ڪراچي (رپورٽ: فرحانه نيازيءَ) ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ جي وچ تي قائم هڪ عمارتي ڍانچي اندر مردن جي تڪڙي اچ وڃ جو مشاهدو پري کان ئي ڪري سگھجي ٿو. ان عمارتي ڍانچي تي ڇت پيل نه آهي، جڏهن ته ان جي مٿان پاڻيءَ جي هڪ ٽانڪي ٺهيل آهي، جنهن مٿان ”عوامي بيت الخلاء“ وارا لفظ لکيل آهن.

Empress Market Karachi
Empress Market Karachi: Photo by News Lens Pakistan/

اهو بيت الخلا قديمي ايمپريس مارڪيٽ ويجهو، بس اسٽاپ جي ڀَرِ ۾ قائم آهي، جتي ٻيا به بس اسٽاپ ۽ گاڏيون ڏسي سگھجن ٿيون. اتي جيڪي 4 بيت الخلاء ٺهيل آهن اهي مردن توڙي عورتن لاءِ مخصوص ٿيل آهن، پر نيوز لينز پاڪستان پاران هڪ ڪلاڪ تائين ڪيل مشاهدي دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته انهن بيت الخلائن کي عورتن پاران نه هجڻ جي برابر استعمال ڪيو ويو.
انهن بيت الخلائن جي سار سنڀال لاءِ موجود سليم مسيح، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”بيت الخلاء کي هڪ دفعو استعمال ڪرڻ جا 5 روپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا ۽ مردن جو هڪ نه کٽندڙ تعداد سڄو ڏينهن انهن بيت الخلائن کي استعمال ڪندو رهي ٿو. اڪثر ڪري مرد ئي حاجت خاطر هتي اچن ٿا، جڏهن ته مشڪل سان 2 يا 3 عورتون هن جڳهه جو رخ ڪنديون آهن، جن کي بسن جو انتظار ڪرڻو هوندو آهي“.
هن بيت الخلا سميت سٽيزن پوليس ليازان ڪاميٽيءَ پاران سموري ڪراچيءَ شهر ۾ ڪل 44 يونٽ قائم ڪرايا ويا. اها رٿا سي پي ايل سيءَ پاران 1999 ۾ شروع ڪرائي وئي، جنهن تحت ڪل 200 بيت الخلا اڏرائڻا هيا پر هن وقت تائين صرف 44 بيت الخلا اڏجي سگھيا آهن.
سي پي ايل سيءَ جي سينٽرل ڊسٽرڪٽ چيف سيد عتيق الرحمان، نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”حڪومت کي هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، ڇو ته حڪومت هن قسم جي مسئلن طرف توجهه نه ڏيڻ جي ڪوتاهي ڪندي رهي ٿي. جڏهن ته شهر جا سرنديءَ وارا ماڻهو ئي عام ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪرڻ بابت هڙئون وڙئون ڪوشش ڪندا رهن ٿا. مقامي حڪومتون بيت الخلائن بابت ماڻهن جي ضرورتن کان چڱيءَ ريت واقف آهن، پر ٿي سگھي ٿو ته هن قسم جي سهولت مهيا ڪرڻ خاطر وٽن مالي وسيلا موجود نه هجن، ان ڪري ئي جڏهن کين عوامي بيت الخلا قائم ڪرڻا هوندا آهن ته هو سي پي ايل سيءَ سان رابطي ۾ ايندا آهن“.

Toilet
: Photo by News Lens Pakistan/

لڪي اسٽار بس اسٽاپ، ايمپريس مارڪيٽ کان 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، اِهو ئي اُهو هنڌ آهي جتي ڪنٽونمينٽ بورڊ پاران مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ بيت الخلا جوڙايا ويا آهن، پر عورتن لاءِ جوڙيل بيت الخلائن کي اڪثر ڪري تالو لڳل هوندو آهي.
شهر جي مختلف علائقن جن ۾ طبي اوزارن واري مارڪيٽ، لانڍي، ڪورنگيءَ توڙي ٻين علائقن جا اهي هنڌ جتي بسون بيهنديون يا روانيون ٿينديون شامل آهن، اهي هن علائقي کي ويجهو لڳن ٿا. بيت الخلا کي استعمال ڪرڻ جي في 5 روپيا مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته اتي مقرر ٿيل عملي مطابق ته، اڻ ڄاڻايل سببن جي ڪري عورتن لاءِ مخصوص ڪيل بيت الخلا وڏي وقت کان بند پيل آهن.
صحت ۽ صفائي توڙي محفوظ پاڻيءَ بابت ڪم ڪرڻ واري اداري واٽر ايڊ پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عالمي سطح تي ٽن مان هڪ عورت حاجت متعلق صحت جي نامناسب صورتحال سبب بيمار ٿئي ٿي. عورتن کي حراسمينٽ ۽ حملن جو خوف رهي ٿو. کين اهڙي محفوظ جڳهه ميسر نه ٿي ٿئي، جتي هو مطمئن ٿي پنهنجي حاجت پوري ڪري سگھن، اهڙا انگ اکر پوئتي پيل ملڪن ۾ مشاهدي هيٺ آڻي سگھجن ٿا.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

