ڪراچي: عدالتي جاچ جي نتيجي ۾ اهو انڪشاف ٿيڻ بعد ته پاڪستان جي ڏاکڻين صوبي سنڌ جي لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آبادي گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي، صحت جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ صوبي جي رهواسين جو هڪ وڏو انگ پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ وبائي بيمارين جو شڪار ٿي سگھي ٿو.

22 سالن جي سارنگ حسين گبول ڪراچيءَ مان جگر جو آپريشن ڪرايو آهي. هن جا والدين به هيپاٽائيٽس بي ۽ سيءَ جي بيماري ۾ ورتل آهن. سارنگ جي پيءُ شبير حسين گبول نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته کين شروع ۾ ٻڌايو ويو ته سندس پٽ کي هيپاٽائيٽس اي جو مرض لڳي چڪو آهي بعد ۾ پتو پيو ته سندس بيماري هيپاٽائيٽس بي ٿي چڪي آهي.

شبير حسين اهو پڻ ٻڌايو ته ”اسان ڪراچيءَ کان 6 سو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع گھوٽڪي ضلعي جي پوئتي پيل علائقي مير خان گبول ڳوٺ جا رهواسي آهيون. اسان وٽ اهڙو ڪو حيلو وسيلو نه آهي جو پيئڻ لاءِ صاف پاڻي حاصل ڪري سگھئون جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڳوٺ جا 98 سيڪڙو ماڻهو معدي ۽ جگر جي بيمارين ۾ ورتل آهن. جڏهن ته ڳوٺ جا 80 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سيءَ جو شڪار آهن.

شبير حسين گبول جو چوڻ هو ته سال 2014 دوران سندن ڳوٺ مير خان گبول ۾ هڪ طبي ڪيمپ لڳي هئي ان جي نتيجي ۾ خبر پئي ته ڳوٺ جي رهواسين کي اهي بيماريون لڳي چڪيون آهن. ”اهو صرف اسانجي ڳوٺ جو ئي مسئلو نه آهي گھوٽڪي ضلعي جي ته لڳ ڀڳ سمورن ڳوٺن جا ماڻهو اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن“.

شڪارپور سان تعلق رکندڙ وڪيل شهاب اوستو پاران داخل ڪرايل درخواست تحت سپريم ڪورٽ پاران سنڌ صوبي ۾ پيئڻ واري پاڻيءَ جي فراهمي توڙي گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين سهولتن ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين جي جاچ خاطر ڊسمبر 2016 ۾ ”عدالتي جاچ ڪميشن“ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هيو.

اٺن هفتن تائين جاچ ڪرڻ کانپوءِ عدالتي ڪميشن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سموري سنڌ ۾ پاڻيءَ جو هڪ به فلٽر ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪارائتو ناهي رهيو. جڏهن ته 75 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ماڻهو گدلو پاڻي پيئن ٿا ۽ شهري آبادين توڙي صنعتن جي گندي پاڻيءَ کي عربي سمنڊ، درياءِ سنڌ ۽ ان مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو.

رپورٽ ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته پيئڻ لاءِ گدلو پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گندي پاڻيءَ جي مناسب نيڪال نه ٿيڻ سبب صوبي اندر پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيماريون تيزيءَ سان ڦهلجي رهيون آهن.

پاڪستان ميڊيڪل رسرچ ڪائونسل پاران 2007-08 ۾ ڪرايل هڪ اڀياس جيڪو 2015 ۾ ”ايشين پيسيفڪ جرنل آف ٽراپيڪل بائيوميڊيسن“ ۾ شايع ٿيو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي اندر هيپاٽائيٽس بي ۽ سيءَ جي ڦهلاوَ ۾ ترتيبوار 2.5 سيڪڙو ۽ 05 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان کان علاوه صوبي جي 35 ملين ماڻهن تي ٻڌل آباديءَ مان 02 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سيءَ ۾ ورتل آهن.

جنرل فزيشن ڊاڪٽر اجيت ڪمار چيو ته، هيپاٽائيٽس اي ۽ بي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون آهن جيڪي گھڻي ڀاڱي گدلي پاڻيءَ ۽ غيرمعياري کاڌو کائڻ سبب ٿين ٿيون. اجيت ڪمار وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي ڇو ته گدلو پاڻي واپرائيندڙ صوبي جي مکيه آباديءَ وارن علائقن جي ماڻهن کي هيپاٽائيٽس جي مرض ٿيڻ جو خدشو موجود آهي.

جهڙيءَ ريت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي واٽر سپلاءِ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين سهولتن جو حال برو آهي ۽ صوبي جي اسپتالن اندر علاج جون سهولتون به اطمينان جوڳيون نه آهن. پيئڻ واري پاڻيءَ جي فراهميءَ جي حوالي سان جيڪڏهن صورتحال ايئن ئي خراب رهي ته پوءِ صوبي جي مختلف حصن ۾ ڪالرا، ڊائريا، ٽائفائيڊ ۽ هيپاٽائيٽس جون بيماريون وبائي صورت ۾ ڦهلجڻ واري خدشي ۾ شدت اچي سگھي ٿي.

