ڪراچي: سنڌ جي سامونڊي ڪناري واري ضلعي ٺٽي سان تعلق رکندڙ 20 سالن جي نينگري فرزانه ٿهيم رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ڳوٺ جي ٻين عورتن جي ان ٽوليءَ ۾ شامل آهي جيڪي پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران وهندڙ واهه مان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويون پئي. نور محمد ٿهيم ڳوٺ جي رهواسين کي جيئن ته سرڪار پاران پاڻي فراهم نه ٿو ڪيو وڃي ان ڪري ڳوٺ جي عورتن کي روزانو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پنهنجي گھر ڀاتين لاءِ پاڻي آڻڻو پوي ٿو.

پنهنجي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي نينگري فرزانه ٿهيم ٻڌايو سندس لاءِ اهو روزانو جي ڪِرت آهي ته سڄو ڏينهن گھر لاءِ پاڻي ڀرڻ ۾ گذري وڃي ٿو ۽ اهو ڪم الاهي ٿڪائي وجهندو آهي.

اها صورتحال صرف فرزانه جي ڳوٺ جي ئي نه آهي پر سنڌ ۾ اهڙن شهرن ۽ ڳوٺن جو تعداد تمام گھڻو آهي جتي پيئڻ جو پاڻي مهيا نه ٿو ڪيو وڃي.

سنڌ صوبي جي وچولي پرڳڻي ۾ واقع سانگھڙ شهر ضلعي هيڊڪوارٽر به آهي، 3 لک آباديءَ واري انهيءَ شهر جي صورتحال به ڪا گھڻي مختلف نه آهي. 1968 واري زماني ۾ 50 هزار ماڻهن جي ضرورت خاطر شهر اندر اڏيل واٽر سپلاءِ منصوبو شهر جي موجوده ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان لاچار آهي.

ايڊووڪيٽ محمد قذافيءَ جيان شهر جا ٻيا رهواسي به اهو چڱيءَ ريت سمجهي چڪا آهن ته پاڻيءَ جي اڻهوند واري صورتحال واٽر ٽينڪرن وسيلي پاڻي پڄائيندڙن کي اهو موقعو مهيا ڪري ٿي ته هو پاڻيءَ جي وڪري واري دنڌي ۾ شامل ٿي جهجهو پيسو ڪمائڻ شروع ڪري ڏين.

ايڊووڪيٽ قذافيءَ ٻڌايو ته هڪ ڪاٿي موجب سانگھڙ شهر ۾ جن ماڻهن وٽ پاڻيءَ جا قانوني ڪنيڪشن لڳل آهن انهن جو تعداد 7 هزار آهي جڏهن ته باقي سمورا ڪنيڪشن غيرقانوني آهن. جڏهن ته شهر لاءِ جيڪا نئين واٽر سپلاءِ اسڪيم تعمير ٿيڻي آهي، تنهنجو 2008 کان تعميراتي ڪم ئي رڪيل آهي.

سنڌ صوبي جا مختلف پرڳڻا يا ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن يا وري انهن علائقن جي تمام گھڻي آبادي گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. صوبي جي ٿر واري پرڳڻي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڏڪار جي ڪري 2012 کان هن مهل تائين لڳ ڀڳ 3 هزار ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ٿر ۾ شديد غربت ۽ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي موجود آهي ان جو ذمو به ڏڪار مٿان وڌو وڃي ٿو.

مٿي ڄاڻايل صورتحال بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن قائم ڪري سموري معاملي جي جاچ پڙتال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جا انتطامي عملدار عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ جياپي لاءِ گھربل صاف سٿرو ماحول مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي ايڊووڪيٽ شهاب اوستو الزام مڙهيو آهي ته، انتظامي عملدار سنڌ صوبي جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صاف سٿري آبهوا مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ايڊووڪيٽ شهاب اوستو چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي عدم فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جو مناسب نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهو جن مختلف بيمارين جي ڪري تڪيلفون ۽ مشڪلاتون سهي رهيا آهن اهي ٻڌائڻ کان ٻاهر آهن.

ان صورتحال جي ڪري ماڻهو معاشي فائدا حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، سهولتن جو بنيادي ڍانچو برباد ٿيل آهي، آبهوا گدلاڻ جو شڪار رهي ٿي جڏهن ته گندگيءَ جي ڪري مناسب جياپي کان محروم ٿي شرمساريءَ واري اهڙي ماحول ۾ جياپو ڪرڻو پوي ٿو جنهن تي ڪير به خوش نه آهي.

ڪراچيءَ ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گندگي جي نيڪال لاءِ ذميوار بڻايل اداري ”ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي)“  جي اختيارين تسليم ڪيو آهي ته گندگيءَ کي صاف ڪرڻ ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ واري پسمنظر ۾ اداري لاءِ ذميوارين تي پورو لهڻ مشڪل ڪم بڻيل آهي.

ڪي ڊبليو ايس بي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مصباح الدين فريد ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي سڀ کان وڏي مشڪل آهي. تمام گھڻي آباديءَ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ننڍا وڏا صنعتي ڪارخانا قائم آهن. باوجود ان جي ته نوان منصوبا به شروع ٿيندا رهن ٿا پر ان هوندي به سندن اداري لاءِ سهولتن جو معيار بهتر ڪري سگھڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي ڇو ته آباديءَ ۽ ڪارخانن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ واڌ بغير ڪنهن منصوبي بنديءَ جي ٿي رهي آهي.