ڪراچيءَ جي مشهور جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ عورتن لاءِ هڪ به بيت الخلا موجود نه آهي، جڏهن ته مجبوريءَ جي حالت ۾ حاجت پوري ڪرڻ لاءِ کين مسجد جي بيت الخلائن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. ان مارڪيٽ ۾ عورتن سان لاڳاپيل هر قسم جون شيون زيور، ڪپڙا، جوتا ۽ روزمرهه جي استعمال جون سموريون شيون وڪرو ٿين ٿيون ۽ روزانو سوين عورتون ان مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ اينديون رهن ٿيون.
آرام باغ فرنيچر مارڪيٽ جي دڪاندارن جي تنظيم جي چيئرمين شاهد حسين جو چوڻ آهي ته ”اسانجي مارڪيٽ ۾ پڻ عورتن لاءِ الڳ بيت الخلا موجود نه آهي“. هو اهڙي خواهش رکي ٿو ته عورتن لاءِ جدا بيت الخلا اڏرايو وڃي پر اهڙي اڏاوت لاءِ مارڪيٽ اندر جڳهه ئي ميسر نه آهي.
سڄي شهر جي مختلف مارڪيٽن جي دوري دوران اها حقيقت سامهون آئي آهي ته عورتن لاءِ بيت الخلا جي سهولت ڪٿي به موجود نه آهي، جيتوڻيڪ هزارين عورتون هر روز انهن مارڪيٽن ۾ خريداريءَ لاءِ اينديون رهن ٿيون.
آل ڪراچي ٽريڊرز آرگنائيزيشن جي صدر محمد رفيق جدون جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن عورتون بيت الخلا جي پڇا به ڪنديون آهن ته کين هوٽل جو ڏسُ ڏنو ويندو آهي. ٿوري ئي فاصلي تي هڪ بيت الخلا موجود آهي، پر ڪنهن کي به ان جي موجودگيءَ جي خبر نه آهي ڇو ته ان جو ڏس ڏيڻ وارو ڪو به سائن بورڊ لڳل نه آهي. مرد پنهنجي حاجت جي پورائي خاطر اڪثر ڪري مسجد هليا ويندا آهن، پر عورتن کي ان سلسلي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي“.

ڪراچيءَ ۾ شهري سهولتن متعلق ڪم ڪندڙ هڪ اداري ”انسٽيٽيوٽ آف اَربن ريسورسز سينٽر“ جي هڪ رپورٽ مطابق، 2015 ۾ ڪراچيءَ جي آبادي 18 ملين ماڻهن تي مشتمل هئي، جيڪا مسلسل واڌ کانپوءِ 2020 تائين وڌي 24.1 ملين ٿي ويندي. ايڏي وڏي آباديءَ واري شهر ۾ عورتن جو آباديءَ ۾ تناسب 40 سيڪڙو هوندو ۽ سڄي شهر ۾ عورتن لاءِ عوامي جڳهن تي بيت الخلا جي سهوليت ميسر نه هوندي.
پراڻن ڪپڙن واري مارڪيٽ لائيٽ هائوس ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي صدر حاڪم شاهه نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسانجي گراهڪن ۾ 25 سيڪڙو عورتون هونديون آهن، تنهن هوندي به انهن لاءِ بيت الخلا جي سهولت موجود نه آهي“.
واٽر ايڊ مطابق، جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ صفائي سٿرائي، گندگيءَ جي نيڪال ۽ عوامي صحت جي حفاظت لاءِ موذون قدم کنيا وڃن ته 1.25 بلين عورتن جي صحت ۽ زندگيءَ کي ڊرامائي طور تي بهتر بڻائي سگھجي ٿو.