هيپاٽائٽس ڪنٽرل پروگرام جي سربراهه ڊاڪٽر ولي محمد لغاريءَ نيولينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني ته ”سنڌ حڪومت پاران 2009 کان صوبي اندر هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن انهيءَ موذي مرض جو شڪار ٿيندڙ مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪجن. انهيءَ پروگرام تحت 2009 کان 2017 تائين صوبي جي لڳ ڀڳ 86 لک ماڻهن کي بيماريءَ کان بچاءَ وارا ٽُڪا لڳايا ويا آهن“.

پبلڪ هيلٿ سان لاڳاپيل معاملن بابت ڄاڻ رکندڙ ڊاڪٽر فوزيه وقار جو چوڻ هو ته ”هيءَ خوف ڏيارڻ واري صورتحال آهي ڇو ته صوبي اندر وڏي پئماني تي گدلو ۽ خراب معيار وارو پاڻي واپرايو پيو وڃي. مختلف قسمن واريون هيپاٽائيٽس جون بيماريون پاڻيءَ جي ڪري ئي ٿينديون آهن. جيتوڻيڪ اهي بيماريون موتمار نه آهن ۽ مناسب علاج بعد ماڻهو صحتمند ٿي سگھي ٿو پر جيڪڏهن مستقل طور تي گندو پاڻي واپرايو ويندو ۽ ماڻهو غيرمعياري کاڌو کائيندا رهندا ته پوءِ اهي بيماريون ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن ۽ ان صورت ۾ سندن زندگي جو ڏيئو اجھائجي ويندو آهي“.

ڊاڪٽر فوزيه وقار جي راءِ آهي ته حڪومت کي انهيءَ معاملي تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ ماڻهن کي پيئڻ خاطر صاف ۽ صحتمند پاڻي مهيا ڪرڻ گھرجي ته جيئن شهرين کي ڪالر، ڊائريا، نمونيا ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ ٻين بيمارين کان بچائي سگھجي. ٿر ۾ ته اهي بيماريون پهريان ئي گھڻيون ڦهليل آهن ڇو ته اتي پاڻي خود هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي“.

سنڌ جو صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو طبي ماهرن جي اهڙي موقف سان اتفاق نه ٿو ڪري ۽ سندس موقف آهي ته ”هيپاٽائيٽس اي ۽ بي موتمار بيماريون نه آهن ۽ انهن بيمارين جي وبائي صورت ۾ ڦهلجڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. سنڌ حڪومت عدالتي ڪميشن پاران ڏنل هدايتن جي مڪمل پوئواري ڪري رهي آهي ۽ انهن هدايتن آڌار ويجهي مستقبل ۾ سنڌ صوبي جي سمورن شهرن ۾ پيئڻ واري صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي“.

هن اهو پڻ چيو ته صوبي اندر 2009 کان هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام تحت مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ موثر انداز سان ڪم ٿي رهيو آهي ان سان گڏ ئي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ بابت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هيپاٽائيٽس اي ۽ بيءَ جي مريضن جي انگ ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي.

صوبائي وزير جي اهڙي موقف باوجود سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ وڪيل شهاب اوستو جو چوڻ آهي ته ”پاڻيءَ جي فراهميءَ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين رٿائن ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ خردبرد سان گڏ خراب انتظامي عملداري ٻه اهم سبب آهن جن جي ڪري سنڌ صوبي جي مکيه شهرن ۾ گدلو ۽ غيرمعياري پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي“.

عدالتي جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيل آهي ته گذريل پنجن سالن دوران صوبائي حڪومت جي اختيارين پاران پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين 1337 رٿائين خاطر 29 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ايتري خرچ باوجود 1337 رٿائن مان پاڻيءَ جي فراهميءَ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال واريون 582 رٿائون غيرفعال آهن.

عدالتي ڪميشن پاران پنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته ڪراچيءَ اندر اهڙو ڪو متحرڪ نظام نه آهي جنهن وسيلي انسانن پاران پيدا ٿيندڙ ۽ صنعتن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي مناسب انداز سان ٺڪاڻي لڳائي سگھجي. شهري آبادين جو گندو ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي بغير ڪنهن ٽريٽمينٽ جي سمنڊ اندر ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. درياءِ سنڌ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۾ به شهرن جو گندو ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو.

سنڌ انوائرنمينٽل ايجنسيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل بقاءُ الله انڙ نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته صرف ڪراچي شهر ۾ 10 هزار رجسٽرڊ صنعتون هلي رهيون آهن ۽ اهڙو ڪو به موثر انتظام ٿيل نه آهي جنهن وسيلي فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ گندي پاڻيءَ جو اثر گھٽائي سگھجي ۽ هڪ اندازي موجب شهري آبادين توڙي صنعتن مان نڪرندڙ 5 سو گيلن گندو ۽ زهريلو پاڻي روزانو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي.

Leave a Reply