ڪراچي (شوڪت ڪورائيءَ وٽان) 13 سالن جي نينگري نيلم ڪولهيءَ کي 2014 ۾ ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڪوٽ غلام محمد مان اغوا ڪيو ويو. اغوا ڪندڙن سندس مذهب زبردستي تبديل ڪندي کيس مسلمان ڪيو ۽ پوءِ ساڻس جنسي ڏاڍائي پڻ ڪئي وئي. نيلم ڪولهيءَ کي اغوام ڪرڻ وارن جو تعلق علائقي جي با اثر مسلمان خاندان سان آهي جن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي ان ڪري نه ٿي سگھي ڇو ته سنڌ ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ واري ڏوهه بابت ڪو به قانون موجود نه آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نيلم جي پيءُ نِيمون ڪولهيءَ ٻڌايو ته سندس ڌيءُ کي ڳوٺ مان اغوا ڪيو ويو ۽ سندن سخت احتجاج کانپوءِ جڏهن عدالت فيصلو ڏنو ته ان بعد ئي هن کي اباڻي گھر اچڻ ڏنو ويو.

پاڪستان ۾ وسندڙ اقليتن ۾ هندن جو تعداد ٻين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان گھڻو آهي. هندن جي هڪ وڏي اڪثريت سنڌ جي ڏاکڻين علائقن ۾ آباد آهي ۽ کين ان شديد تڪليف کي منهن اڪثر ڏسڻو پوي ٿو جيڪا کين، سندن نوجوان نياڻيون اغوا ڪري انهن جو مذهب زبردستي تبديل ڪري سندن شادي ڪنهن مسلمان مرد سان ڪرائي وڃي ٿي.

هندو برادريءَ جي پورهيت طبقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم پاڪستان هندو ڪائونسل جي اڳواڻ هوتچند نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جنوري 2016 کان هن وقت تائين لڳ ڀڳ 3 سو هندو ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي اغوا ڪري سندن مذهب زبردستي تبديل ڪرايو ويو آهي.

هوتچند واضح ڪيو ته سندس تنظيم وٽ باضابطه طور تي ته ڪي انگ اکر موجود نه آهن پر کين اهڙن واقعن جو اطلاع پنهنجي برادريءَ جي انهن ماڻهن پاران ڏنو وڃي ٿو جيڪي اهڙن واقعن سبب متاثر ٿين ٿا. اهڙي نوعيت جي اغوا وارن 99 سيڪڙو واقعن ۾ هندو ڇوڪرين جو مذهب زبردستي تبديل ڪندي کين مسلمان ڪيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته، سرڪاري ادارن جي انتظاميا پاران اهڙن واقعن متعلق ڪو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويندو ڇو ته اهڙو ڪو قانون ئي موجود نه آهي جنهن تحت اهڙن واقعن کي روڪي سگھجي.

سنڌ اهو پهريون صوبو آهي جتي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل خلاف قانونسازي ڪرڻ لاءِ وک اڳتي وڌائي وئي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري غلام فاروق ٻرڙو نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته گذريل هڪ سال کان انهيءَ معاملي متعلق قانون جو مسودو منظوريءَ خاطر سنڌ اسيمبليءَ ۾ التويٰ هيٺ پيل آهي. اهو بل ڇهن مهينن کان به وڌيڪ وقت تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽين پاران جائزو وٺڻ واري عمل مان گذرندو رهيو آهي.

پاڪستان هندو ڪائونسل ۽ ٻين مذهبي اقليتن پاران اهڙي قانونسازيءَ جي آجيان ڪندي مطالبو ڪيو پيو وڃي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ ۾ تيزي آڻيندي ڄاڻايل بل ترت منظور ڪيو وڃي. اهو بل اقليتن لاءِ مخصوص سيٽ تي چونڊيل سنڌ اسميبليءَ جي ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻيءَ پاران پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق مخالف ڌر جي پارٽيءَ سان آهي.

نيوز لينز پاڪستان کي نند ڪمار ٻڌايو ته سنڌ اسيمبليءَ جي قانون ۽ اقليتن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي انهيءَ بل جو جائزو وٺي رهي آهي، کيس اميد آهي ته ڪاميٽي جلد مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏيندي.

انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديويءَ پاران ڪجهه وقت اڳ 500 هندو ڇوڪرين جو مذهب تبديل ڪرڻ متعلق ”مذهب جي جبري تبديلي؛ ۽ ان جا سبب“ جي عنوان سان تحقيق ڪئي وئي. انهيءَ تحقيقي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو هندو ڇوڪرين جو مذهب زبردستي تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ڇوڪرين پيار جي شادي ڪرڻ خاطر مذهب رضا خوشيءَ سان تبديل ڪيو.

ڪلپنا ديويءَ جو چوڻ هو ته سنڌ جي اتر ۽ ڏکڻ اولهه وارن علائقن ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا. هندو ڇوڪرين جي اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي گھڻو ڪري با اثر مذهبي ڌرين ۽ وڏيرن جي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي اهو ئي سبب آهي جو ڏوهه ڪرڻ باوجود اهڙن ماڻهن کي قانون مطابق سزا به ناهي ملندي.

ڪلپنا ديويءَ پاران ڪيل تحقيق مطابق، اغوا ڪيل هندو ڇوڪرين کي انتهائي خراب حالتن ۾ رکيو وڃي ٿو. ڪجهه سال اڳ لاڙڪاڻي مان اغوا ڪيل هڪ هندو ڇوڪريءَ کي مسلمان ڪيو ويو. ان بعد هن کي ٽي ڀيرا مختلف ماڻهن وٽ وڪرو ڪيو ويو. انهيءَ ڇوڪريءَ جو چوٿون ۽ آخري ڀيري وارو وڪرو سندس والدين کي ڪيو ويو جن بعد ۾ کيس ڀارت اماڻي ڇڏيو.

جبري مذهب مٽائڻ خلاف تيار ڪيل بل جي مسودي مطابق، ڪو به شخص جيڪڏهن ڪنهن ٻئي شخص جو زبردستي مذهب تبديل ڪندو ته کيس گھٽ ۾ گھٽ 5 سال قيد ۽ وڌ ۾ وڌ عمر قيد جي سزا ڏني ويندي. جڏهن ته اهڙو ڏوهه ڪرڻ واري فرد مٿان ڏنڊ پڻ رکيو ويندو جيڪو متاثره شخص کي ادا ڪيو ويندو، اهو ڏنڊ ڪيترو هوندو ان جي ڪٿ سنڌ اسميبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ پاران ڪئي ويندي.

مذهب جي زبردستي تبديلي جنهن پاران به ڪئي ويندي، ڪرائي ويندي، ان بابت هدايتون ڏنيون وينديون يا اهڙي عمل بابت مدد مهيا ڪئي ويندي اهڙي ڏوهه ۾ ملوث کي پڻ 3 سال قيد جي سزا ڏئي سگھبي. بل ۾ اهو نقطو پڻ شامل ڪيو ويو آهي ته 18 سالن کان گھٽ عمر واري فرد جو مذهب تبديل ڪرڻ ڏوهه هوندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ والدين ۽ ٻار جا نگهبان اهو فيصلو ڪري سگھندا ته 18 سالن کان گھٽ عمر واري جو مذهب تبديل ڪيو وڃي يا نه.

ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻيءَ ٻڌايو ته بل ۾ اهي شقون شامل ڪيون ويون آهن ته جيئن ئي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وارو ڪو واقعو پيش ايندو ته پوليس متاثره شخص کي تحويل ۾ وٺي سگھندي ۽ 24 ڪلاڪن اندر انهيءَ شخص کي عدالت آڏو پيش ڪرڻو هوندو ۽ عدالت اهڙي عمل جي باقاعده ٻڌڻي ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪندي جنهن ۾ ستن کان وڌيڪ ڏينهن جي وِٿي نه ڏني ويندي.

بل جي مسودي مطابق، جيڪڏهن متاثر ٿيندڙ شخص يا جوبدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ممڪن نه هوندو ته پوءِ انهن فردن کي ويجهي شيلٽر هائوس يا پوليس ٿاڻي ۾ تحفظ هيٺ رکيو ويندو. جڏهن ته انهيءَ معاملي بابت ڪيس جو فيصلو 90 ڏينهن ۾ ڪرڻ جي شق پڻ بل جي مسودي ۾ شامل ڪيل آهي. نِند ڪمار دعويٰ ڪئي ته سمورين سياسي ۽ مذهبي ڌرين انهيءَ بل جي آجيان ڪئي آهي.