نوجوان عورت زهريٰ انيسه جو چوڻ آهي ته ”طارق روڊ ۽ ڪجهه ٻين مارڪيٽن ۾ عورتن لاءِ مخصوص بيت الخلا موجود آهن، پر صفائي سٿرائيءَ جي انتهائي خراب صورتحال جي ڪري، عورتون انهن بيت الخلائن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ اڪثر ڪري حاجت پوري ڪرڻ لاءِ گھر پهچڻ جو انتظار ڪنديون رهنديون آهن“. زهريٰ اهو پڻ چيو ته ڪراچيءَ ۾ بيت الخلا جون جيڪي به سهولتون اڏرايون ويون آهن انهن ۾ صفائي سٿرائيءَ جو ڪو به انتظام نه آهي، جنهن ڪري اهي ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلائڻ جو سبب بڻجن ٿا. اهو به هڪ سبب آهي جنهن ڪري عورتون انهن کي استعمال ڪرڻ کان لنوائي وينديون آهن.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

انهيءَ سلسلي ۾ نيوز لينز پاران يورولاجي شعبي جي ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر روبينه نقويءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ٻڌايو ته ”جيڪڏهن ڪوئي بيت الخلا صاف سٿرو نه آهي ۽ عورت ان کي استعمال ڪيو ته ان جي ڪري مرضن جي وچڙڻ جو خدشو پيدا ٿي پوندو“.
گڏيل قومن جي اداري يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام (يو اين ڊي پيءَ) تحت 162 ملڪن ۾ پاڪستان کي 127 هون نمبر ڏنو ويو آهي. پاڪستان کي اهو درجو صاف پاڻيءَ جي گھٽتائي ۽ صفائي سٿرائيءَ جي اڻپورن انتظامن جي ڪري ڏنو ويو آهي.
”حصار فائونڊيشن“ جي باني سيمي ڪمال مطابق ”ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته عورتن کي عوامي هنڌن تي بيت الخلا ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي پيش ناهي ايندي ۽ عورتون پاڻ ئي اهڙن هنڌن تي وڃڻ کان لنوائي وينديون آهن. پارڪن ۾ ٺهيل بيت الخلائن کي عورتون ان ڪري به استعمال ناهن ڪنديون ڇو ته اتي عورتون پاڻ کي ان ڪري غيرمحفوظ سمجهنديون ڇو ته متان انهن هنڌن تي مٿن نظر رکي ويندي هجي“.

سيمي ڪمال جو چوڻ هو ته ”هن ان وقت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن عورتن کي مناسب نمائندگي مليل هئي، پر جيڪو تجربو کيس حاصل ٿيو، اهو هي آهي ته کيس ترقياتي فنڊن ۾ پورو حصو به نه ڏنو ويو“.
ڪراچيءَ ۾، اهي خاص ڪري عورتون ئي آهن، جيڪي گھريلو استعمال واريون شيون خريدڻ وارو ڪم سرانجام ڏينديون آهن. نيوز لينز پاڪستان جي هڪ سروي مطابق، اهڙي ذميواري نڀائيندڙ عورتون 20 منٽن کان 4 ڪلاڪن تائين جو وقت مارڪيٽن ۾ گذارينديون آهن.
ڊاڪٽر روبينه نقويءَ جو چوڻ آهي ته ”عورتون بيت الخلائن جي عدم موجودگيءَ سبب ئي پاڻي به گھٽ پيئنديون آهن. ڪراچيءَ جو موسم گرم آهي، اهڙي موسم ۾ انساني جسم کي وڌيڪ پاڻيءَ جي طلب ٿيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري اضافي پاڻي خارج پڻ ٿيندو آهي.
گردن جا ماهر مشورو ڏيندا آهن ته روزانو 10 کان 12 گلاس پاڻي پيتو وڃي. جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي گھر کان نڪري پوي ۽ بيت الخلائن جي اڻ موجودگيءَ جي ڪري پنهنجي ضروري حاجت پوري ڪرڻ کان محروم ٿي پوي ۽ ايندڙ 6 ڪلاڪن تائين پاڻي پي نه سگھي، اهڙي صورت ۾ سندس جسم ۽ چمڙيءَ مان پاڻي گھڻي مقدار ۾ خارج به ٿيندو رهي ته اهي ئي اهڙا سبب آهن جن جي ڪري مثاني ۽ گردي ۾ پٿري وڌڻ يا زخم ٿي پوڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن“.
ڊاڪٽر روبينه اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن حامله عورت پنهنجي ضروري حاجت پوري ڪرڻ کان محروم رهجي ويندي آهي ته ان لاءِ بيمار ٿيڻ جا خطرا ٻين جي ڀيٽ ۾ اڃان به وڌيڪ ٿي پوندا آهن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here