ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ پاران زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف جنهن قانون جي منظوري ڏني وئي آهي، پاڪستان جون مذهبي سياسي پارٽيون، پابندي مڙهيل گروپ ۽ انتهاپسند قوتون ان قانون جي سخت مزاحمت ڪرڻ لڳيون آهن. قانون ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته جنهن فرد مٿان زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيندو ته ان کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سال توڙي عمر قيد جي سزا ڏيڻ سان گڏ مٿس ڏنڊ پڻ وڌو ويندو جيڪو متاثر ٿيل شخص کي ادا ڪيو ويندو، ڏنڊ جي ڪا به حد مقرر ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته ان ڏوهه جي سهولتڪار کي ٽي سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگھبي.

”سنڌ ڪرمنل پروٽيڪشن ايڪٽ 2015“ نالي اهو بل جيڪو ڪافي وقت کان منظوري ملڻ جي انتظار ۾ پيل هيو، پاڪستان جي ڏاکڻي صوبي سنڌ جي اسيمبليءَ 24 نومبر 2016 واري ڏهاڙي آخرڪار اتفاق راءِ سان ان جي منظوري ڏيندي ان کي قانون طور لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. هن قانون تحت نابالغ شهري پنهنجي مرضيءَ سان به پنهنجو مذهب مٽائي نه سگھندو اهڙي خواهش جي پورائي خاطر کيس پنهنجي عمر 18 سال ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو.

اهو قدم مذهبي اقليتن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي مطالبي تي کنيو ويو آهي. جڏهن ته قانون جي منظوريءَ واري قدم کي انساني حقن جي تنظيمن، لبرل قوتن ۽ سياسي اشرافيه پاران ساراهيو ويو. مخالف ڌر جي مذهبي پارٽين، پابندي مڙهيل مذهبي گروپن ۽ انتهاپسند عنصرن پاران انهيءَ قانون خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ انهيءَ قانون کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويوآهي.

انجلي ڪماري ميگھواڙ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري سندس مذهب زبردستي تبديل ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو. 2014 ۾ انهيءَ ڇوڪريءَ جي شادي سنڌ صوبي جي هڪ ننڍڙي شهر ڏهرڪيءَ جي مسلمان نوجوان سان ڪئي وئي. جيئن ته انجلي نابالغ هئي ان ڪري عدالت اهو فيصلو ڏنو ته کيس شيلٽر هائوس ۾ رکيو وڃي.

ڇوڪريءَ جي پيءُ ڪندن ڪمار ميگھواڙ صوبي جي نئين قانون جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف هن قانون جي مدد سان ايترو ضرور ٿيندو جو سندن ٻارڙا محفوظ رهي سگھندا. نئون قانون اقليتن لاءِ اميد جو نئون ڪرڻو آهي. اميد آهي ته جنهن خراب تجربي مان هوگذريو آهي ٻيا اهڙي عمل کان محفوظ رهي سگھندا.

نئين قانون تحت، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جي تشريح ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته دٻاءُ وجهڻ، زبردستي ڪرڻ، ڊيڄارڻ يا ڌمڪائڻ، جسماني حراسان ڪرڻ، جذباتي ڪرڻ يا نفسياتي اثر وجهي هڪ فرد کي پهريان وارو مذهب ڇڏي ٻيو مذهب اختيار ڪرڻ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ هوندو.

انهيءَ قانون تحت صوبي ۾ خصوصي عدالتون ۽ ڪميشن قائم ڪئي ويندي. اهڙي نوعيت جي ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ قائم ٿيندڙ عدالتن کي هڪ ڪيس 90 ڏينهن جي وقت اندر اڪلائڻو هوندو جڏهن ته ڪميشن قانون جي سمورن رخن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندي.

نئين منظور ٿيل قانون تحت بالغ شهرين کي، هنن پاران مذهب جي تبديليءَ متعلق ڪيل ذاتي فيصلي جو جائزو وٺڻ لاءِ 21 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو جڏهن ته نابالغ شهري پنهنجو مذهب تبديل نه ڪري سگھندا. ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن نئين قانون جي آجيان ڪئي آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ”سنڌ اسيمبليءَ جا قانونساز زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي روڪٿام بابت قانون کي اتفاق راءِ سان منظور ڪرڻ تي تعريف جا مستحق آهن“.

هن واعدو ڪيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ساڳئي قسم جو قانون باقي ٽنهي صوبن ۾ اقتدار ۾ اچڻ بعد اتي به منظور ڪرائيندي.

جون 2016 ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران مذهبي معاملن متعلق سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ کي پهريان ئي اسلامي اصولن جي ابتڙ عمل قرار ڏئي چڪي آهي.

پيپلزپارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سينيٽر گيان چند جو چوڻ هو ته هو مسلسل اڳتي وڌي رهيا آهن پر هو نه ٿو سمجهي ته نئين قانون جي مدد سان زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ واري عمل کي آسانيءَ سان روڪي سگھبو. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ ايترو ضرور ٿيو آهي ته زبردستي مذهب مٽائڻ واري ڪڌي عمل کي روڪڻ لاءِ هڪ قانون موجود آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ اسميبليءَ هڪ يادگار ڪم ڪيو آهي.

مذهبي سياسي پارٽين، پابندي مڙهيل گروپن ۽ انتهاپسند تنظيمن پاران انهيءَ قانون جي سخت مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته قانون واپس ورتو وڃي. بندش پيل تنظيمن ۽ مذهبي پارٽين ۾ اهل سنت والجماعت، جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام (ف) ۽ ٻين پاران 26 نومبر واري ڏهاڙي سڄي ملڪ ۾ ان قانون خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته ان قانون کي لاڳو نه ڪيو وڃي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي پاڪستان هندو ڪائونسل جي ترجمان هوتچند چيو ته قانون خلاف ٿيل احتجاج سبب اقليتن ۾ ڳڻتيءَ ۽ خوف جي لهر ڦهلجي وئي آهي. بندش پيل تنظيمون ماضيءَ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث رهيون آهن ان ڪري سندن برداريءَ ۾ خوف جو ڦهلجڻ فطري امر آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ وارن واقعن جا حتمي انگ اکر موجود نه آهن پر پاڪستان هندو ڪائونسل جو اندازو آهي ته هلندڙ سال جي پهرين اڌ دوران گھٽ ۾ گھٽ 3 سو ڇوڪرين يا عورتن جو زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي.

زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف قانون جو مسودو اقليتن لاءِ مخصوص سيٽ تي چونڊجي آيل ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻيءَ پاران هڪ سال اڳ سنڌ اسميبليءَ جي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. انهيءَ بل جي مخالفت ۽ احتجاج ٿيڻ بعد نند ڪمار پنهنجون سرگرميون پنهنجي گھر تائين محدود ڪري ڇڏيون آهن. نيوز لينز پاڪستان طرفان هن سان جڏهن ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو ته هن قانون خلاف ٿيندڙ احتجاج متعلق پنهنجي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

انساني حقن جي مشهور ڪارڪن عاصمه جهانگير نئين قانون جي مخالفت ڪرڻ وارن جي مذمت ڪندي چيو ته زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري حوالي سان انتهاپسند ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث رهندا آيا آهن، انهن جي عادت آهي ته هر ان مثبت عمل جي مخالفت ڪندا رهن جيڪو عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ٿيندو هجي. عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته مذهبي پارٽين جي اهڙن عملن سبب پاڪستان جي ساک کي عالمي سطح تي تمام گھڻو ڇيهو رسندو رهيو آهي.

سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ کي اهو اختيار حاصل آهي ته اها بنيادي انساني حقن جي لتاڙ کي روڪڻ خاطر قانونسازي ڪري. جيڪي ڌريون نئين قانون جي مخالفت ڪري رهيون آهن انهن کي گھرجي ته هو پهريان عوام جي ووٽن سان چونڊجي اچن ۽ اسيمبليءَ ۾ پهچڻ  بعد قانون کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر سڪندر اهو پڻ چيو ته نئون قانون ڪنهن به قيمت تي واپس نه ورتو ويندو. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن جو به مذهب زبردستي تبديل نه ڪيو وڃي ۽ نئون قانون اهڙي عمل کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

نئين قانون خلاف ٿيندڙ احتجاج متعلق پنهنجو جواب محتاط انداز سان ڏيندي سينيٽر گيانچند چيو آهي ته ”اهو حق هر هڪ کي حاصل آهي ته اهو ڪنهن به معاملي متعلق پنهنجي راءِ بيان ڪري“.

مشهور مذهبي عالم مفتي نعيم الرحمان ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته نابالغ فرد کي مذهب تبديل ڪرڻ جو حق نه ڏيڻ غلط آهي. هنن ٻنهي جي راءِ مطابق، نئون قانون قرآن ۽ سنت جي تعليم جي برخلاف آهي. انهن ٻنهي مذهبي شخصيتن پاران مطالبو ڪيو ويو ته اهو قانون فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

مفتي نعيم الرحمان ۽ راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته الله جي آخري پيغمبر جي ڪيترن ئي اصحابين جن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه به شامل آهن، انهن 18 سالن کان گھٽ ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيو هيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here