اين اِي ڊي يونيورسٽيءَ جي آرڪيٽيڪچر ۽ اربن پلاننگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نعمان احمد کي اهو يقين آهي ته، منظم ۽ موثر مقامي حڪومتن واري نظام جي عدم موجودگيءَ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري سگھڻ وارو ڪم ممڪن نه ٿو ٿي سگھي.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نعمان آگاهه ڪيو ته ”مسئلو اهو به آهي ته گذريل 10 سالن کان اسان وٽ مقامي حڪومتن جو ڪوئي نظام موجود ئي ناهي رهيو. ڪراچيءَ ۾ هاڻي به ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ نجي طور تي قائم ڪيل پاڻيءَ جي پلانٽن وٽان پاڻي ڀري اچڻو پوي ٿو.

عالمي ترقياتي بينڪ پاران ويجهڙائيءَ ۾ تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڪراچيءَ کي دنيا جي انهن 10 شهرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جتي زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل آهي. ”پاڪستان ڊويلپمينٽ اپ ڊيٽ- ميڪنگ گروٿ ميٽر“ جي عنوان سان تيار ڪيل اها رپورٽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي، انهيءَ رپورٽ ۾ خاص طور تي پاڻيءَ جي کوٽ جي انتهائي سنجيده ۽ مکيه مسئلي طور نشاندهي ڪندي اها حقيقت به ظاهر ڪئي وئي آهي ته موجوده واٽر سپلاءِ جي سهولتن جي مدد سان ڪراچيءَ جي صرف 55 سيڪڙو ماڻهن جون گھرجون پوريون ڪري سگھجن ٿيون.

رپورٽ ۾ افسوس جوڳي انداز سان ان حقيقت جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي ته شهر ۾ سهولتن جو جيڪو بنيادي ڍانچو موجود آهي اهو گندي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ جي اهليت نه ٿو رکي ۽ هر سال 475 ملين گيلن گندو پاڻي بغير ڪنهن ٽريٽمينٽ جي کليل انداز سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو.

ايڊووڪيٽ شهاب اوستو انهيءَ رپورٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ واٽر سپلاءِ ۽ گندگيءَ جي نيڪال بابت خراب انتظامي عملداريءَ جي نشاندهي ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته واضح منصوبا بندي نه هجڻ جي ڪري پاڻيءَ جي کوٽ به رهي ٿي. جڏهن ته ان حقيقت کي به وائکو ڪيو ويو آهي ته شهر ۾ جيترو به ڪچرو گڏ ٿئي ٿو ان مان صرف 50 سيڪڙو ڪچرو مناسب انداز سان ٺِڪاڻي لڳايو وڃي ٿو.

انهيءَ پسمنظر کي هر هڪ ماڻهو آسانيءَ سان ان ريت به مشاهدي ۾ آڻي سگھي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ گجر نالي جهڙا جيڪي مکيه نالا ٺاهيا ويا آهن انهن جي ڪنارن تي ٻارن جا هجوم راند ڪندي نظر اچي ويندا. اهي نالا کليل انداز سان گندو پاڻي ڪڍي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا رهن ٿا.

گجر نالي ڀرسان آباد هڪ وسنديءَ جي رهواسي اڪرم ٻڌايو ته گندي پاڻيءَ جي نالن ڀرسان گھر اڏجڻ جي ڪري اتي رهندڙ ماڻهن خاص ڪري ٻارن جي صحت کي هر وقت خطرو رهي ٿو. ڪچين آبادين ۾ رهندڙ ٻارن وٽ راند ڪرڻ لاءِ ان کان علاوه ٻي ڪا به جڳهه ناهي هوندي ان ڪري ئي هو نالي جي ڪنارن تي ئي راند ڪندا رهن ٿا.

ڊاڪٽر نعمان جي هڪ راءِ اها به آهي ته آباديءَ ۾ ٿيندڙ واڌ جي حساب سان گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين رٿائن جي صلاحيت ۾ واڌارو نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ جيڪو سرشتو ڪم ڪري رهيو آهي اهو آباديءَ جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ خاطر ناڪافي ثابت ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ننڍن ننڍن پلاٽن تي به گھڻ ماڙ پلازا ۽ ضرورت کان وڌيڪ گھر اڏجي رهيا آهن ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ اهڙي آباديءَ پاران جيترو گندو پاڻي خارج ڪيو وڃي ٿو ان جو نيڪال ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان رشيد چنا ان حقيقت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم سنڌ صوبي جي حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ يا گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو ڪو وڏو منصوبو شروع ناهي ڪيو ويو. هن جي راءِ مطابق، ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻيءَ جو موذون انداز سان نيڪال نه ڪرڻ وارو ڪم ان ڪري مناسب انداز سان نه ٿي سگھيو ڇو ته امن امان جي صورتحال خراب هئي ۽ حڪومت جو سڄو ڌيان امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ تي لڳل هيو.

رشيد چنا اهو پڻ چيو ته امن امان جي صورتحال معمول تي آڻڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪي فور ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ايس ٿري جهڙن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ساڳئي وقت ئي حڪومت ٿرپارڪر واري علائقي ۾ جهجهي انگ ۾ پاڻيءَ جا آر او پلانٽ لڳائي اتي موجود پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ تي به ڌيان ڏئي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here