جامعه بنوريه جي سربراهه ۽ مذهبي عالم مفتي محمد نعيم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته کيس بل جو مسودو ناهي مليو پر مسلمان انهيءَ بل جي آجيان ڪندا ڇو ته اسلام مذهب جي زبردستي تبديليءَ جي مذمت ڪري ٿو.
ياد رهي ته تازو ئي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جا ٻه واقعا تمام گھڻو مشهور ٿيا، انهن واقعن مطابق رِنڪل ڪماري، ڊاڪٽر لتا ۽ انجلي ميگھواڙ نالي 3 هندو ڇوڪريون پنهنجي گھرن مان غائب ٿي ويون ۽ انهن ڇوڪرين جي وارثن الزام لڳايو ته سندن نياڻين کي اغوا ڪري سندن مذهب زبردستي تبديل ڪيو ويو آهي. اهي واقعا وڏي اهميت حاصل ڪري وٺڻ وارا ڪيس بڻجي پيا جيڪي سپريم ڪورٽ تائين پڻ پهتا. ڪيسن جي ٻڌڻيءَ دوران رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا سپريم ڪورٽ آڏو بيان ڏنا ته هنن پنهنجيءَ مرضيءَ سان اسلام قبوليو آهي.

جڏهن ته سندن والدين پاران الزام لڳايو ويو ته، ڇوڪرين مٿان تمام گھڻو دٻاءُ وڌو ويو هيو ۽ کين بيان تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. جڏهن ته ٽين ڇوڪري انجلي ميگھواڙ جي عمر 18 سالن کان گھٽ هئي ۽ جيئن ته پاڪستان جو قانون چوي ٿو ته 18 سالن کان گھٽ عمر وارو فرد نابالغ هجي ٿو ان ڪري ان جي شادي نه ٿي، ٿي سگھي، جنهن جي ڪري انجليءَ کي رياست جي انتطام هيٺ هلندڙ شيلٽر هائوس ۾ منتقل ڪيو ويو.

پاڪستان هندو ڪائونسل جي اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته ٽنهي ڇوڪرين جو مذهب جبري انداز سان تبديل ڪيو ويو. جن ڇوڪرين جو مذهب تبديل ٿيو انهن کي اغوا ڪيو ويو ۽ کين ڪيترن مهينن تائين اڪيلائيءَ ۾ قيد رکيو ويو. ڇوڪرين ۽ سندن وارثن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهڙين ڌمڪين جا اثر ڇوڪرين جي بيانن تي پيا.

رنڪل ڪماريءَ جي مامي راج ڪمار ونجارا، جنهن پنهنجي ڀاڻيجيءَ جو ڪيس وڙهيو ان جو چوڻ هو ته، موتمار ڌمڪيون ملڻ بعد سندس سڄو خاندان انڊيا هليو ويو آهي هتي هو اڪيلو رهجي ويو آهي ۽ ڪراچيءَ لڏي آيو آهي. زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ وارن اهڙن واقعن جي خوف ۽ امڪان سبب ئي هندو خاندان وڏي تعداد ۾ ڀارت لڏي وڃي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي ته ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر پوءِ به سندن نياڻي بازياب ناهي ڪرائي وئي. جڏهن ته سندن برداريءَ جي ٻين نياڻين سان به اهڙا ئي ڪلور ڪيا پيا وڃن.
ٻين علائقن کان علاوه ڪراچي پڻ اهڙو شهر آهي جتي ڪيترين ئي هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري سندن مذهب زبردستي تبديل ڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.

وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل ۽ پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ڪارڪن ايڊووڪيٽ موٽُو مل امر ناٿ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ظلم جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين جا وارث اهڙن واقعن جو ڪيس با اثر ماڻهن خلاف داخل ڪرائڻ کان لنوائيندا آهن ڇو ته نياڻيءَ جي اغوا کانپوءِ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي احتجاج ڪرڻ يا دانهون ڪوڪون ڪرڻ کان به روڪيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ظلم جو شڪار بڻجندڙ مجبوريءَ ۾ خاموش رهندا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here