن جي معاملن، سياحت، آرڪيالاجي ۽ ميوزيمز واري کاتي سان لاڳاپيل هڪ عملدار، مهيا ڪيل معلومات جي نوعيت سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکندي، ٻڌايو ته خزاني واري کاتي پاران پروپوزل اڻ ٺهڪندڙ بنيادن تي رد ڪيو ويو آهي. انهيءَ عملدار پاران سببن جي چِٽائي ته نه ڪئي وئي پر هن معلومات ۾ اهو اضافو ضرور ڪيو ته خزاني واري کاتي ۾ ويٺل ڪامورا شاهيَ جنهن غير سهڪاري رويي سان ٻين کاتن جا معاملا هلائيندي آهي ساڳيو رويو ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز سان به رکيو ويو آهي.

گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو لاءِ ثقافت جي آفيسر طور ڪم ڪندڙ جواد عزيز جو چوڻ هو ته قديم آثارن جي 6 هزارن کان وڌيڪ ماڳن ۽ 12 ميوزمن جي تمام ٿوري عملي جي مدد سان سار سنڀال ڪرڻ هڪ اڻ ٿيڻي آهي. ادارو جن ماڳن جي سار سنڀال ڪري رهيو آهي انهن ۾ اهي قديم آثار به شامل آهن جن کي يونيسڪو ”عالمي ورثي وارا ماڳ“ قرار ڏئي چڪو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته، انهن ماڳن مڪانن جي سار سنڀال جي سلسلي ۾ يونيسڪو ڪجهه به ڪرڻ کان لاچار آهي ڇو ته انهن آثارن جي سار سنڀال خاطر سندن ادارو سڌيءَ ريت ڪو به ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگھي.
جواد عزيز هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته يونيسڪو صوبائي حڪومت جي لاڳاپيل کاتي جي معاملن ۾ ڪا به مداخلت ڪرڻ جو مجاز نه آهي، جڏهن ته پنهنجي محدود مالي وسيلن هجڻ سبب سندن ادارو آرڪيالاجي ڊائريڪٽوريٽ ۾ ملازمن جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد مهيا ڪرڻ کان به لاچار آهي. هن ٻڌايو ته، يونيسڪو شاگردن، استادن ۽ عام عوام ۾ قديم آثارن جي ماڳن جي اهميت ۽ انهن جي سار سنڀال جي ضروت بابت جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ سيمينار ۽ ورڪشاپ ضرور منعقد ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here